Home / سنڌ افيئر / هڪ پورهيت جو تشدد وسيلي قتل: بدين ۾ پوليس گردي!
above article banner

هڪ پورهيت جو تشدد وسيلي قتل: بدين ۾ پوليس گردي!

الهه بچايو جمالي

Allah Bachayo Jamali

سنڌ جي اڳوڻي آءِ جي اي ڊي خواجه جي اصلاحي قدمن ۽ سپريم ڪورٽ جي سخت حڪمن جي باوجود سنڌ جي پوليس ۾ ڪا تر جيتري به تبديلي نه آئي آهي، پوليس جا ٿاڻا ساڳئي نموني گهاڻا بڻيل آهن. سنڌ جا اٽڪل سمورا جيل اصلاح گهر بڻجڻ بدران عقوبت خانا آهن جتي ڪيترن ئي بي گناهه ماڻهن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ٿاڻن، لاڪ اپن ۽ جيلن ۾ رشوت وٺڻ لاءِ انهن تي غير انساني تشدد ڪيو وڃي ٿو، ڪوڙا پوليس مقابلا ڪري ان کي مقابلن جو رنگ ڏيئي ڪيترن ئي بي گناهه ماڻهن کي گوليون هڻي قتل ڪيو وڃي ٿو. گذريل ڪجهه سالن کان سنڌ پوليس طرفان ئي “فل فراءِ” ۽ “هاف فراءِ” جا غير قانوني غير انساني وحشتناڪ بدنام زمانه اصطلاح متعارف ڪرايا ويا، جنهن تحت فل ڦراءِ ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته ملزم کي گوليون هڻي ٿڏي تي ماري ڇڏڻ ۽ هاف فراءِ ڪرڻ جو مطلب آهي ته مبينا طور ڪنهن به ماڻهو کي ٽنگن ۾ گوليون هڻي ايتري قدر ان جون ٽنگون ڀڃي ان شخص کي معذور ڪيو وڃي جو اهو سڄي حياتي پنهنجي پيرن سان هلي نه سگهي. پوليس جي اهڙين ڪاررواين ۽ جڙتو مقابلن ۾ گذريل ڪجهه سالن دوران سوين ماڻهو بيدردي سان قتل ۽ معذور ڪيا ويا جنهن ۾ ڪجهه ڏوهارين سان گڏ وڏو تعداد بيگناهه ماڻهن جو هو، پوليس جي درندگي جو نشانو بڻجندڙ انهن سوين ماڻهن جو ڪو به داد فرياد نه ٿيو، ڪا به اعليٰ سطح جي عدالتي تحقيقات نه ڪئي ويئي، پوليس جي تحويل ۾ وحشياڻي تشدد وسيلي ماڻهن جي مارجڻ جا واقعا پڻ نه گهٽيا آهن. تازو 3 جنوري 2019ع تي بدين ٿاڻي تي پوليس جي تشدد ۾ قتل ٿيل کور واهه جي هڪ انتهائي مسڪين، پيرسن علي محمد خاصخيلي وارو واقعو ان جو هڪ تازو مثال آهي.

رپورٽ موجب اهو لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن مقتول پيرسن علي محمد جنهن جي هڪ غريب پورهيت نوجوان پٽ تقي خاصخيلي کي واقعي واري ڏينهن کان اٽڪل چار ڏينهن اڳ پي ايس کورواهه جي پوليس ۽ اسپيشل برانچ بدين جي هڪ پوليس آفيسر جي اڳواڻي ۾ بدين پوليس جي اٽالي ڪنهن وڏي خطرناڪ ڏوهاري جيان کورواهه شهر مان کنڀي گم ڪري ڇڏيو، واقعي واري ڏينهن پنهنجي پٽ جي ڳولا ڪندي فوتي علي محمد ماڊل ٿاڻي بدين تي پهتو جتي هن پوليس کان پنهنجي ڳڀرو پٽ جي پڇا ڪئي ته اهو ڪٿي آهي؟ مونکي پنهنجي پٽ سان ملاقات ڪرايو، بدين ٿاڻي جي پوليس مبينا طور تي پيرسن چاچا علي محمد کي پنهنجي ڳڀرو پٽ تقي سان ملاقات اهڙي ته سفاڪي سان ڪرائي جو فوتي پيرسن ٿاڻي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو. بدين پوليس جي اهلڪارن ان ڏينهن علي محمد جي ملاقات پنهنجي پٽ سان ڪرائڻ بدران موت سان ڪرائي ڇڏي، اهڙو اطلاع ملڻ تي فوتي جا وارث ٿاڻي تي پهتا جتان انهن فوتي جو لاش کڻي گولاڙچي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو جنهن احتجاجي ڌرڻي ۾ عورتون ۽ ننڍا معصوم ٻار پڻ شامل هئا. ٻئي ڏينهن کور واهه شهر ۾ پڻ شٽر ڊائون هڙتال ڪري ڌرڻو هڻي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اهڙي احتجاج بعد کنڀي گم ڪيل گاڏين جي ڊرائيور تقي خاصخيلي کي بدين پوليس جا اهلڪار رات جو زخمي حالت ۾ کور واهه لڳ ڪڙيو گهنور روڊ تي گاڏي مان لاهي اڇلائي ويا، سخت زخمي ٿيل پورهيت تقي خاصخيلي ميڊيا کي ٻڌايو ته آئون بيگناهه آهيان، مونکي پوليس کور واهه شهر مان کنڀي سي آءِ اي سينٽر بدين جي عقوبت خاني ۾ وڃي قيد ڪيو، جتي سي آءِ اي پوليس مون تي بي انتها تشدد ڪيو، فوتي پيرسن علي محمد جي پوليس تشدد ۾ فوت ٿيڻ واري واقعي کان چار ڏينهن اڳ تقي کي کور واهه پوليس منشيات فروشي جي ڪوڙي الزام ۾ کور واهه شهر مان کنڀي سي آءِ اي پوليس جي حوالي ڪيو. وارثن طرفان کنڀي گم ڪيل نوجوان جي پڇا ڪرڻ تي کور واهه پوليس بدين پوليس ۽ سي آءِ اي پوليس پيش آيل دردناڪ واقعي واري ڏينهن تائين کنڀي گم ڪيل پورهيت تقي خاصخيلي جي گرفتاري کان انڪار ڪندي رهي. واقعي واري ڏينهن فوتي جي وارثن پريس ڪلب گولاڙچي اڳيان لاش رکي سخت احتجاج ڪيو، پوليس خلاف ڪيل ان احتجاج ۾ فوتي جون نياڻيون ۽ ٻيون عورتون پڻ شامل هيون. ان موقعي تي ساجده، جنت، صديق ۽ ٻين فوتي جي وارثن بدين پوليس خلاف الزام هڻندي چيو ته پوليس پهرين نووجان تقي کي کنڀي گم ڪيو، بدين ماڊل ٿاڻي تي پنهنجي پٽ جي پڇا ڪرڻ لاءِ ويندڙ پيرسن پيءُ کي پوليس وحشياڻي تشدد وگهي قتل ڪري ان جو لاش اسانکي واپس ڪيو آهي. پوليس اسان غريبن سان وڏو ظلم ڪيو آهي، پوليس نه مقتول جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائي ٿي ۽ نه ئي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي ٿي.

واقعي خلاف 4 جنوري تي کور واهه شهر ۾ مڪمل طور تي شٽربند هڙتال ڪري سوين شهرين فوتي جي وارثن سان گڏجي فوتي جي لاش جو پوسٽ مارٽم نه ڪرڻ ۽ قاتل جوابدارن خلاف قتل جو ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف کور واهه چوڪ بس اسٽاپ تي لاش رکي ڌرڻو هڻي کورواهه، ڪراچي، بدين روڊ ۽ کور واهه، جاتي روڊ سميت سمورا روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا. بعد ۾ ايس ايس پي بدين ڪن مقامي سياسي سماجي اڳواڻن جي مدد سان انصاف جي خاطري ڪرائڻ ۽ ڊي ايس گولاڙچي جي ڪوشش سان ڌرڻو ختم ڪرايو ويو. ايس ايس پي بدين ۽ ڊي ايس پي گولاڙچي، جن فوتي پورهيت جو قتل ڪيس داخل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي پوليس خلاف لڳل ڌرڻو ختم ڪرايو هو پر ڌرڻو ختم ٿيڻ بعد جڏهن فوتي جا وارث اسپتال مان لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جو ليٽر حاصل ڪرڻ لاءِ پي ايس کورواهه تي پهتا ته ايس ايڇ او چيو ته اهڙو ليٽر پي ايس گولاڙچي تان ملندو. فوتي جامظلوم وارث لاش کڻائي تعلقي اسپتال گولاڙچي پهتا، اسپتال جي انتظاميا چيو ته پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ گولاڙچي پوليس کان ليٽر وٺي اچو، وارث اهڙي ليٽر لاءِ گولاڙچي ٿاڻي تي پهتا پر گولاڙچي پوليس ليٽر ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته پيرسن بدين ٿاڻي تي فوت ٿيو آهي، انڪري پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جو ليٽر پڻ بدين پوليس کي ئي ڏيڻو آهي، اسين اهڙو ليٽر ڇو ڏيون؟ گولاڙچي ٿاڻي ۽ اسپتال تان کتو جواب ملڻ بعد فوتي جا وارث لاش کڻائي هڪ خانگي اداري انڊس حوالي ڪيل سول اسپتال بدين ۾ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ پهتا جتي پڻ انڊس اسپتال جي انتظاميا پوليس جي ليٽر کانسواءِ لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان انڪار ڪيو جنهن بعد فوتي جا وارث جن سان عورتون پڻ گڏ هيون اهي انڊس اسپتال مان لاش واپس کڻي ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ بدين ۽ ماڊل ٿاڻي جي اڳيان باءِ پاس روڊ تي فوتي جو لاش رکي ڌرڻو هڻي انڌي قانون ۽ انڌي انصاف خلاف دانهون ڪرڻ لڳا جنهن بعد بدين پوليس نيٺ آخر مجبور ٿي انڊس سول اسپتال بدين مان فوتي جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جو ليٽر ڏنو جيڪو ليٽر کڻي فوتي جا مسڪين ۽ مظلوم وارث وري واپس انڊس اسپتال پهتا جتي رات جو دير سان ڊاڪٽرن فوتي علي محمد جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو.اهڙي طرح پوليس جي تشدد ۾ سفاڪي سان قتل ڪيل پيرسن پورهيت علي محمد خاصخيلي جو سرد لاش اٽڪل 30 ڪلاڪن تائين بدين، کور واهه ۽ گولاڙچي جي شهرن جي روڊن تي انصاف لاءِ گشت ڪندو رهيو.

اٽڪل 40 ڪلاڪن کان پوءِ مقتول پورهيت جي مڙهه کي ان جي وارثن ۽ ڳوٺاڻن اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو. ان موقعي تي فوتي جي نياڻي ساجده، پٽ محمد علي خاصخيلي ميڊيا کي ٻڌايو ته بدين پوليس اسان غريبن سان نسورو ظلم ڪيو آهي. اسانجي ٻڍڙي پيءُ جو بدين پوليس بيگناهه خون ڪيو آهي. ميڊيا ۾ دردناڪ واقعي جون رپورٽون اچڻ بعد ايس ايس پي بدين حسن سردار نيازي ڊي ايس پي بدين انصار مٺياڻي کي جاچ آفيسر مقرر ڪري ٻن ڏينهن ۾ واقعي جي رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي. اوهين خود سوچيو ته اهو بدين جو ڊي ايس پي جيڪو خود واقعي جو ذميوار آهي اهو پنهنجي ۽ ٻين پنهنجن جوابدارن پوليس اهلڪارن خلاف ڪهڙي طرح سان پورهيت جي موت جي ايس ايس پي کي سچي ۽ حقيقي رپورٽ ڏيئي سگهي ٿو ۽ ان سان گڏ انڊس اسپتال جا سرڪاري ڊاڪٽر ڪهڙي طرح بدين پوليس جي اهلڪارن خلاف مظلوم پورهيت جي موت جو سچو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي همت ڪري سگهندا؟ صاف ظاهر آهي ته مقتول غريب پيرسن جو ناحق خون ٻين ڪيترن ئي مظلومن جي خونن جيان لڙهي ويندو!!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو