Home / سنڌ افيئر / هڪ کرب روپين جو پئڪيج هڙپ لاڙڪاڻو، هاڻي ساهه سيباڻو ناهي رهيو!
above article banner

هڪ کرب روپين جو پئڪيج هڙپ لاڙڪاڻو، هاڻي ساهه سيباڻو ناهي رهيو!

سياسي

Writer

شعور سان مالا مال  پر اجتماعي ايڪي کان وانجهيل منهنجو شهر لاڙڪاڻو هن وقت سياسي ويڳاڻپ جو شڪار آهي، هيءُ شهر ڪنهن مسيحا جو منتظر آهي جيڪو اچي  ساڻس لاڳاپيل ڏکن، دردن جو درمان ڪري هاڻ اهاڪامل مسيحائي هن بدنصيب شهر کي ڪڏهن ٿي نصيب ٿي ٿئي، اهو هن وقت جو هڪ اهم سوال آهي، ملڪ کي ٻه چونڊيل وزيراعظم ڏيندڙ هيءُ شهر هن وقت اوپري ۽ خود غرض قيادت جي حوالي ٿيل آهي  جن کي شهر جي ترقي ۽ تعمير جو ڪو به اونو ڪو نه آهي، ها البته شهر جي ترقيءَ لاءِ  ايندڙ فنڊن کي اڏائڻ ۾  سندن گهري دلچسپي آهي،  شهر کي هن نهج تي پهچائڻ ۾ اها ئي قيادت سڳوري  ننهن کان چوٽيءَ تائين ٻڏل آهي، انهيءَ قيادت سڳوريءَ پاران  شهر سان  ڪيل ڪلورن جو ويهي ليکو چوکو ڪريون ته هتي  ڪيئي پنا ڪارا ڪرڻا پوندا، ٿلهي ليکي اهو چوڻ ڪافي ٿيندو ته  هتي سياسي ڪرپشن ۽ انتظامي بدعنوانيءَ جا  اعليٰ مثال قائم ٿيل آهن، پيپلز پارٽيءَ جي اڳوڻي وفاقي سرڪار دوران شهر جي بنيادي  انفراسٽرڪچر کي جديد بڻائڻ ۽ شهر جي خوبصورتيءَ کي وڌائڻ لاءِ هڪ کرب رپين جي لڳ ڀڳ خصوصي پئڪيج منظور ڪيو ويو جنهن پئڪيج تحت مرحليوار  پئسا پڻ ايندا رهيا ۽ ڪاغذن ۾ خرچ ٿيل ڏيکاريا ويا پر شهر جي ترقي غائب رهي. ڏينهن جي روشني ته ڇا پر بتي کڻي ڳولڻ سان به شهري ترقيءَ جو ڪٿي به اهڃاڻ ڪو نه ٿو ملي،  اهي پئسا ڪٿي خرچ ٿيا ؟، اهو اهم ترين سوال لاڙڪاڻي جي هر ساڃاهه وند شهريءَ جي ذهن ۾ ٽانڊي جيان دکي رهيو آهي ۽ شهر جو هر ذي شعور رهواسي ابتر صورتحال ۽ ننڌڻڪائپ تي ڏکارو آهي.

P-01

اڳ هتان جا اڪابر اهو دليل ڏيندا هيا ته شهر جا چونڊيل نمائندا وڏيرڪو پسمنظر رکڻ ڪري شهر جي ڀلائيءَ ۾  دلچسپي نٿا رکن پر هاڻ ته شهر جي نمائندگي هڪ منظم ڪاروباري برادريءَ جي حوالي ٿيل آهي. انهيءَ هوندي به شهر جي ايڏي ڀينگ ڇو ؟، ڇو ته سماجي ڀلائيءَ جي حوالي سان وچولي طبقي جو ڪردار مکيه رهيو آهي پر هتي ابتي گنگا وهي رهي آهي، جيڪڏهن شهر جي سول سوسائٽي ۽ ڪاروباري برادري چاهي ته گهٽ ۾ گهٽ شهر کي صاف سٿرو رکڻ ڪو ايڏو وڏو مسئلو ناهي ڇو ته  هو پنهنجي سياسي اثر و رسوخ ۽ ذاتي وسيلن مان به شهر جي ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا پر هتي هر طبقو ۽ ماڻهو پنهنجي ذميواريءَ کان ڄاڻي واڻي غافل بڻيل آهي. نالي ماتر لاڙڪاڻو عوامي ، شهري اتحاد ۽ سماجي ڀلائي جي نالي ۾ ڪم ڪندڙ ڪيئي تنظيمون، فورم  ۽ اين جي اوز موجود آهن پر اهي به شهر لاءِ ڪو ڳڻپ جوڳو عملي ڪم نه ڪري سگهيون آهن صرف هاءِ گهوڙا مچائي  ضلع انتظاميه ۽ حڪومت تي تنقيد ڪري پنهنجو فرض پورو ڪن ٿيون.  ٻئي طرف شهر تقريبن 20 ئي يونين ڪاميٽيون نيڪرن جي گندي پاڻيءَ جي ٻوڏ هيٺ رهن ٿيون جنهن ڪري جرَ جو مٺو پاڻي تيزيءَ سان زهريلو ٿي رهيو آهي جيڪو انساني صحت ۽ ٻئي جيوت لاءِ به انتهائي هاڃيڪار بڻجندو پيو وڃي. هر مهيني هرهڪ يوسيز کي پنج، پنج لک رپيا بجيٽ ملڻ باوجود 20 ئي يوسيز گندڪچري جا ڍير لڳل آهن جڏهن ته شهر جي صفائيءَ تي مقرر عملو ڄڻ ته ويزا تي ويل هجي. ڪجهه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي شهر جي ڪوثرمل محلي جي مسجد جي طالب نوجوان ايازچنو جي ويڊيو اچڻ کانپوءِ پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين ۽ لاڙڪاڻي مان چونڊيل ايم اين اي بلاول ڀٽو زرداريءَ پاران ورتل  نوٽيس تي شهر جي ميئر پاران هڪ ٻه ڏينهن  تحرڪ وٺڻ کانپوءِ هڪ دفعو ٻيهر ڊگهي خاموشي ٿي وئي آهي. هاڻي پڙهندڙ پاڻ ئي اندازو لڳائين ته جتي پارٽي چيئرمين جا حڪم ئي ٿڏجي وڃن اتي صرف شاهه سائين جي هيءَ سٽَ ئي پڙهي سگهجي ٿي ته :

                                “ ماروئڙا فقير ڪنهن در ڏين دانهڙي ”.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو