Home / ڪئپيٽل افيئر / وفاق کي ٻيهر مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش!
above article banner

وفاق کي ٻيهر مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش!

نصير ميمڻ

Naseer Memon

پي ٽي آءِ حڪومت پاران وفاقي حڪومت ۽ ٽن صوبن جون واڳون سنڀالڻ شرط ئي سرڪاري وزيرن 18 هين ترميم ۽ ستين اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديلين بابت غير آئيني نوعيت جا بيان جاري ڪرڻ شروع ڪيا. هڪ سرڪاري وزير ته ملڪي سياسي تاريخ کان اڻڄاڻا جي انتهائي ڪندي ارڙهين ترميم کي ڪارو قانون قرار ڏنو. وزيراعظم پاڻ فرمايو ته اين ايف سي ايوارڊ مان صوبن جو حصو ٽي سيڪڙو گهٽايو ويندو. ايئن ڇهن ڏهاڪن جي سياسي جدوجهد جي نتيجي ۾ عوام کي جيڪا نالي ماتر خودمختياري حاصل ٿي هئي ان جي خلاف ڇريون تکيون ڪيون ويون. هڪ ٻئي پٺيان وزيرن جي دل ساڙيندڙ بيانن کان پوءِ هاڻي ملڪ جي اعليٰ عدالت جناح اسپتال کي سنڌ سرڪار کان واپس وٺي وفاقي حڪومت حوالي ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران جنهن نوعيت جا رمارڪس ڏنا ان مان اهو تاثر مضبوط ٿي رهيو آهي ته ڪي ڌريون ارڙهين ترميم کي ختم يا ڪمزور ڪرڻ جون خواهشمند آهن.

 پاڪستان جي ستن ڏهاڪن جي سياسي تاريخ صوبن ۽ وفاق وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ ٽڪراءَ جي تاريخ آهي. ان ڇڪتاڻ جي شروعات ملڪ ٺهڻ شرط جنم وٺي چڪي هئي. بلوچستان ۽ اتر-اولهه سرحد صوبي جو پاڪستان سان ڳانڍاپجڻ شروع کان تڪراري معاملو رهيو آهي. ملڪ ٺهڻ کان پوءِ ان جي قيام لاءِ سڀني کان پهرين ووٽ ڏيندڙ سنڌ صوبو به وفاقي حڪومت جي زوريءَ مڙهيل حڪمن سان اختلاف ۾ اچي ويو. ستت ئي اوڀر پاڪستان ۾ بنگالي کي قومي ٻولي مڃڻ تان شروع ٿيل اڻبڻت به خوني ٽڪراءَ ۾ بدلجي وئي. ايئن ملڪ ٺهڻ شرط ئي سواءِ پنجاب جي سمورا صوبا وفاقي حڪومت سان ٽڪراءَ ۾ اچي ويا. ملڪ جي حڪمرانن ان صورتحال جي نازڪ پڻي کي سنڀالي صوبن سان ڀائيچارو قائم ڪري معاملا ٺيڪ ڪرڻ بدران ون يونٽ ۽ مارشل لائن وارو رستو اختيار ڪري ملڪ کي اهڙي رستي تي لڳائي ڇڏيو جتي اهو ٽڪراءُ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ گهرو ۽ پيچيدو ٿيندو ويو. ان غير دانشمنداڻي رويي جو انت 1971ع ۾ ملڪ جي ورهاڱي جي شڪل ۾ ٿيو.

P-01

 بدقسمتيءَ سان ايڏي وڏي سانحي مان به ملڪ جي واڳ ڌڻين ڪجهه به نه پرايو. ان سانحي کان پوءِ ملڪ ۾ نئون ساهه وجهندڙ ذوالفقار علي ڀُٽي کي ڇهن سالن اندر ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويو.  ضيا آمريت جي پڄاڻيءَ کان پوءِ چونڊيل حڪومتن کي ساهه کڻڻ نه ڏنو ويو. 90ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جا وفاق سان اختلاف ان وقت چوٽ چڙهي ويا جڏهن پيپلز پارٽي حڪومتن جي دور ۾ سنڌ اندر شروع ڪيل ترقياتي رٿائون ۽ ماڻهن کي مليل نوڪرين مان نيڪالي ڏني وئي.مشرف جي دور ۾ ڪراچيءَ اندر هڪ نسل پرست ڌر کي سگهارو ڪري سڄي سنڌ جي انتظاميا کي ان جي ماتحت ڪيو ويو، ايئن ملڪي تاريخ جو هر ڏهاڪو صوبن کي وفاق کان پري ڌڪيندو ويو.

ان صورتحال ۾ 2010ع ۾ جڏهن پيپلزپارٽي حڪومت، پارليامينٽ ۾ موجود سمورين پارٽين کي ساڻ کڻي ارڙهين آئيني ترميم پاس ڪرائي در حقيقت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وفاق جيناجائز قبضي هيٺ آيل ڪيترائي اهم اختيار صوبن ڏانهن منتقل ڪيا. اهو ملڪ جي سياسي تاريخ جو نهايت ئي اهم قدم هو جنهن سان صوبن ۾ وڏي حد تائين خودمختياريءَ جو احساس پيدا ٿيو. درحقيقت 18 هين ترميم وفاقي حڪومت ۽ صوبن وچ ۾ پهريون ڀيرو اختيارن جو توازن پيدا ڪرڻ جي هڪ صحتمند آئيني ڪوشش هئي. هڪ اهڙو ملڪ جتي ننڍا صوبا ستر سالن تائين وفاقي حڪومت سان ڇڪتاڻ يا ٽڪراءَ ۾ رهيا هجن اتي هڪ اهڙي آئيني ترميم جنهن سان اهو ٽڪراءُ ٿڌو ٿئي خود وفاق جي صحت لاءِ هڪ بهتر سنئوڻ آهي. اهي تاريخ، سڃاڻپ ۽ مفاد رکندڙ صوبن کي رڳو مذهب ۽ هٿرادو قوميت جي نالي تي ڊگهي درجي تائين گڏ هلائڻ، عملي طور اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. ان سياسي بيهڪ کي رڳو هڪ رضاڪاراڻي ۽ منصفاڻي وفاقي ڍانچي هيٺ ئي گڏ رکي سگهجي ٿو. ٻي صورت ۾ وقتي طور تي وفاقي اڪاين کي ڏاڍ ڏمر سان گڏائي سگهبو پر هڪ اهڙي دونهين هر وقت دکندي رهندي جيڪا رکي رکي ڀڙڪو کائي ڀنڀٽ ۾ تبديل ٿيندي رهندي.

P-02

ارڙهين ترميم روز مره جي عوامي زندگيءَ سان لاڳاپيل معاملن کي صوبن حوالي ڪري کين بااختياربڻائڻ جو عملي اظهار هئي. جيتوڻيڪ اها خودمختياري به محدود نوعيت جي آهي جو اڃا به ڪيترائي اهم معاملا وفاق وٽ ئي رهندا پر تنهن هوندي به صوبن ۾ جمهوري نظام بابت اهو ويساهه پختو ٿيو ته اهو نظام مضبوط ٿئي ته ڏهاڪن کان هلندڙ تلخيون گهٽجي سگهن ٿيون.

ٻي ڳالهه جيڪا 18 هين ترميم جا مخالف نظرانداز ڪن ٿا ته اها ترميم اختيارن جو معاملو نه پر وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ويڇا گهٽائڻ جو به ذريعو آهي. ساڳي طرح جڏهن صوبن ڏانهن اختيار منتقل ٿين ٿا ته در حقيقت ذميواريون به صوبن ڏانهن منتقل ٿين ٿيون. صوبن جو عوام هونئن جيڪڏهن زندگيءَ جون سهولتون نه ملڻ تي وفاقي حڪومت سان ارها هوندا هئا، اهي هاڻي پنهنجي چونڊيل صوبائي حڪومتن کان سوال جواب ڪندا. اصولي طور تي وفاقي حڪومت ڪيترن ئي الزامن ۽ پڇاڻن کان آجي ٿئي ٿي. سياسي لحاظ کان ڏسجي ته نه رڳو 18 هين ترميم صوبن کي پر وفاق کي به سگهارو ڪري ٿي. اها رڳو اختيارن جي هٻڇ رکندڙ ذهنن جي سوچ آهي ته صوبن جي خودمختياري سان وفاق ڪمزور ٿيندو. درحقيقت ان سان ته وفاق وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو.

جيتوڻيڪ ملڪ جي صدر ويجهڙ ۾ هڪ بيان جاري ڪري 18 هين ترميم کي برقرار رکڻ واري چڱي ڳالهه ڪئي پر حڪومت جا ارادا ڪجهه شڪ پيدا ڪن ٿا. ننڍن صوبن جو عوام اسلام آباد جي ماضيءَ بابت ايترا ته تلخ تجربا رکي ٿو جو سمورين وضاحتن جي جي باوجود شڪ سولائيءَ سان ختم نه ٿا ٿين. ننڍن صوبن 70 سالن جي جدوجهد کان پوءِ هڪ محدود خودمختياري حاصل ڪئي آهي ۽ ان لاءِ تمام وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. جيڪڏهن پي ٽي آءِ سرڪار جا وزير قربانين ۽ جدوجهد جي ان حاصلات کي پٺي ڏيئي ان کي واپس ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندا ته ان سان عوام جي اکين ۾ پي ٽي آءِ به هڪ اڻوڻندڙ منظر ۾ تبديل ٿي ويندي ۽ اڳي ئي ٿي رهي آهي. ملڪ اندر مرڪز مس مس وفاق ۾ تبديل ٿيڻ جا آثار پيدا ٿيا آهن، ان کي ٻيهر مرڪز بڻائڻ جي ڪوشش ملڪ لاءِ هاڃيڪار ٿيندي جنهن کان بچڻ جي ضرورت آهي.

nmemon2004@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو