Home / ڪرنٽ افيئر / وفاق ۽ سنڌ حڪومت جو تڪرار: مائنس پ پ فارمولا تيار!
above article banner

وفاق ۽ سنڌ حڪومت جو تڪرار: مائنس پ پ فارمولا تيار!

عاجز جمالي

Writer

سنڌ ۽ وفاق ۾ ڦڏو جاري آهي، هِن ڦڏي جا ڪيترائي رُخ آهن. هي ڦڏو رڳو عمران خان جي سرڪار ۽ مُراد علي شاهه جي وچ ۾ ناهي پر هي ڦڏو پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ پيپلز پارٽيءَ وچ ۾ هلندڙ آهي. اُن جي سزا سنڌ کي ملي رهي آهي، اقتداري پارٽين جي جڏهن اسٽيبلشمينٽ کي ضرورت هوندي آهي تڏهن به انهن پارٽين کي عوام  کي خلاف استعمال ڪيو ويندو آهي. يعني بظاهر عوامي پارٽيون اصل ۾ عوام خلاف ڪم ڪنديون آهن، وري جڏهن اسٽيبلشمينٽ انهن پارٽين جي خلاف ٿي وڃي تڏهن به سزا عوام کي ملندي آهي. سنڌ سان اڄڪلهه ايئن ئي ٿي رهيو آهي. سنڌ کي تڏهن به سزا ملي رهي هئي جڏهن وفاق ۾ پيپلز پارٽيءَ جي سرڪار هُئي ڇو ته ارڙهين ترميم تي تڏهن به عمل نه ٿي سگهيو هو، سنڌ کي اڄ به سزا ملي رهي آهي جڏهن وفاق ۾ عمران خان جي سرڪار آهي پر اسٽيبلشمينٽ سنڌ جي خلاف آهي.

2018ع جي چونڊن ۾ جهڙي ريت ايم ڪيو ايم، جي ڊي اي ۽ ٻين جماعتن بدران تحريڪ انصاف کي کٽرايو ويو تيئن ڀلا پيپلز پارٽيءَ کي اقتدار ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، من پسند ويهارو کن وڏيرن کي اڳيان ڪري اسٽيبلشمينٽ کي گهرجي ها ته من پسند اقتدار قائم ڪجي ها. ايم ڪيو ايم، جي ڊي اي، وڏيرا، گڏائي سڏائي پيپلز پارٽيءَ کي پوئتي ڌڪجي ها ته اڄ مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽيءَ جو پهرين ڏينهن کان مضبوط اتحاد هجي ها. نواز شريف ۽ شهباز شريف وانگر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر به جيل ۾ هجن ها ته ڳالهه سولي هجي ها پر ايئن ڪرڻ بدران اسٽيبلشمينٽ سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي سرڪار ٺاهڻ ڏني ۽ هاڻي سڄي پاڪستان ۾ سنڌ کي نشانو به بڻايو پيو وڃي. شايد حڪمت عملي اها هجي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي سرڪار اڳي کان به بُري ڪارڪردگي ڏيکاري ته جيئن ايندڙ ماحول ۾ سنڌ اندر مائنس پيپلز پارٽي سرڪار ٺاهي وڃي. سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي مائنس ڪري سرڪار ڪيئن ٺهندي.

P-01

ڇهه مهينا گذري ويا نه عمران خان کي ڳالهه سمجهه ۾ آئي نه ڪي اسٽيبلشمينٽ کي سمجهه ۾ اچي رهي آهي. اُن ڪري پهرين مرحلي ۾ ڪرپشن جي کيڏاڙ کي شروع ڪيو ويو آهي، جعلي بئنڪ اڪائونٽس جو مامرو کوليو ويو ته پيپلز پارٽيءَ جي ماڻهن کانسواءِ ٻين ماڻهن جا اڪائونٽس به منظر عام تي اچي ويا. آصف زرداريءَ خلاف ملڪيتون لڪائڻ جو ڪيس آيو ته وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليمان خان جون ڳجهيون ملڪيتون نڪري پيون، سنڌ سرڪار ڊاهڻ جو بيان ڏنو ويو ته بلوچستان ۾ به حڪومت ڊاهڻ لاءِ سرڪاري اتحادين ۾ اختلاف شروع ٿي ويا. جعلي اڪائونٽس، بي نامي ملڪيت ۽ ڳجهين ملڪيتن جون ڪهاڻيون شروع ٿيون ته ملڪ جي چئني صوبن ۾ اهڙا مامرا نڪري پيا، واپارين، سرمائيدارن جا بي نامي اڪائونٽس نڪري پيا، مختلف پارٽين ۽ سرڪار جي اهم ماڻهن جون ڳجهيون ملڪيتون نڪري پيون، هر طرف ڏسجي ته سرڪار لاءِ ڌٻڻ، عمران خان سرڪار کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته آخر ڇا ڪري؟ پهرين سڀ مامرا ايف آءِ اي ڏسي رهي هئي، هاڻي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جي آءِ ٽي ٺهڻ کان پوءِ “نيب” مامرن کي ڏسي رهي آهي پر حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته ايف آءِ اي اڃا تائين آصف زرداريءَ خلاف چالان پيش نه ڪري سگهي آهي. ان ۾ ٻه مهينا گذري ويا هاڻي وري نيب چالان پيش ڪندي.

پيپلز پارٽيءَ جي هڪ اهم اڳواڻ جو چوڻ آهي ته آصف زرداري چوي ٿو ته “جعلي اڪائونٽس يا بي نامي اڪائونٽس جا هڪ سئو ڪيس داخل ڪن پر پوءِ به ڪير ثابت نه ڪري سگهندو ته جعلي اڪائونٽس اسان جا آهن.” آصف زرداري چوي ٿو ته “مٿس دٻاءُ آهي ته ارڙهين ترميم جي خاتمي لاءِ ماحول ٺاهيو وڃي. مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي پارليامينٽ ۾ نئين ترميم آڻڻ لاءِ راضي ٿين” زرداري چواڻي ته ارڙهين ترميم کي ڪنهن به صورت ۾ ختم ٿيڻ نه ڏينداسين.” پر ڏٺو وڃي ته هاڻوڪي وفاقي سرڪار اڻ اعلانيه طور تي ارڙهين ترميم کي آهستي آهستي ختم ڪري رهي آهي، ارڙهين ترميم کي ختم ڪرڻ جي شروعات نئين سرڪار جي وفاقي حڪومت ٺاهڻ سان ئي ٿي چڪي هئي ڇو جو وفاق ۾ تعليم، صحت، فشريز، سياحت، ماحوليات جون وزارتون قائم ڪيون ويون، ارڙهين ترميم ۾ ڄاڻايل سمورا کاتا صوبن جي ڪنٽرول ۾ آهن، ٿيڻ ته ايئن گهربو هو ته مخالف ڌر پاران نئين وفاقي وزارتن کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو وڃي ها پر عمران خان سرڪار هڪ ٽيڪنيڪل راند شروع ڪئي، مثال طور ماحوليات جي وزارت بدران ماحول جي تبديلي (ڪلائمينٽ چئنج) فشريز بدران ميرين فشري جي وزارت ٺاهي وئي پر اصل ڪم پراڻين وزارتن جو آهي. هي سڄي راند اصل ۾ اسٽيبلشمينٽ جي آهي.

P-02

وفاقي سرڪار مڪمل طور تي “اختيار ڌڻين جي ايڊوائيس” تي هلندي آهي، جهڙي ريت بيٺڪيتي نظام ۾ وائسراءِ ايڊوائس موڪليندو هئو. بس اڳي ايئن هوندو هو ته ايلچي برطانيا ۾ ايڊوائس کڻي اچي گورنر کي پيش ڪندا هئا يا پڙهي ٻڌائيندا هئا. اڄڪلهه “واٽس ايپ” جو زمانو آهي، هاڻي سمورا حڪم “اختيار ڌڻين” جي واٽس ايپ ذريعي وزيراعظم تائين پهچندا آهن ڪڏهن ڪڏهن وزيراعظم جي واٽس ايپ يا ٽوئيٽر جي ان باڪس ۾ به اهم پيغام پهچي ويندا آهن ۽ وفاقي حڪومت ان تي عمل ڪرڻ شروع ڪندي آهي. اهڙين سمورين هدايتن جو رخ سنڌ ڏانهن هوندو هئو، ڇو ته عمران خان سرڪار لاءِ هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو “سنڌ سرڪار” آهي، سنڌ جو گورنر، ملڪ جو صدر، وفاقي سرڪار جون اتحادي ڌريون ايم ڪيو ايم، جي ڊي اي ۽ خود حڪمران جماعت تحريڪ انصاف کي به سڀ کان وڏو مسئلو سنڌ سرڪار کان آهي. ان ڪري هر طرح جي تيرن جو نشانو سنڌ بڻجي رهي آهي. پيپلز پارٽي دشمني ۾ سنڌ جو مالياتي حصو گهٽجي ويو آهي، سنڌ جي مالياتي حصي کي گهٽائي “فاٽا” جو حصو وڌايو پيو وڃي، سنڌ سرڪار جا انگ اکر آهن ته وفاق ڏانهن سنڌ جا 90 ارب روپيا رهن ٿا ۽ اين ايف سي ايوارڊ تحت سنڌ کي گهٽ رقمون مليون آهن. سنڌ جو پاڻي گهٽجي ويو آهي، ارسا ٽوٽل پنجاب جي مرضيءَ سان هلي رهي آهي، وفاق ۾ سنڌ جي نوڪرين جي ڪوٽا گهٽائي وئي آهي، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سنڌ جي نوجوانن جون سيٽون گهٽايون ويون آهن. سنڌ جي ڪنٽرول ۾ آيل ٽي اهم وڏيون اسپتالون سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس پنهنجي نوڪريءَ جي آخري ڏينهن ته سنڌ کان ڦري وفاق حوالي ڪري ڇڏيون آهن. جناح اسپتال، دل جي بيمارين جي اسپتال (اين آءِ سي وي ڊي) ۽ ٻارن جي بيمارين جي اسپتال (اين آءِ سي ايڇ) جهڙيون اسپتالون سنڌ کان کسي وفاق حوالي ڪرڻ به ارڙهين ترميم جي ڀڃڪڙي ۽ سنڌ سان وڏي ناانصافي آهي.

سو سزا سنڌ کي ملي رهي آهي. پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ سياسي راند ۾ به پنجاب ۽ سنڌ سان الڳ الڳ انداز سان “ڊيل” چاهي ٿي. شهباز شريف سان ڊيل جو انداز الڳ آهي ته آصف زرداريءَ سان ڊيل جو نمونو بلڪل مختلف آهي. اسٽيبلشمينٽ جي عشق جو اهو انداز سمجهڻ ڏکيو آهي. سنڌ ۾ مُراد علي شاهه سرڪار ڊاهڻ لاءِ وفاقي وزيرن سنڌ ۾ اچي اُٻهرائپ جو مظاهرو ڪيو. اهي لفظ وفاقي سرڪار جي اهم اتحادي پير صدرالدين شاهه راشديءَ جا آهن، سنڌ ۾ جي ڊي اي به سنڌ جي مسئلن تي وزيراعظم عمران خان سان هڪ هڪاڻي چاهي ٿي. ان ڏس ۾ علي گوهر مهر وزيراعظم سان ملاقات ڪري کيس خان ڳڙهه ۾ اچي جلسو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ان تناظر ۾ ئي پير پاڳاري جي قيادت ۾ جي ڊي اي جي اڳواڻن “خان ڳڙهه” جو دورو ڪيو. جي ڊي اي جي ذميوارن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان کي خان ڳڙهه ۾ سنڌ بابت خدشن کان آگاهه ڪيو ويندو ۽ کانئس سنڌ لاءِ ترقياتي پئڪيج ورتو ويندو. جيتوڻيڪ جنوري جي آخر تائين عمران خان کي خان ڳڙهه اچڻو هئو پر جنوري جو مهينو ختم ٿي ويو اڃا تائين وزيراعظم پاران اتحادين کي تاريخ نه ڏني وئي آهي. اهڙي ريت سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم کي به خدشا آهن. ايم ڪيو ايم چوي ٿي ته ڪراچيءَ ۾ ترقياتي پئڪيج اڃا تائين ڪو نه مليو.

سنڌ ۾ اهڙا ترقياتي پئڪيج ڪڏهن شروع ٿيندا ڪير نه ٿو ڄاڻي پر وفاق طرفان سڌي ريت اهي پئسا سنڌ ۾ صوبي جي گورنر ذريعي خرچ ڪيا ويندا. ارڙهين ترميم جي نقطئه نظر سان وفاق جي سڌي مخالفت پڻ آئين سان ٽڪراءَ ۾ آهي ڇو ته صوبي جو گورنر هر صورت ۾ وڏي وزير سان صلاح ڪرڻ جو پابند آهي پر وفاق اڃا تائين ڪراچي ۾ هلندڙ ميگا پراجيڪٽ گرين لائن پراجيڪٽ لاءِ به پئسا جاري نه ڪيا آهن. سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود گاج ڊيم جي اڏاوت لاءِ پئسا جاري نه ڪيا ويا آهن. تحريڪ انصاف جي وفاقي سرڪار به سنڌ سرڪار جو خاتمو چاهي ٿي، جي ڊي اي به چاهي ٿي، ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف به چاهين ٿيون پر سنڌ ۾ مخالف ڌر کي گهربل اڪثريت حاصل ناهي. ان لاءِ سرعام سنڌ ۾ فارورڊ بلاڪ ٺاهڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي ۽ اهو چيو ويو ته پيپلز پارٽي جا کوڙ ايم پي ايز تحريڪ انصاف سان رابطن ۾ آهن. جيڪڏهن اها ڳالهه درست آهي ته ان جو مطلب آهي ته “ان هائوس تبديلي” ذريعي وفاق مراد علي شاهه جي سرڪار کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو پر اها راند ايڏي سولي ناهي. سياسي پنڊتن جو خيال آهي ته سنڌ سرڪار کي غيرآئيني طور تي ختم ڪرڻ اصل ۾ وفاقي سرڪار جو هڪ ٿنڀو ڪيرائڻ برابر هوندو.

اها ڳالهه خود وفاق جا ڪرتا ڌرتا سمجهي رهيا آهن ڇو ته سندن بلوچستان ۾ به پوزيشن ڪمزور آهي. اسٽيبلشمينٽ جي آصف زرداريءَ سان ڊيل جو محور بهرحال سنڌ سرڪار آهي. آصف زرداريءَ جي گرفتاري جي اڳڪٿي ڪندڙ خود پريشان آهن ته ڇا ٿي رهيو آهي. ذريعن چواڻي ته آصف زرداريءَ جي گرفتاري جي مامري تي اسٽيبلشمينٽ خود ورهايل آهي. وفاقي سرڪار به ورهايل آهي ۽ جيڪڏهن آصف زرداري گرفتار نه ٿو ٿئي ته سنڌ سرڪار به نه ڊهندي، جي سنڌ ۾ سرڪار ڊهندي ته شايد وفاقي سرڪار به گهڻو عرصو نه هلي سگهي. ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ اسيمبليءَ ۾  سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي جذباتي تقرير جو به محور اهو ئي هو جو هن چيو ته “هو عمران خان جي سرڪار کي ٻڏندي ڏسي رهيو آهي.” مراد علي شاهه به اهو ئي چوڻ چاهيو ته “سنڌ سرڪار ٻوڙيندو ته وفاقي سرڪار به ٻڏي ويندي.” هن چواڻي سڌي ريت مطلب اهو آهي ته سنڌ سرڪار کي ڊاهڻ جو ڏس ڏيندڙ اصل ۾ عمران خان سرڪار جون پاڙون کوٽي رهيا آهن جيڪو شايد عمران خان کي نظر نه پيو اچي. پر مُراد علي شاهه يا آصف زرداريءَ کي نظر اچي رهيو آهي. سنڌ سرڪار جو ڊهڻ سنڌ لاءِ ته سٺو سنئوڻ نه هوندو پر سياسي طور پيپلز پارٽيءَ لاءِ نئين آڪسيجن برابر هوندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو