Home / دنيا / وينزويلا ۾ آمريڪا بهادر جو پيدا ڪيل هٿرادو سياسي بحران!
above article banner

وينزويلا ۾ آمريڪا بهادر جو پيدا ڪيل هٿرادو سياسي بحران!

ٿڌي موسم ۾ به Writerعالمي سياسي منظرنامي کي وينزويلا بابت خبرن گرم رکيو آهي، سڄي دنيا جي سُڌ سماءَ جي ذريعن ڏکڻ آمريڪا کنڊ جي لاطيني ملڪ وينزويلا ۾ سنگين سياسي بحران کي لڳاتار پيش ته ڪيو آهي ليڪن عالمي سُڌ سماءَ جي ذريعن جي ڪوريج ۾ جانبداري جو فيڪٽر به نمايان آهي. وينزويلا جي بحران کي جنم ڏيڻ ۽ ان ۾ شدت پيدا ڪرڻ ۾ اُتر آمريڪا کنڊ جي ملڪ آمريڪا جي اسٽيبلشمينٽ ۽ ڪارپوريٽو ڪريسي جو منفي ڪردار دنيا کان لڪايو پيو وڃي. صاف نظر اچي رهيو آهي ته مين اسٽريم اولهه جي ميڊيا جي ڪوريج معروضي صورتحال يا زميني حقيقتن جي صحيح عڪاسي نه ٿي ڪري. ليڪن وينزويلا مٿان جيڪو ڪجهه گذري رهيو آهي، دنيا جا سامراج مخالف ملڪ، حڪومتن ۽ نظرياتي ڪارڪنن لاءِ ان ۾ سبق ۽ پيغام موجود آهي. هاڻوڪي صورتحال کي ان جي صحيح تناظر ۾ سمجهڻ لاءِ هن خطي جي تاريخ جو اڀياس تمام ضروري آهي ڇو ته آمريڪا کنڊ ۽ خاص طور لاطيني آمريڪي ملڪ ڊگهي عرصي کان آمريڪي اسٽيبلشمينٽ جي اک جو ڪنڊو بڻيل آهن، انهن مان هڪ وينزويلا پڻ آهي.

venezuela-protst-1400x788

ماضي بعيد بدران رڳو هڪ حڪمران پوئتي هليا وڃو يعني وينزويلا جي هاڻوڪي صدر جي پيشرو هيوگو شاويز جي دور ۾ آمريڪا، وينزويلا لاڳاپن جي ڇڪتاڻ وارن سببن جو مطالعو ڪريو، هاڻوڪو بحران انهن ئي ڇڪتاڻ وارن لاڳاپن جو تسلسل آهي. بوليورن ريپبلڪ وينزويلا 3 ڪروڙ 16 لک کان وڌيڪ ماڻهن تي ٻڌل اهڙو ملڪ آهي جنهن جي 96 سيڪڙو آبادي ڪيٿولڪ عيسائي آهي جڏهن ته پروٽسٽنٽ عيسائي آبادي ڪُل آبادي جو ٻه سيڪڙو آهي. دلچسپ پهلو اهو آهي ته آمريڪي سي آءِ اي وينزويلا جي اڪثريتي آبادي کي نالي ماتر ڪيٿولڪ عيسائي قرار ڏئي ٿي، هوگو شاويز پاڻ به عيسائي هو ليڪن وينزويلا جي وفاقي صدارتي نظام ۾ سندس سياسي نظريو سوشلزم هو. شاويز پنهنجي حڪومتي دور ۾ اهڙا سڌارا متعارف ڪرايا جو سندس دشمن اداري سي آءِ اي ان حد تائين ضرور تسليم ڪيو ته 1999ع ۾ وينزويلا ۾ غربت جي جيڪا شرح 50 سيڪڙو هئي، شاويز جي حڪومتي دور 2011ع ۾ اُها شرح گهٽجي 27 سيڪڙو ٿي وئي هئي.

ياد رهي ته شاويز آمريڪي سامراجيت جي مخالفت ڪري پنهنجي ملڪ مان غربت گهٽ ڪئي هئي. گڏوگڏ آمريڪي حڪومت جو ساڻس رويو دشمني وارو هو، سامراج مخالفت ۾ شاويز اڪيلو نه هو بلڪه بوليويا سميت ٻيا ملڪ به ساڻس گڏ بيٺا هئا. آمريڪا کنڊ ۾ آمريڪي حڪومت جي اهم عهديدارن جي خوف جو اهو عالم هو ته اجلاسن ۾ به شرڪت کان پرهيز ڪندا هئا. هڪ مثال رابرٽ گيٽس جو آهي جيڪو سال 2006ع کان 2011ع تائين آمريڪا جو بچاءُ وارو وزير رهيو، هُن پنهنجي يادگيرين تي ٻڌل ڪتاب “ڊيوٽي” جي 11 هين باب ۾ هڪ اهڙي ئي اجلاس جو ذڪر ڪيو آهي. آمريڪا کنڊ جي ملڪن جي دفاعي وزيرن جي ڪانفرنس نومبر 2010ع ۾ بوليويا ۾ ٿي رهي هئي، هُن جي موجودگي ۾ آمريڪي حڪومت جي ٻين ملڪن ۾ مداخلت تي سخت تنقيد ڪئي وئي، اُتي کيس اهڙي هوٽل تي ترسايو ويو جتي فقط پکو لڳل هو، ڪا به ايئر ڪنڊيشن نه هئي، هُو ان ڪانفرنس ۾ شرڪت نه پيو ڪرڻ چاهي ۽ اُن جو سبب هُن پاڻ هِن ريت بيان ڪيو آهي:

In a conference hosted by the government of virulently anti-American leftist Bolivian leader Evo Morales, I foresaw a full day of getting pounded by my Bolivian hosts and their buddies form Hugo Chavez’s Venezuela.

يعني کيس معلوم هو ته ميزبان بوليويا سميت شاويز جا دوست کيس ڏکيا پوندا، ان جي باوجود هُن شرڪت ان ڪري ڪئي ته برازيل ۽ ڪئناڊا جي بچاءَ وارن وزيرن کيس شريڪ ٿيڻ تي راضي ڪيو هو. انهن ٻنهي ملڪن ميزبان بوليويا ملڪ کي درخواست ڪئي هئي ته اُهي آمريڪا جي حوالي سان ڪانفرنس ۾ ادب ۽ آداب جو خيال رکندا ليڪن اُتي آمريڪي سفيرن جي ٻين ملڪن ۾ مداخلت جو ذڪر ڪري کين شرمندو ڪيو ويو ۽ جلد کان جلد اجلاس ختم ٿيڻ جو اجلاس انتظار ڪندا رهيا ۽ جيئن ئي اجلاس ختم ٿيو اُهي بوليويا مان جهاز وسيلي هليا ويا. ڪجهه لاطيني آمريڪي بچاءَ وارن وزيرن سندن وٽ وڃي معذرت جو اظهار ڪيو هو ته لاطيني آمريڪا جي ميزباني جا آداب ان ڳالهه جي اجازت نه ٿا ڏين ۽ اهو سندن شان وٽان نه هو ته ايئن ڪيو وڃي ها، خير اهو هڪ مثال هو.

P-01

رابرٽ گيٽس کان پوءِ پينٽيا آمريڪا جو بچاءَ وارو وزير بڻيو. جارج بش جونيئر جي صدارت، اوباما دور حڪومت ۾ به آمريڪي حڪومت وينزويلا جي نه رڳو خلاف هئي بلڪه ان خلاف قدم کڻڻ ۾ به رڌل هئي. آمريڪي حڪومت جي نظر ۾ جتي شاويز جون ٻيون سامراج دشمن پاليسيون سندس ڏوهه بڻجي ويون هيون اُتي اها به حقيقت هئي ته جڏهن آمريڪا ۽ يورپي يونين سميت ٻين ملڪن گڏيل قومن جي نگراني هيٺ ايٽمي توانائي جي عالمي اداري جي بورڊ جي اجلاس ۾ ايران خلاف 27 ووٽن جي بنياد تي ٺهراءُ منظور ڪيو هو ته ان وقت ڪيوبا ۽ شام کان سواءِ وينزويلا ٽيون ملڪ هو جنهن آمريڪي بلاڪ جي پيش ڪيل ٺهراءُ جي مخالفت ۾ ووٽ وڌو هو.

پوءِ وري ايئن ٿيو ته مائيڪل پومپيو جڏهن آمريڪي سي آءِ اي جو سربراهه ٿيو ته هُن پڻ وينزويلا خلاف قدم کڻڻ شروع ڪيا. آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي قومي سلامتي بابت صلاحڪار جون بولٽن پهرين نومبر 2018ع تي ميامي ڊيٽ ڪاليج جي فريڊم ٽاور ۾ اڌ ڪلاڪ جي خطاب ۾ پڻ وينزويلا خلاف قدم کڻڻ جو اشارو ڏنو. سندس موجب هاڻي آمريڪا هن خطي ۾ ڪيوبا، نڪاراگووا ۽ وينزويلا خلاف سخت موقف اختيار ڪندو، مٿن پابنديون مڙهيندو، ساڻن سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيندو انهي وقت تائين جيستائين اُهي آمريڪا جا مطالبا تسليم ڪري وٺن. اهڙي طرح پومپيو پرڏيهي وزير ٿيڻ کان پوءِ به آمريڪا کنڊ ۾ پنهنجي سرگرمين ۾ رڌل رهيو، خاص طور تي 31 ڊسمبر کان 2 جنوري تي سندس ڪولمبيا ۽ برازيل جو ڪيل دورو ۽ اُتي وينزويلا خلاف ماحول تيار ڪرڻ ۽ گڏوگڏ پهرين جنوري تي برازيل ۾ اسرائيلي وزيراعظم بنجامن نيتن ياهو سان ملاقات ۽ اُتي ايران، شام ۽ حزب الله خلاف بيان پڻ ڏنو.

آمريڪا وينزويلا تي اهو به الزام مڙهيو آهي ته اُتي حزب الله لبنان جي ماڻهن جو نيٽ ورڪ پڻ موجود آهي. اهڙي ريت آمريڪي بلاڪ هڪ ئي وقت هڪ تير سان ڪيترائي شڪار ڪرڻ جي ايجنڊا رکي ٿو. يعني وينزويلا جي حڪومت کي وچ اوڀر جي انهن اسرائيل مخالفن سان ڳنڍي رهيو آهي جنهن جو پري پري تائين ڪو تعلق نظر نه ٿو اچي. ليڪن ان ريت ٽرمپ حڪومت آمريڪا جي اسرائيلي لابي کان حمايت حاصل ڪرڻ چاهي ٿي ۽ اهو ئي سبب آهي جو هڪ ڪنزرويٽو گروپ جي ماڻهن ايليٽ ابرامز کي پرڏيهي وزير پومپيو جو وينزويلا لاءِ خاص نمائندو مقرر ڪيو ويو آهي.

وينزويلا جي چونڊيل صدر نڪولس مادورو خلاف وين گواڊو جي حمايت ڪري ان کي وينزويلا جو عبوري صدر تسليم ڪرڻ آمريڪي حڪومت جي وينزويلا جي اندروني معاملن ۾ کليل مداخلت جو ناقابلِ ترديد ثبوت آهي ۽ جيڪو پسمنظر هتي بيان ڪيو ويو آهي اُن کي مدِ نظر رکندي اهو چئي سگهجي ٿو ته آمريڪي حڪومتن جي اها پراڻي خواهش رهي آهي جنهن تي وقت بوقت ڪم ٿيندو رهيو آهي. شاويز جي جانشين جو مخالف وينزويلا ۾ گهڻو مشهور يا عوامي سطح تي مقبول اڳواڻ نٿو سمجهيو وڃي.  هو قانونساز اسيمبلي جو ميمبر هو ۽ بعد ۾ اسپيڪر بڻيو. وينزويلا ۾ آمريڪا جي سامراجي مداخلت جو هڪ سبب اها حقيقت پڻ آهي ته دنيا ۾ خام تيل جا سڀ کان وڌيڪ ذخيرا وينزويلا ۾ آهن. پيٽروليم ايڪسپورٽ ڪندڙ ملڪن جي عالمي تنظيم اوپيڪ جي 5 باني ملڪن مان هڪ وينزويلا پڻ آهي. آمريڪي اسٽيبلشمينٽ ۽ ڪارپوريٽو ڪريسي وينزيلا جي تيل جي ڪري ان تي لالچي نظرون ڄمائي ويٺل آهي، بولٽن ۽ پومپيو ئي نه بلڪه خود آمريڪي صدر ٽرمپ به وينزويلا ۽ ڪيوبا خلاف قدم کڻڻ بابت بيان جاري ڪيا هئا.

P-02

وينزويلا ۾ مسئلا ٿي سگهن ٿا ليڪن اُهي مسئلا جيڪي وينزويلا ۾ آهن اُهي ڀلا ڪهڙي ملڪ ۾ ناهن؟ آمريڪا جيڪي الزام وينزويلا تي مڙهي رهيو آهي انهي معيار هيٺ هڪ نظر پنهنجي اتحادي ملڪن تي به وجهي. هڪ پاسي چونڊيل صدر مادورو به قبول ناهي ته ٻئي پاسي موروثي عرب شيخ جيڪي پنهنجي ملڪن ۾ ڊڪٽيٽر بڻيل آهن، جمال خشوگي جي قاتلن سان به آمريڪا جو اتحاد آهي. وينزويلا ۾ ڪهڙي قسم جي حڪومت هجي، ڪير حڪمران هجي، اهو اُتان جي عوام کي آزاد طريقي سان پنهنجي ملڪي قانون موجب طئي ڪرڻو آهي جهڙي ريت آمريڪي حڪومت وينزويلا جي قانون ۽ سندن نظريي هيٺ پنهنجي ملڪ جو صدر چونڊڻ پسند نه ڪندي بلڪل اهڙي ريت وينزويلا جو عوام پڻ ٽرمپ، پومپيو ۽ بولٽن يا انهن جهڙن جي مرضيءَ جو حڪمران آڻڻ پسند نه ڪندو. هٿرادو بحران پيدا ڪري ان کي جمهوري تحريڪ قرار ڏيڻ آمريڪا جو پراڻو حربو آهي ليڪن لڳي نه ٿو آمريڪا جي هتي دال ڳري سگهي ڇو ته وينزويلا جي فوج مادورو حڪومت جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ڪيوبا سان اوباما لاڳاپا بحال ڪيا ليڪن جيڪو ڪجهه آمريڪي اسٽيبلشمينٽ چاهي ٿي شايد ڪيوبا سندس اميدن تي پورو لهڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، ان ڪري ان تي آمريڪي اسٽيبلشمينٽ ٻيهر ناراض آهي. نڪارا گووا ته اهڙو بدقسمت ملڪ آهي جنهن جو عوام کليل نموني بولٽن کي جواب ڏئي سگهي ٿو ته جون بولٽن تاريخ پڙهه، توکي معلوم ٿيندو ته نڪارا گووا جي عوام جي نظر ۾ سامراجيت جو مثال آمريڪا، اسرائيل ۽ سعودي عرب آهن نڪي ڪيوبا، وينزويلا ۽ نڪارا گووا. بولٽن کي معلوم نه هجي ته ايليٽ ابرامز کان پڇي وٺي نه ته ڊيوڊ ڪلاسيفائيڊ ڪاغذ پڙهي وٺي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو