Home / ڪئپيٽل افيئر / يادداشت نامن جي انگريزيءَ جو سادو ترجمو!
above article banner

يادداشت نامن جي انگريزيءَ جو سادو ترجمو!

Writerهز رايل هائينيس دورو پورو ڪري روانا ٿيو. ملڪ ۾ هونئن ئي اشارن ۾ ڳالهائڻ جي اجازت هئي پر هن دوري دوران اها به ”عظيم تر قومي مفاد“ ۾ کسجي وئي. شاهي مهمان جي روانگيءَ سان هاڻي مس وڃي ماحول ڪجهه نارمل ٿيو آهي ۽ ان ڳالهه جي تنقيدي ڪٿ ڪئي پئي وڃي ته دوري جي نتيجي ۾ ملڪ کي ڇا حاصل ٿيو. اڪثر رڳو يادداشتنامن تي صحيحون ٿيون آهن جن جي باري ۾ اصل معاهدا اڳتي هلي حالتن بهتر هجڻ ۽ متعين ڪيل شرطن جي موزون نموني پوري ٿيڻ جي صورت ۾ ڪيا ويندا. يادداشتنامن ۾ باقي جيڪي ڪجهه آهي سو عام ماڻهوءَ لاءِ بس رڳو انگريزي آهي.

جيڪڏهن اهو سڀڪجهه حاصل ٿي وڃي جنهن تي نيازي سرڪار خوش ٿي رهي آهي ته به اهو ڏسڻو پوندو ته ملندڙ مال اهو اگهه لهي به ٿو يا نه جيڪو ملڪ کي چڪائڻو پوندو. هونئن ته هر شيءَ سينسر ٿئي ٿي پر پهريون ڀيرو سعودي وزير خارجه ۽ شاهه محمود قريشيءَ جي گڏيل پريس ڪانفرنس به هنن کي سينسر ڪرڻي پئي. سعودي وزير خارجه ٻه چار ابتدائي رسمي ڳالهيون چئي، وٺي جو ايران کي سڄي دنيا ۾ دهشتگرديءَ جي جڙ ٻڌائڻ لڳو ته سينسر وارن پريس ڪانفرنس جي لائيو ڪوريج روڪرائي. پر تيستائين مهمان وزير خارجه اهي سڀ ليڪا ڪراس ڪري چڪو هو جيڪي اسلام آباد سفارتي پروٽوڪول ۾ پاڻ ۽ پنهنجي مهمانن لاءِ متعين ڪري رکيا آهن.

سفارتڪاريءَ جي دنيا ۾ اهو بلڪل ممڪن آهي ته اوهين سعودي عرب جا يار هوندي به ايران جا دشمن نه هجو. اها ڳالهه مڃڻي پوندي ته گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان اسلام آباد ۾ ڪيترين ئي سول توڻي فوجي حڪومتن پنهنجي پاڙيسري ايران کي ڪاوڙائڻ بنا سعودي عرب سان نڀايو آهي. اهو سلسلو اڳتي به هلي سگهيو ٿي. پر مهمان وزير خارجه پنهنجي ٻڌائي پاڪستان کي ڏٺو ڪري هليو ويو.

هن کان اڳ پاڪستان ۾ سعودي فرمان روا به ايندا رهيا آهن. خود هي شهزادو به اڳي وزير دفاع جي حيثيت سان دورو ڪري ويو آهي. پاڪستان جي ڪنهن به وزير اعظم ڪنهن فرمان روا يا ڪنهن هيڊ آف دي اسٽيٽ کي به ايترو پروٽوڪول ڪونه ڏنو آهي جيڪو هن ولي عهد شهزادي کي ڏنو ويو. ڪڏهن به ملڪ جي وزيراعظم ڪنهن غيرملڪي مهمان جي ڪار ڊرائيو نه ڪئي آهي. وزيراعظم جيڪڏهن پاڙي ۾ موجود ايوان صدر تائين ڪار ڪاهي وڃي ها ته ڪو مسئلو ڪونه هو پر هن وزيراعظم هائوس ۽ نور خان ايئر بيس چڪلاله وچ ۾ شهزادي جي گاڏي ٻه دفعا ڊرائيو ڪئي ۽ هر ڀيري 22 ڪلوميٽرن جو رستو پورو ڪيو.دنيا ۾ وي وي آئي پي شخصيتن جون گاڏيون ڪاهڻ لاءِ پروفيشنل ڊرائيور مقرر هوندا آهن جن کي سموري تربيت هوندي آهي ۽ ڪنهن اڻ ٿيڻي صورتحال ۾ انهن کي پلان بي ۽ پلان سي به سمجهايل هوندا آهن. هتي سيڪيورٽيءَ توڻي سيفٽيءَ واري لحاظ کان بيوروڪريسي پريشان هئي ته شهزادو خيرن سان منزل تي پڄي وڃي.

P-01

افواهن تي ڀروسو نه ڪرڻ کپي پر پاڪستان جي افواهن جي بري ڳالهه اها آهي ته اهي اڪثر سچ ثابت ٿيندا آهن. مثال طور ڪيترن ذريعن اها ڳالهه چئي آهي ته شهزادي کي اهو چوندي ٻڌو ويو ته هو فوج جي سربراهه جي دعوت تي پاڪستان آيو آهي. جيڪڏهن اها حقيقت آهي ته پوءِ نيازي سرڪار ڪريڊٽ کڻڻ لاءِ مفت ۾ ٺينگ ٽپا ڏئي رهي آهي.

ايوان صدر ۾ ٿيندڙ ضيافت ۾ صدر عارف علويءَ کي ڪنهن به اهو ڪونه سمجهايو ته پروٽوڪول مطابق معزز مهمان کي ڀليڪار چوڻ واري تقرير ويٺي نه پر اٿي بيهي ڪبي آهي. هن تقريبن اڌ تقرير ويٺي ويٺي ڪري ڇڏي ته نيٺ ايوان صدر جي منتظمين جي يادداشت واپس آئي ۽ ڪنهن صدر علويءَ جي ويجهو وڃي کيس چيو ته جناب اٿي بيهي تقرير ڪيو. جنهن کان پوءِ باقي بچيل تقرير هن اٿي بيهي ڪئي.

اسلام آباد جي ايوان صدر توڻي وزيراعظم هائوس ۽ دنيا جي اهڙن ٻين اقتدار جي ايوانن جو پروٽوڪول اهو هوندو آهي ته سڀ کاڌي جي ميزن تي ويٺل هوندا آهن پر ميزبان توڻي مهمان جي تقريرن دوران کاڌو نه کائبو آهي پوءِ ڀلي کڻي ماني ٿڌي ئي ڇو نه ٿي رهي هجي. اهڙين ضيافتن جون تقريبون باقاعدي ايجنڊا تحت هلنديون آهن. هتي صدر علوي ويٺي ويٺي تقرير شروع ڪئي، پوءِ اڌ تقرير ڪنهن جي چوڻ تي اُٿي بيهي ڪئي. ٻئي طرف وزيراعظم تقرير تي ٽڪي جو ڌيان ڏنو ۽ ماني کائڻ شروع ٿي ويو.

سينيٽ جي چيئرمين سنجراڻيءَ جي دعوت واحد جاءِ هئي جتي ڪجهه اپوزيشن جا سياستدان به دعوتيل هئا، نه ته نيازي سرڪار اپوزيشن مان ڪنهن کي به دعوت ڪانه ڏني هئي. بقول احسن اقبال جي، هنن اها پنهنجي بي عزتي پاڻ ڪرائي آهي.دنيا جو اصول آهي ته ٻاهران ايندڙ مهمان سان سڀ گهر وارا ملندا آهن ۽ ايئن هو اهو سمجهندو آهي ته سڀ خير لڳو پيو آهي. پر هتي مهمان کي  نياپو اهو ويو ته گهر ڀاتين جو پاڻ ۾ ڪوبه ٺاهه ڪونهي. سينيٽ چيئرمين جي دعوت ۾ سينيٽر مشاهدالله پاران ذڪر ڪرڻ تي هز رايل هائينيس چيو ته نواز ۽ شهباز شريف جي هو دل سان عزت ڪري ٿو. انهيءَ هڪ ڳالهه نيازي سرڪار پاران شهزادي جي دوري تي مڙهيل سينسرشپ جو پردو چاڪ ڪري ڇڏيو.

P-02

Purpose-built يا خاص مقصد سان ٺهرايل پرائم منسٽر هائوس کي يونيورسٽي بنائڻ جو اعلان ڪري وري ان کي پرائم منسٽر هائوس بڻايو ويو. شاهي مهمان جي دوري دوران اسلام آباد ۾ ماڻهو مذاق اڏائيندا رهيا ته شهزادو پرائم منسٽر هائوس يونيورسٽيءَ جي هاسٽل ۾ رات  رهيو آهي. جيترن پئسن ۾ پرائم منسٽر هائوس جون گاڏيون وڪرو ڪيون ويون هيون ان کان وڌيڪ پئسن ۾ چئن ڏينهن لاءِ مهانگيون گاڏيون مسواڙ تي ورتيون ويون ته جيئن شهزادي سان گڏ ايندڙ سوين ماڻهن جي وفد کي اچ وڃ جي سهولت حاصل هجي.

شهزادي جي هن دوري حڪمرانيءَ جي آرٽ ۾ نيازي سرڪار جي اناڙي پڻي کي وڌيڪ وائکو ڪري ڇڏيو آهي. پر ان ثابت ڪيو آهي ته هر ڀيري ماڻهن تي جيڪڏهن اسان جي نااهليءَ جا نوان انڪشاف ٿين ٿا ته ان جي پرواهه ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. اسين به تخت تي ويٺل رهنداسين. خلقه ڀلي وندريل رهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو