Home / ڪتاب / يادگيرو ٿڙ ۽ پارڪر جو….!
above article banner

يادگيرو ٿڙ ۽ پارڪر جو….!

Noor Ahmed Jhinjhi

نور احمد جنجهي

ٿرپارڪر بابت لکيل بنيادي  ۽ اهم ڪتابن مان  هڪ ڪتاب آهي ” ميماير آن ٿڙ اينڊ پار ڪر ڊسٽرڪٽس آف سنڌ “ (Memoir on Thurr and Parkur Districts of Sind)آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ليکڪ مئجسٽريٽ  اسٽئنلي نيپيئر رئڪس آهي جيڪو ان وقت 1856 ع ۾ انگريز حڪومت جو هنن علائقن لاءِ مقرر ڪيل مئجسٽريٽ هو. سندس هيڊ ڪوارٽر ڪڇ جي شهر ڀُڄ ۾ هو پرسرڪاري ذميوارين جي ادائگيءَ لاءِ هو ٿرپارڪر ايندو رهندو هو. هن جي لکيل اها رپورٽ هن علائقي توڙي انگريزي حڪمرانيءَ بابت چڱي موچاري ڄاڻ آڇي ٿي. هن هيءَ رپورٽ پهرين سيپٽمبر 1856ع تي لکي مڪمل ڪئي . هن ڀُڄ کي (Bhooj) لکيو آهي ۽ ”ٿڙ ۽ پارڪُر“ لکيو آهي. انگريز ڪامورن تي يادگيرا ۽ گزيٽيئر لکڻ لازمي هوندو هو . هن اهم يادگيري  لکڻ جي مقصدن بابت رئڪس لکي ٿو ” پهريون ته هن ضلعي جي طبعي پهلوءَ بابت خيال ڏيڻ جنهن جي ٿوري ڄاڻ آهي ،  ٻيو ته هتي رهندڙ سرواڻ قبيلن جي ڄاڻ ، ٽيون  انهن واقعن جو پيرو کڻڻ جن جي ڪري اسان جو هن علائقي سان واسطو ٿيو ، چوٿون ؛ سنڌ کٽڻ کانپوءِ مقامي سردارن  ڪيل کڻت جا تفصيل ، پنجون ؛زميني مدت کي ڄاڻائڻ جنهن جي بعد ۾ روينيو ڪٿ ڪئي ويئي ، ڇهون ؛گذريل ستن سالن ۾  ٿرپارڪر جي عام ماڻهن جي سرهائي ، آدمشماري ، تعليم ، عوامي ڪمن ، روينيو ۽ زميني ورهاست بابت عام راءِ جي ڄاڻ آڇڻ  ۽  مستقبل کي سرهو ڪرڻ“ . ٿڙ ۽ پارڪر جو انتظام ان وقت ڀُڄ مان ڪيو ويندو هو. ڪڇ ڀُڄ ٻئي نالا ايئن ٻٽا ڪري اُچاريا ويندا آهن جيئن روهڙي سکر. ڪپتان رئڪس سندس انتظام هيٺ ٿر کي ”ڍاٽ يا ننڍي رڻ پٽ “ ڪوٺي ٿو جيڪو هڪ ننڍي پٽيءَ جي شڪل ۾  رڻ ڪڇ جي اُترئين دنگ سان هلندو هلي ٿو جنهن جي ڊيگهه 120 ميل ۽ ويڪر 40 کان 50 ميل آهي، جڏهن انهي پٽ جي پکيڙ هو اندازن 5400 چورس ميل لکي ٿو. علائقي جون حدون لکي هو پاڻيءَ جو ذڪر ڪري ٿو ته پاڻي کارو آهي پر پيئڻ جوڳو آهي . پارڪر جي علائقي جي پکيڙ اُتر کان ڏکڻ ۾  20 ميل ۽ اوڀر کان اولهه 30 ميل آهي . پارڪر کي هن ڪنهن وقت جي ”شاهوڪار تهذيب “ سڏيو آهي . ذاتين ۽ قبيلن جو ذڪر ڪندي ، سوڍن، نهڙين ، راهومن ۽ کوسن کي مُکيه قبيلا ڪوٺي ٿو. ان سان گڏوگڏ ڪجهه لاڏائو قبيلن ۽ واپاري قبيلن جي ڳالهه ڪري ٿو جن ۾ واڻيا ، لوهاڻا ۽ ميمن شامل آهن. لکي ٿو ته ڀيل ۽ ڪولهي تعداد ۾ وڌيڪ آهن پر سندن  گهڻي اهميت ناهي . عمرڪوٽ  بابت لکي ٿو ته عمرڪوٽ مارواڙ ۽ سنڌ ماٿريءَ جي وچ ۾ شاهراهه آهي . رتي  ڪوٽ جو عمرڪوٽ کان مفاصلو اٽڪل 30 ميل ڄاڻائي ٿو. عمرڪوٽ جي راڻي جي اهميت وڌڻ کي اڪبر بادشاهه جي ڄمڻ جي واقعي سان منسوب ڪري ٿو. پارڪر جي حڪمرانن کي ”راڻي “ جو لقب هوندو هو. ڪلهوڙن پاران 1750 ع ۾ عمرڪوٽ قلعو هٿ ڪرڻ ۽ سوڍن جي ستارن جي جهڪو ٿيڻ بابت لکي ٿو ته ٻئي طرف  ٿر جي سوڍين جي خوبصورتي جو ذڪرڪري ٿو. سندس  جملو هن ريت آهي …

P-01

The Soda ladies of the Desert are esteemed amongst the most beautifulwomen of the East, their virtues and beauty being the theme of many a song—the subjectof many a story—and in former days the cause of many a fatal contest.

هو  راهومن ۽ نهڙي قبيلن جو تعداد ترتيبوار 1100 ۽ 900 لکي ٿو جيڪي  ٿر جي الهندي ڀاڱي ۾  آباد آهن. ان کانپوءِ هن جنهن قبيلي کي اهم ليکيو آهي سو ”کوسا  “ آهن جيڪي  ڪلهوڙن سان سنڌ ۾ آيا جن کي هو رعبدار ۽ ويڙهاڪ  سڏي ٿو ، ڪلهوڙن جو وارو ختم ٿيڻ کانپوءِ اهي پکڙي ويا ۽  مقامي سردار سان واڳجي ويا. کوسن بابت وڌيڪ لکي ٿو ته اهي ڀُڄ ، راڌڻپور ۽ ٿراڌ تائين  وسيلن ڦرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. لاڏائو قبيلن بابت هو لکي ٿو ته اهي سڀئي مسلمان آهن ۽ اصلوڪا رهاڪو آهن جن ۾  اوڏايا ۽ لنجا مُکيه سمجهيا وڃن ٿا.ڀيلن بابت لکي ٿو ته  ”اميران سنڌ “ جي حڪمراني هيٺ هن قبيلي جي هٿ هيٺ  19 ٿڙ يا ڳوٺ  يا تڙ هئا . سندن سماجي رُتبو هيٺاهون هو.

قديم مندرن بابت لکندي هو ڄاڻائي ٿو ته گوڙي مندر ويراواءِ کان 14 ميل اتر اولهه ۾ آهي جنهن مان ويراواءِ جو سوڍو گوڙيچي جو بُت کڻائي ويو ۽ ان وسيلي وڏي دولت ڪمايائين. ڀوڏيسر جي مندرن ۽ مسجد  جو ذڪر به ڪري ٿو .پاري نگر بابت لکندي هو ڄاڻائي ٿو ته کيس لڳي ٿو ته اهو شهر پهرين صديءَ عيسويءَ ۾ قائم ٿيو ۽ منجهس 40 هزار ماڻهو رهندا هئا.جنهنکي دهليءَ جي فوجن 1226 ع ۾ تاراج ڪيو جنهن کانپوءِ واپاري برادري ڪڇ جي شهر مانڊوي  ۽ ڄام نگر ۾ وڃي 1338 ع ۾ آباد ٿي . سماجي افراتفري واپارين کي وکيريو  ۽ سمنڊ جو هٽڻ به مُکيه سبب هو. هو ٽالپر اميرن جي گڍن جو ذڪر ڪري ٿو  جن اولهائين ٿر ۾ پنهنجي حڪمرانيءَ کي مضبوط ڪندي ، ٽئڪس مڙهيو  ۽ قلعن جي اڏاوات ڪرائي ، جن جو تفصيل هن ريت لکي ٿو . اسلام ڪوٽ جو قلعو (386 چورس فٽ ) 1795ع  ۾ ، مٺيءَ جو گڍ اسلام ڪوٽ جي قلعي کان ڪجهه سال اڳ تعمير ڪرايو ويو، نئون ڪوٽ جو قلعو 1814ع ۾ ، سينگاري جو قلعو اندازن 1800ع ۾  تعمير ٿيا. انگريزن جو سنڌ سان رابطو ڪڇ معرفت ٿيو پهريائين اهي ڪڇ آيا پوءِ 1843ع تي سنڌ تي قبضو ڪيائون . کوسن جو سردار ويراواءِ جي ٺڪر سان لاڳاپيل هوندو هو . راهومڪي بازار ۽ ونگا بازار کي هو پراپر سنڌ ۾ ٿڙ ۽ پارڪر پرڳڻن جي اولهه ۾  ڄاڻائي ٿو. ٽئڪس وڌائڻ تان تڪرار ٿيو جنهن کي چيڀاٽڻ ۽ حيدرآباد جي درٻار جو ڌاڪو ڄمائڻ لاءِ  ٽالپرن  هڪ وڏي اٽالي سان پارڪر تي ڪاهه ڪئي ، گوڙيءَ جي جين ڏهرن کي  ڀيليو ، ويراواءِ مان مال ميڙيو، ننگر ڦُريو  ۽ سڄي ضلعي کي تاراج ڪيو . هنن ويراواءِ جي ٻن سردارن  ، راڻي جي مينيجر (راڻو صغير هو ) ۽ ڪجهه ٻين ٺڪرن کي پاڻ سان  کڻي ويا، جن کي کُڏيءَ جي قلعي ۾ رکيو ويو. هٿ پير ٻڌي مٿن تشدد پڻ ڪيو ويو. ان کانپوءِ ٽالپرن کي ڪسٽم ڊيوٽي جو اڌ ۽ زميني اُپت جو پنجون حصو کنيو . واڳڙ جي ڦورن ۽ جمعدار فتح محمد ۽ محمد حسين ميان جو به ذڪر ڪري ٿو.

اڳتي هو ٽالپر اميرن سان ڪيل خط ڪتابت  جا حوالا ڏيندي ، پنهنجي رپورٽ کي اڳتي وڌائي ٿو ته ڪيئن ڌاڙيلن کي روڪڻ جو انتظام ڪندي ، پارڪر کي پُرامن بنايو ويو. ڪپتان مئڪمرڊو ۽ ڪرنل رابرٽس جو ذڪر آهي ته ٿر جي  ڏاکڻي ڀاڱي جي علائقن  ۽ اتر الهندئين ڀاڱن جا نالا ڏئي ٿو.انهن علائقن جي انتظامي بندوبستڪاري  جو احوال لکي ٿو. پوليس جي انتظام جو ذڪرڪندي ، کوسن جي سردار ڪاپڙي خان  ۽ گهمڙاڻي کوسن جو ذڪر ڪري ٿو. اسلام ڪوٽ جي مُکيه قبيلن جو لکندي ، وسائيپوٽن ۽ ميس جو ذڪر ڪري ٿو جنهن مان مراد شايد مياڻا آهي جن وٽ ترتيب وار 11 ۽ 19 تڙ هئا . ويرا واءِ  ۽ پيٿاپور جي سردارن وٽ  5 ڳوٽ هوندا هئا. پارڪر جي سردارن ، (راڻي سميت ) وٽ 21 تڙ هوندا هئا. موڪڙيار جو ننڍڙو ڳوٺ پارڪر جي راڻي جي مينيجر ”اُڪي مالڏي “ کي ڏنل هو. ڀوڏيسر جو ڳوٺ سوڍي جڳوجيءَ کي مليل هو. پارڪرجي سردارن کي انگريزن پاران ملندڙ ”تلافي“ جو تت ڏنل آهي . 1854ع جي آدمشماري (41535) ۽ 1856ع جي آدمشماري (51073) جا انگ اکر ڏنل آهن. 1854ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئر ٿڙ ۽ پارڪر ضلعن جو دورو ڪري ”مقرر تخمينو“ لاڳو ڪيو . گيهه جي ڪڇ ۽ گجرات ڏانهن ايڪسپورٽ ٿيندي  هئي .گگر، کونئر، تر، سرنهن، هيرڻ، ڄامڀو ٿيندا هئا. ڪپهه ۽ ڳڙ درآمد ڪيا ويندا هئا. ٿڙ ۾ موکئي جي وڏي لوڻ جي ڊنڍ هوندي هئي . انهي کانپوءِ  هتان جي  ”اسٽيبلشمينٽ “ جو وچور آهي جنهن مطابق ٿڙ ۽ پارڪر ضلعا پوليس ۽ روينيو جي لحاظ کان جدا جدا ڪاردارين ۾ ورهايل هئا 1. ڏيپلي ۽ ٻليهاريءَ جي ڪاراري 2. مٺي ، اسلام ڪوٽ ۽ سينگاري جي ڪارداري ۽ 3. ويراواءِ پرڳڻو. هر هڪ ڪارداريءَ ۾ هڪ ڪاردار ۽ هڪ  ڊپٽي  ڪاردار مقرر ٿيل هوندا هئا. مئجسٽريٽ  به مقرر هوندا هئا. 1855ع ۾  پيش ٿيل  26 مقدمن ۾  19 مقدما اُٺن جي چوريءَ جا هئا. پوليس کاتي جو وچور به ڏنل آهي . 1855 ۾ سنڌ جي ڪمشنر  ، ننگر ، اسلام ڪوٽ ۽ مٺيءَ ۾ اسڪول منظور ڪيا  جن ۾ اُستاد احمد آباد مان آندا ويا. بعد ۾ انهن اسڪولن ۾ ڪمرا به تعمير ڪرايا ويا. انهن اسڪولن ۾  ڪُل 170(ننگر 101، اسلام ڪوٽ 34، مٺي 35 )  ٻار داخل هئا. تعليم جو ماهوار ڪُل خرچ 115 رپيا هوندو هو. علائقي جي آبهوا ۽ عوامي ڪمن جو ذڪر آهي  ته  نتيجي طور سفارشون به ڏنل آهن . انتهائي تفصيلي ضميمن وسيلي زمين  ۽ ٻين شين جو وچور درج آهي. رپورٽ جي پُڄاڻي ۾ پارسناٿ  ۽  پاري نگربابت يادداشتناما ۽ ڪجهه ٻيون سندون ڏنل آهن. اهڙي طرح هي رپورٽ  ٿر ۽ پارڪر بابت بنيادي ڄاڻ فراهم ڪري ٿي . رپورٽ کي 1859ع ۾ ڇپايو ويو .

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو