Home / پروفائيل / مرهم قمبراڻي، جنهن تي ڪنهن شهنشاهه جو فرمان نٿو هلي!
above article banner

مرهم قمبراڻي، جنهن تي ڪنهن شهنشاهه جو فرمان نٿو هلي!

 امير منڌرو

Writer

ڪڍڻ شهر ۾ هو ڌوٻي جي دڪان تي ڪپڙا استري ڪري گذر سفر ڪري ٿو  .سندس زرد  زندگي سرخ گلابن جي موسم ۾ ڪنڊن جي سيج مثل آهي. هن ڪا باقائده نه تعليم پرائِي ۽ نه ئي ڪو سک جو ساهه کنيائين . بک ۽ بيروزگاري سان سڄو ڏينهن شديد جنگ جوٽڻ کان پوءِ هو سنجها ٽاڻي متارن سان گڏ مٽ اپٽي  پنهنجي ڳچي جا ڳٽ کولڻ جي هر رات ناڪام ڪوشش ڪري ٿو . هن جو درد هر کٽندڙ ڏينهن سان گڏ وڌندو ٿو رهي . ڪڍڻ شهر ۾ ڪپڙا استري ڪندڙ منوءَ شيدي سان گڏ هن جو هڪ ٻيو تعارف هڪ بهترين شاعر وارو به آهي. هي ئي اهو شاعر آهي جنهن “ يا خدا مان حاضر آهيان ” جهڙو لازوال نظم لکي اقبال جي ”شڪوه“ سان وڃي ٽڪر هنيو آهي .

عبدالمنان “مرهم“ قمبراڻي جو شمار انهن چند فلاسفر شاعرن ۾ ٿئي ٿو جن کي سنڌ جي علمي ادبي حلقن ۾ هن وقت تمام گهڻي مشهوري مليل آهي. نئين ٽهي جي جادوگر شاعر عزيز گل جيان هن جي شاعري ۾ اهو ئي سامري وارو سحر آهي جيڪو ٻڌندڙن کي پنڊ پهڻ ڪري ٿو ڇڏي ۽ خيال واسينگ جيان وٽ کائي تخيل جي جوڳي اڳيان مست رقصان ٿي جهومڻ لڳي ٿو .

 اڪثر ڪري شاعرن جي لاءِ اهو مشهور هوندو آهي ته ماري مڃائي، زوري زبردستي به شاعري ٻڌائي پوءِ سک جو ساهه کڻندا آهن پر هي شاعر انهي قبيلي کان مختلف آهي. پهرين ته منوءَ سان ملاقات ئي مسئلو هوندو آهي ۽ جي مقدر سان ملاقات به ٿي وڃي ٿي ته وري شاعري ٻڌڻ جي لاءِ وڏا پاپڙ ويلڻا پوندا. مون هڪ ڀيري هن کان پڇيو هو ته “ادبي پروگرامن ۾ ڇو نه ايندو آهين ؟”ته سڌن لفظن ۾ چيائين ته ”اهي ادبي پروگرام ڪامورن، اديبن ۽ گوسڙو ملازمن جا ويزا ڪارڊ هوندا آهن،آءٌ جي اڌ رات تائين ويهي اهي محفلون مچائيندس ته سندن ڪلف ٿيل ڪاٽن استري ڪير ڪندو ؟۽ منهنجي خاندان جي پيٽ جي دوزخ ڪهڙو ”اڌ قلندر“ اچي اجهائيندو ؟

پنهنجي حال ۾ مست رهندڙ ”منوءَ“ کي ڪنهن به اداري، فرد ۾ نه ڪا اميد آهي ۽ نه ئي آسرو اٿس .وظيفي جون درخواستون لکڻ هن کي اچن ئي ڪو نه ٿيون. ”ادبي ميڙن ۾ لفافي جي آسري قطارون ڪري بيهندڙ شاعرن کان منو وڏو شاعر آهي “منهنجو دوست رضا آڪاش اڪثر اهو تبصرو ڪندو آهي . هن کي عطائي  اديب  سياسي، سماجي، ادبي ۽ سرڪاري سگهڙ کي ڪڍڻ شهر جي مال پڙي ۾ دلال  بڻجي ٻڪريون کپائڻ جي صلاح انهي وقت ڏني جڏهن هن کيس ٽن هزارن جي چيڪ جو آسرو ڏئي سرڪاري مشاعري ۾ شرڪت ڪرڻ جي لالچ ڏني هئي. منوءُ ڳالهه ايئن منهن تي چوندو آهي جيئن هن لفافي باز همراهه کي لفافي ۾ بند ڪري روانو ڪري ڇڏيو.”اهي ڏينهن، اهي شينهن وري سرڪاري ڌوتين پاران اهڙا رشتا اچڻ ئي بند ٿي ويا “منوءَ اک هڻندي ٻڌايو . هن سان منهنجي پهرين ملاقات عاشق انصاري جي ڪري ٿي. عاشق انصاري هڪ سخن فهم ماڻهو هو. اديبن، فنڪارن، شاعرن ۽ ڏات ڌڻين کي هو نه رڳو ڀرپور عزت ڏيندو هو پر انهن کي گم نامي جي ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍي شهرتن جي کيرٿر مٿي نمايان ڪندو هو .سچ ته منهنجي شهر جا ٻه سخن ور عطا دل ۽ عاشق انصاري شهرتن، عهدن ۽ نالي ۾ نهال دانشوري جي لغڙن پويان راتو ڏينهن ڊوڙندڙ يارن کان گھڻو مختلف هئا. اهو ئي سبب آهي جو هر مهيني ڪڍڻ شهر ۾ ئي ادبي پروگرامن جي نالي ۾ ”درخت ڪانڊيرن “ جا ڪيڪ ته ڪٽجن ٿا پر منوءَ سان ڪنهن ڀلجي ڪو پروگرام ئي نه رکيو آهي . ڀلا اهڙي نڀاڳي شاعر سان ڪير ڪو پروگرام رکي به ڪيئن رکي. دودو چانڊيو، ارباب احسان ۽ آءٌ ڪڍڻ شهر ۾ سندس نالي هڪ پروگرام رکي سڄي راتP-01 انتظار ڪندا رهياسين. دوست علي چانڊئي، رضا شاهه ۽ حاجي حمزي شهر جي هر ڪنڊ پاسي ۾ هن کي تلاشيو پر هو ڪٿي ڪونه مليو .گهڻو پوءِ جڏهن مون کائنس انهي پروگرام ۾ نه اچڻ جو سبب پڇيو ته لاپرواهي مان چيائين ”بس موڊ ڪو نه ٿيو.“

هن جا موڊ به نرالا آهن ۽ پاڻ به من موجي آهي. هي شمشير جي شهر جو اهو بادشاهه شاعر آهي جنهن مٿان واقعي به ڪنهن شهنشاهه جو فرمان هلي ئي ڪونه ٿو. تخت ۽ بخت جي بازين کان بي پرواهه رهندڙ هن شاعر جي تخيل جي اڏام جا پنڌ تمام پري آهن. اقبال جتي پنهنجي شاهڪار نظم ۾ هڪ مسلم جي شڪايت خلقڻهار سان ڪئي هئي اتي هي مارڪسسٽ شاعر پورهيت جي پاران ڌڻي سائين اڳيان پنهنجي درد لادوا ۽ مجبورين جي شڪايت ڪري ٿو . منان مرهم جي شاعري کي پورهيت سماج اڄ نه ته سڀاڻي ضرور  مڃتا ڏيندو .اوهان پاڻ پڙهي ڏسو ڇا ته هن جي لفظن جي اڏام آهي .

ڪنهن شرابن طهورا لاءِ تسبيع پڙھي

 ڪنهن انگورن جي لالچ تي سجدا ڪيا

 ڪو لائق عبادت سمجهي جُهڪيو

 ڪنهن جَهنم جي دڙڪن کان خُطبا چَيا

 مون به چاهيو ته مان تنهنجو نالو وٺان

تنهنجي تسبيع پڙھان

 توکي هر هر جهڪان

 پر منهنجي مقدر ۾ اهڙي هئي نوڪري

 تنهنجي سجدي ڪرڻ جي نه مُهلت مِلي

مان جي توکي جُهڪيس پئي ته منهنجا ٻچا

 روز گوڏا وجهي پيٽ ۾ ٿي سُتا

 پوء به مونکان پڇين ٿو؟

مان حاضر آھيان

 اي خدا اي خدا اي خدا اي خدا

مان زماني جون سَنگريز راهون رُليس

 ۽ حياتي سڄي ڊوڙندو ئي رهيس

مونکان منزل هميشه ڪنارا ڪيا

 وقت جي ڀِيڙ ۾ مُفت ماريو وَيُس

 منهنجي مادر جو ڪوئي سھارو نه ٿيو

 منهنجو جيون ۾ ايڏو ٿي نقصان ويو

 مان زماني جا زندان ڪاٽيو اچان

 پوءِ به مونکان پڇين ٿو مان حاضر آھيان

 اي خدا اي خدا اي خدا اي خدا

اي منهنجي قسمت جا ڪاتب ذرا غور ڪر

 منهنجي عَملن جي بيشڪ ڀلي تور ڪر

 منهنجي پورهيت هٿن جو پڙھي فلسفو

 پوءِ جي چاهين تون مون کي پنهنجو چور ڪر

 مون هرن کي هلائي ڪيا حج پئي

 مون زمينن کي کيڙي زڪواتون ڏنيون

 تنهنجو ھاري به مان

تنهنجو پورهيت به مان

 پوءِ جي  مونکان پڇين ٿو مان حاضر آھيان

 اي خدا اي خدا اي خدا اي خدا

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو