Home / دنيا / يورپي ملڪن ۾ عوامي سونامي، عالمي سرمائيداراڻي نظام جي ناڪامي جو اعلان
above article banner

يورپي ملڪن ۾ عوامي سونامي، عالمي سرمائيداراڻي نظام جي ناڪامي جو اعلان

عرفان ٺٽوي

Irfan Thatvi

فرانس ۾ ڦڪي واسڪوٽي مهم ڇا شروع ٿي، ڏسندي ئي ڏسندي البانيا، سربيا، بيلجيم، آسٽريا، هنگري کان ڪئناڊا تائين ڪيترن ئي ملڪن ۾ مختلف مطالبن جي حق ۾ مختلف نعرن سان عوام حڪومتن ۽ حڪمرانن خلاف مظاهرا ڪندي روڊن تي نڪري آيو. اهي خبرون ته ميڊيا وسيلي عوام تائين پهچي چڪيون آهن ته اولهه جي ملڪن جو عوام احتجاج تي ڇو مجبور ٿيو ان ڪري پاڻ هتي انهيءَ احتجاج ۽ مظاهرن، ڌرڻن ۽ ريلين جو هڪ ٻئي رُخ کان پڻ جائزو وٺنداسين. انهي سڄي معاملي کي هڪ جملي ۾ بيان ڪجي ته اولهه جي ملڪن جا حڪمران ۽ اُتي لاڳو سرمائيداراڻو نظام عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي. حالانڪه سڄي دنيا ۾ اهو ئي سرمائيداراڻو نظام اولهه جي بلاڪ وسيلي سڌي ريت يا عالمي ادارن وسيلي حڪومت ڪري رهيو آهي.

انهيءَ حقيقت کي سمجهڻ لاءِ پهرين اهو سمجهڻ کپي ته جاگرافيائي لحاظ سان دنيا مختلف کنڊن ۾ ورهايل آهي ليڪن سرد جنگ جي دور ۾ نظرياتي لحاظ کان دنيا بنيادي طور اوڀر بلاڪ ۽ اولهه بلاڪ جي عنوان سان ورهايل رهي آهي. ايئن ته آفريڪا کنڊ جي هڪ خطي کي پڻ اولهه چيو وڃي ٿو ليڪن عام طور تي بين الاقوامي لاڳاپن جا ماهر انگريزي لفظ ويسٽ کي اولهه بلاڪ لاءِ استعمال ڪن ٿا. اولهه جو اصطلاح رڳو يورپ کنڊ تائين محدود ناهي پر اهو آمريڪا جي قيادت ۾ گڏ انهن سمورن ملڪن تي پڻ لاڳو ٿئي ٿو جيڪي سرمائيداراڻي نظام جي ڇٽيءَ هيٺ گڏ هئا. يعني نه رڳو نيٽو ملڪ بلڪه آسٽريليا، ڪئناڊا، نيوزيلينڊ ۽ سيٽو ملڪ پڻ اولهه جي بلاڪ جو حصو رهيا. انهن ملڪن جو حڪمران طبقو ۽ بااثر طبقو اوڀر ۽ خاص طور تي مسلمانن ۽ عربن کي غير مهذب قرار ڏئي انهن لاءِ منفي سوچ رکندو هو. اُهي جڏهن به ڪٿي حملو ڪندا هئا ته هڪ بهانو اهو به هوندو هو ته کين پاڻ وانگر مهذب بڻائڻ ضروري آهي.

P-01

اولهه جي اهم شخصيتن جي اها راءِ پهرين مها ڀاري جنگ بابت تاريخي دستاويزن ۾ پڻ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اولهه جي بلاڪ دنيا کي نيشن اسٽيٽ (قومي رياست) جي بنياد تي ورهايو، ترتيبوار بادشاهت جي ورهاست جي نظام جي جاءِ تي جمهوريت جو نعرو هڻي نئون حڪمراني جو نمونو متعارف ڪرايو. ويلفيئر اسٽيٽ يعني پنهنجي شهرين جي ڀلائي لاءِ توانايون استعمال ڪندڙ رياست جي ڳالهه ڪئي وئي. ويسٽ فيليا معاهدي کان وٺي پهرين مهاڀاري جنگ تائين ۽ ان کان پوءِ ٻي مهاڀاري جنگ کان اڳ تائين اولهه بلاڪ کليل طور دنيا جي سياست ۽ معيشت کي پنهنجي حق ۾ ڪيو ۽ ٻي مها ڀاري جنگ جي پڄاڻي تي گڏيل قومن وسيلي انهيءَ اڻپوري ايجنڊا کي هڪ مرڪزي عالمي اداري هيٺ نئين عالمي نظام لاءِ قانون پڻ ٺاهيا. انساني حقن جو عالمي پڌرنامو پيش ڪري دنيا کي نئين سياسي، معاشرتي ۽ اقتصادي لائين ڏني وئي ته ان تي عمل ڪيو. عالمي قانون ساز ادارن، عالمي مالياتي ادارن ۽ بحري رستن تي مڪمل ڪنٽرول وسيلي عالمي واپار تي پڻ اولهه جي بلاڪ پنهنجي مضبوط گرفت رکي. هڪ کان وڌي هڪ ايجادن وسيلي دنيا کي مرعوب ڪندي اولهه جي بلاڪ پاڻ کي ترقي يافته مهذب ۽ انساني حقن جو علمبردار قرار ڏنو.

ليڪن اولهه جي بلاڪ جي ان ڪوڙي دعويٰ کي ڏسڻ چاهيو ته صوماليا کي ڏسو جتي ڏڪار انسانن جي زندگي اولهه جي ڪتن ۽ ٻلين کان به خراب بڻائي ڇڏي آهي، اهي منظر ڏسي به سگهجن ٿا. اهي ملڪ هر سال فنڊنگ جي دعويٰ ڪندا آهن ته ڪٿي خرچ ٿي رهيو آهي ۽ ڪيترو خرچ ٿي رهيو آهي، ڪٿي انسان بک،اڃ ۽ غربت سبب مري رهيا آهن ته ڪٿي ڪتا ۽ ٻلا به موجون ڪري رهيا آهن. هاڻي ته صورتحال اها آهي ته سندن پنهنجي سڌي ريت حڪومت ۾ عوام بک، غربت، بيروزگاري ۽ مهانگائي جو شڪار آهي. هڪ وقت هو جو فرانس، برطانيا، پرتگال، اٽلي، هالينڊ، اسپين ۽ ٻين ملڪن تي قبضا ڪري انهن کي پنهنجون بيٺڪيتون بڻائيندا هئا. هاڻي آمريڪا جي اڳواڻي ۾ اولهه جو بلاڪ اعلانيه طور يلغار به ڪري ٿو ته اتحادين جي ظلمن جي سرپرستي پڻ ڪري ٿو. انهيءَ اولهه جي بلاڪ پاڻ کي اڳ ۾ پهرين نمبر تي قرار ڏنو ته ٻين کي ٻئين ٽئين نمبر تي پٺتي پيل قرار ڏنو. اسان جي ڀرپاسي اهڙا به ذهني غلام موجود آهن جيڪي انسانيت جي خلاف اولهه جي ڀيانڪ ظلمن جي شدت کي هلڪو ڪرڻ لاءِ اهو تجزيو پيش ڪندا آيا آهن ته گهٽ ۾ گهٽ سامراجي ملڪن ٻين ملڪن کان ڦرلٽ ڪري پنهنجي عوام کي ته سکيو رکيو آهي. اهي ذهني ۽ فڪري غلام چون ٿا ته انساني حقن جي پاسداري جي حوالي سان اولهه جو ڪردار مثالي آهي ليڪن فرانس کان وٺي ڪئناڊا تائين عوام جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جي ڪيفيت ناقابلِ برداشت رت ڄمائيندڙ ٿڌ ۽ برفباري جي موسم ۾ سندن روڊن تي احتجاج لاءِ نڪري پنهنجو حق گهرڻ لاءِ حڪمرانن کان مطالبو ڪرڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سندن حالتون اسان کان ڪي گهڻيون مختلف نه آهن. اسان جن حقن جي غضب ٿيڻ لاءِ روئندا آهيون اُها ئي شڪايت اڄ فرانس سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن بلڪه ڪئناڊا جي عوام کي پڻ آهي.

عالمي سياست ۽ معيشت تي ڪنٽرول هجڻ جي باوجود عوام کي بنيادي حق مهيا نه ڪري سگهڻ رڳو ڇهن ستن ملڪن جي ناڪامي ناهي بلڪه اها ان پوري نظام جي ناڪامي آهي جنهن هيٺ اِهي ملڪ نيشن اسٽيٽ ٺاهيا ويا يا جن عالمي مالياتي ادارن ۽ سندن قانونن هيٺ انهن پاليسيون ٺاهيون هيون. دنيا کي قرض ڏيندڙ ملڪن ۽ شاهوڪارن جو پيرس ڪلب انهيءَ ئي فرانس ۾ آهي. آءِ ايم ايف جي هاڻوڪي عورت سربراهه جو تعلق به فرانس سان آهي. ڪئناڊا جي هيڊ آف اسٽيٽ جي نالي جي توهان کي خبر آهي؟ برطانيا جي راڻي ڪئناڊا جي رياستي سربراهه آهي. بيلجيم جو سرڪاري نالو آهي ڪنگڊم آف بيلجيم يعني بادشاهتِ بيلجيم ۽ برسلز رڳو بيلجيم جي راڄڌاني ناهي بلڪه يورپي يونين ۽ نيٽو اتحاد جي راڄڌاني پڻ برسلز ئي آهي. اهو سڀ چون ٿا ته دنيا ۾ اولهه جهڙو نظام هجڻ گهرجي، جمهوريت هجڻ گهرجي؟! اڄ يورپ کان ڪئناڊا تائين عوامي احتجاج جو اهو سونامي ٻڌائي رهيو آهي ته پيرس ڪلب، آءِ ايم ايف، بادشاهه ۽ راڻي يا سيٺن جي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ اهي ڪٺ پتلي حڪمران بنيادي طور عوام سان مخلص ئي نه آهن. نه رڳو اهو ته اوڀر جي عوام سان مخلص نه آهن بلڪه پنهنجي هم وطن عوام سان به کين ڪائي همدردي نه آهي.

P-02

اُهي ملڪ جيڪي اولهه جي بلاڪ جا اتحادي نه آهن، اُتي جيڪڏهن اقتصادي ڏکيائيون آهن ته ان جو بنيادي سبب اهو اولهه جو بلاڪ ئي آهي جيڪو اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل طور انهن ملڪن خلاف عالمي ادارن کي استعمال ڪري مختلف قدم کڻي ٿو. اولهه جي بلاڪ سان ڳنڍيل رهڻ جي باوجود جيڪڏهن اوڀر ۽ اولهه جا ملڪ مقروض آهن، سندن عوام کي بنيادي انساني حق ميسر ناهن ته اِها پڻ اولهه جي بلاڪ جي ئي ناڪامي آهي ڇو ته عالمي ادارن کي ان جو ڪنٽرول هجڻ باوجود اولهه ڪنهن به ملڪ کي ڪامياب ماڊل بڻائڻ ۾ ناڪام ويو آهي ان پسمنظر ۾ صورتحال کي ان زاويي سان به ڏسڻ گهرجي ته يورپ جي مسلم اڪثريتي ملڪ البانيا جي راڄڌاني ٽيرانا ۾ به اهڙي ريت يونيورسٽي جا شاگرد ٽيوشن في ۾ واڌ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن جهڙي طرح برطانيا جي راڄڌاني لنڊن ۾  به شاگرد احتجاج ڪندا رهندا آهن. فرانس کان ڪئناڊا تائين احتجاج ان کان وڌيڪ سنگين آهي، جهڙو احتجاج اسان ڪراچي، اسلام آباد يا لاهور ۾ ڏسندا آهيون. سوال اهو آهي ته هاڻي تاجِ برطانيا سميت اولهه جي بلاڪ جا ترقي يافته ملڪ ۽ ٽين دنيا جي اُسرندڙ ملڪن وچ ۾ فرق ڇا رهجي ويو آهي؟! عوامي مسئلا ته اولهه جي تهذيب ۽ ترقي يافته ملڪن کان به حل نه پيا ٿين. اهو به ياد رهي ته اولهه جي بلاڪ جي ورهايو ۽ حڪومت ڪريو جي پاليسي هوندي هئي ۽ هاڻي اهو ٿي رهيو آهي ته بيلجيم جا فليوش ۽ ڊچ شهري لساني بنيادن تي ورهايل آهن، جڏهن ته برطانيا جي آئرش ۽ انگريز شهرين جا معاملا پڻ بنگالي، پنجابي تڪرار کان گهٽ درجي جا نه آهن، جيڪا باهه انهن اوڀر ۾ ڀڙڪائي هئي ان جا شعلا هاڻي سندن گهرن تائين پهچي چڪي آهي.

عالمي سطح جي اولهه جي بلاڪ سازشي ڪردار ادا ڪري هٿرادو معاشي بحران پيدا ڪيو جنهن ڪري مايوس ۽ خوف ۾ ورتل مقامي ماڻهو پنهنجو اباڻو علائقو ته ڇا پنهنجا ملڪ ئي ڇڏڻ تي مجبور ٿيا ۽ لڏپلاڻ ڪري اولهه جي ملڪن ۾ آباد ٿيڻ لڳا، هاڻي نزلو انهن ويچارن تي ڪرڻ لڳو آهي، اهي اُتي پناهگير آهن ۽ هاڻي مقامي آبادي جو ساڻن ڦڏو آهي. فطري ڳالهه آهي ته مقامي رهواسين کي روزگار نه ملي، سهولتن کان محروم هجن ۽ پناهگيرن کي سستو ليبر سمجهي نوڪريون ڏنيون وڃن ته مقامي ۽ غيرمقامي جي بنياد تي نفرتون ضرور جنم وٺنديون. اولهه جي ملڪن ۾ مقامي ۽ غير مقامي جي بنياد تي نفرت کان سواءِ گهڻو اڳ کان نسل پرستي جي بنياد تي پڻ شديد نفرت جو ماحول هو. فرانس، برطانيا، آمريڪا سميت اولهه جي بلاڪ جي اهم ملڪن ۾ نسل پرستي جي ناقابلِ ترديد تاريخ آهي. گڏيل قومن جي عالمي انساني حقن جي پڌرنامي تي اولهه جو بلاڪ پاڻ عمل نه ٿو ڪري ته مسلمان، عرب ملڪن يا ٽين دنيا جي اُسرندڙ ملڪن کي ڇوٿو مجبور ڪيو وڃي، مٿن پابنديون ڇو ٿيون مڙهيون وڃن، انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪرڻ تي آمريڪا، فرانس، برطانيا خلاف ڪا ڪارروائي ڇو نه ٿي ڪئي وڃي. ايئن ٿو لڳي ته عالمي سياست ۽ معيشت جا مغربي اولهه جي بلاڪ طرفان انساني آزادي، انساني حقن، جمهوريت، مساوات، انساني ڀلائي جون ڳالهيون پاڪستاني سياستدانن جي اليڪشني واعدن وانگر ئي آهن جيڪي هر نئين اليڪشن کان اڳ تازگي سان اهڙا واعدا ڪندا آهن ۽ اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ حڪمران اقتدار جي آخري سال ۾ منصوبن جي مڪمل ٿيڻ جو آسرو ڏئي حڪومت جو مدو پورو ڪري وٺندا آهن ۽ ناڪامي جو الزام مخالف ڌر تي هنيو ويندو آهي ته منصوبا اڌورا رهجي ويا ڇو ته اپوزيشن رڪاوٽون وڌيون ۽ ملڪ کي ترقي ڪرڻ نه ڏني.

ياد رهي ته اسان جو حڪمران طبقو ته پاڻ ويسٽ منسٽر ڊيموڪريسي جو شوقين آهي ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته انهن به اهو سڀ ڪجهه اولهه کان ئي سکيو آهي. جمهوريت، انساني آزادي، انساني حق ۽ انساني برابري حقيقت ۾ هڪ قسم جو لولي پوپ آهي جيڪو اولهه جي بلاڪ پوري دنيا جي عوام کي مصروف رکڻ لاءِ تيار ڪيو آهي. دنيا جي وسيلن جي ڦرلٽ، دنيا جي دولت ڪجهه سيٺين ۽ ادارن ۾ محدود ڪندڙ اولهه جو بلاڪ دنيا ۾ انصاف تي ٻڌل شفاف، انسانيت دوست عالمي نظام قائم ڪرڻ جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، ظاهري طور حڪمراني ڪندڙن جي اڪثريت جي حيثيت به ڪڏهن ڪڏهن انهن سيٺين ۽ سندن ادارن جي اڳيان ڪٺ پتلي کان وڌيڪ ناهي. شهرين کي بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ رياست جي بنيادي ذميواري هوندي آهي ۽ رياست جي نظر ۾ سڀ شهري برابر هجڻ گهرجن ۽ سڀني کي تعليم، صحت، پاڻي ۽ بجلي سميت هر سهولت بنا ڪنهن متڀيد جي مهيا ڪرڻ گهرجي. قانوني طور تي جيڪو جنهن ملڪ جو شهري آهي، رياست تي ان جو حق ٿئي ٿو ته سندس مسئلا حل ڪري. جيڪڏهن مسئلا حل ٿين ته انسان سٺي مستقبل جي خوبصورت خوابن جو غلام بڻجي پنهنجو اباڻو وطن ڪڏهن به نه ڇڏيندو.

عالمي نظام ۾ اولهه جي بلاڪ جي اڳواڻي جي حيثيت باوجود شهرين جو حقن جي پائمالي، حڪمرانن جي آمريت، نسل پرستي جي شڪايت بلڪه پاڻ کي غلام سمجهڻ تي مجبور ٿي وڃڻ، سڄي اوڀر جي بلاڪ جي پنهنجي ورلڊ آرڊر جي ڪاميابي جي دعويٰ کي غلط ثابت ڪري رهيو آهي. ماڻهو چڱائي سان محبت ۽ برائي سان نفرت تي ٻڌل پراڻي نظريي جا پوئلڳ هوندا هئا ليڪن اولهه جي ڪيپٽلزم اهو نظريو ختم ڪري پيٽ جو نظريو ڏنو، جنهن هر طريقي جي ماديت ۾ ماڻهن کي غرق ڪري ڇڏيو ته هاڻي اهي ٿلها دماغ انسانن جي باعزت طريقي سان پيٽ ڀرڻ جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهي رهيا آهن. اولهه جو بلاڪ اعتراف ڪري يا نه ڪري، اولهه جي ملڪن ۾ عوام جو غربت، بيروزگاري، مهانگائي، قوت خريد ۾ گهٽتائي اچڻ، حڪمرانن تي بي اعتمادي جو اظهار ڪرڻ، حڪمرانن کي ڊڪٽيٽر ۽ پاڻ کي غلام سمجهڻ، اهو سڀ ڪجهه اولهه جي لبرل ڊيموڪريسي ڪيٽلسٽ اقتصادي نظام، گڏيل قومن سميت انهن سمورن جي ناڪامي جو اعلان آهي. جيڪڏهن چيو وڃي ته ايئن ناهي ته پوءِ اسان اهو چوڻ تي مجبور آهيون ته اولهه جو سرمائيدراڻو نظام ۽ انساني حق، آزادي جا دل لڀائيندڙ نعرا کوکلا هئا ڇو ته سندن هدف ئي انسانن کي غلام بڻائڻ هو.

اولهه جي سرمائيداراڻي بلاڪ کي ڪوئي چئي ڇڏي ته انسانن کي سندن بهترين ايجادن کان به وڌيڪ جيڪي شيون زندهه رهڻ لاءِ ضروري آهن اهي کاڌ خوراڪ، پاڻي، گدلاڻ کان پاڪ هوا، ماحول ۽ مهذب بڻجڻ لاءِ صحت ۽ تعليم جون بهترين سهولتون گهربل آهن ۽ اهي سڀ شيون ملڻ بنا پئسن جي ممڪن ناهن. پئسا نه هجڻ يا خرچن کان گهٽ آمدني جي ڪري انسان جاهل، بيمارين ۾ مبتلا رهي سگهي ٿو جيڪڏهن زندهه به رهندو ته بکيو، ننگو ۽ رولاڪ رهڻ تي مجبور ٿي سگهي ٿو، بي وقت موت مري به سگهي ٿو جڏهن ته دولت سميت وسيلن جي منصفاڻي ورهاست جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ اولهه جو بلاڪ ۽ هاڻوڪو ورلڊ آرڊر بضاد خود پاڻ آهن. دنيا جي ورهاست جا ٻه بلاڪ واضح طور تي سامهون اچي چڪا آهن، هڪ بلاڪ استحصالي آهي جنهن کي سامراجي بلاڪ چئي سگهون ٿا جڏهن ته ٻيو بلاڪ انهن جو آهي جن کي بنيادي حقن کان محروم رکيو ويو آهي، انهن کي پنهنجن ئي وسيلن کان محروم ڪيو ويو آهي، اهو ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار محروم ۽ مظلوم ماڻهن جو بلاڪ آهي. دنيا جا سياسي مفڪر جيستائين انهي آئيڊيالاجي، يعني هڪ پاسي استحصالي ڦورو ۽ ٻئي پاسي محروم ۽ مظلوم، ان بنياد تي نئون سياسي ۽ اقتصادي نظريو پيش نه ڪندا، جيستائين اهڙي نئين نظريي ته عمل نه ڪيو ويندو تيستائين اولهه جي بلاڪ جي عوام جي حيثيت به ٽين دنيا جي اُسرندڙ ملڪن جي عوام جهڙي ئي رهندي. هاڻوڪي استحصالي اولهه جي بلاڪ جي مڙهيل انسانيت دشمن نظام سان بغاوت ڪرڻ کان سواءِ حقيقي، پائيدار ۽ مثبت تبديلي ممڪن نه آهي ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن عوام باعزت ۽ جائز طريقي سان پيٽ ڀرڻ لاءِ پيٽ بدران دماغ کي استعمال ڪن ٻي صورت ۾ وقتي زندهه باد، مرده باد وسيلي محدود ۽ عارضي رليف ملڻ کان وڌيڪ ڪجهه ملڻ جي توقع نه ٿي ڪري سگهجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو