Home / اسپيشل افيئر / ٺڳن جي دنيا، قديم دور کان جديد دور تائين
above article banner

ٺڳن جي دنيا، قديم دور کان جديد دور تائين

اختر بلوچ

Akhtar Baloch

چون ٿا ته پاڪستان ۾ هڪ ڪاروبار جيڪو هر وقت عروج تي رهي ٿو اهو ٺڳي جو ڪاروبار آهي. دڪاندار آئي ڏينهن کاڌ خوراڪ جي شين جا اگهه ٺڳيءَ سان وڌائي ڇڏيندا آهن، اهو ئي حال ٽرانسپورٽ جو آهي، آءٌ ايئن سمجهندو هئس ته ڪراچيءَ ۾ ٽيڪسيون ختم ٿيڻ کان پوءِ جيڪي رينٽ اي ڪار ڪمپنيون آيون هيون، سندن ڪرايا گهٽ هوندا ۽ هئا به، ليڪن هاڻي انهن به ٺڳيءَ جا نوان طريقا ڳولي ڪڍيا آهن. اڳ ۾  اِهي گاڏيون جتي 250 روپين ۾ وينديون هيون هاڻي سفر دوران رش وارو وقت هجڻ جي نالي تي ٺڳي ڪري 250 روپين بدران 500 روپيا ورتا. موبائل فون ڪمپنيون به 100 روپين جو بيلنس جمع ڪرائڻ کان پوءِ 47 روپيا مختلف ٽيڪسن جي مد ۾ ڪٽي وٺن ٿيون، چيف جسٽس صاحب ان ڳالهه جو نوٽيس ورتو ته ٽيڪس ڪٽوتي جي مد ۾ عوام کي ڪجهه رليف مليو.

في الحال پنهنجو موضوع گڏيل هندستان جا اُهي سنگدل ٺڳ آهن جيڪي مسافرن کي ڦرڻ کان پوءِ کين قتل ڪرڻ پنهنجي ٺڳي جي عقيدي جو حصو سمجهندا هئا. اُهي ٺڳ ايترا ته سفاڪ هئا جو ان خونريزي کي بلڪل جائز سمجهندا هئا. بهرام نالي هڪ ٺڳ جي دعويٰ هئي ته هُن 9 سئو کان وڌيڪ ماڻهن کي چاليهن ورهين ۾ قتل ڪيو. سليمن (هڪ انگريز آفيسر) کي ان ڳالهه تي صفا يقين نه آيو، هُن زور ڀريو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي؟ ايتري وڏي تعداد ۾ قتل ڪرڻ جو توتي الزام به نٿو هڻي سگهجي. بهرام جهيڻي انداز ۾ جواب ڏيندي چيو ته: “اِهي ته اُهي ماڻهو آهن جن کي قتل ڪرڻ مونکي ياد آهي، آءٌ تعداد ياد ڪندي ڪندي ايترو تنگ اچي چڪو هئس جو مون ڳڻپ ڪرڻ ڇڏي ڏني هئي.”

P-01

سليمن ٻيهر سوال ڪيو ته توکي ڪنهن کي قتل ڪندي ڏک ناهي ٿيندو؟ پهرين تون ان ماڻهوءَ سان ميل ميلاپ ڪري پوءِ دوکي وسيلي قتل ڪري ڇڏيندو هئين، جواب ۾ بهرام چيو ته “ايئن بلڪل نه ٿيندو هو، جيڪڏهن ڪو شڪاري شڪار جي پويان لڳي ته ڇا ان کي خوشي جو احساس نه ٿيندو، شڪاري شڪار کي ڦاسائڻ لاءِ سمورا حربا ۽ ترڪيبون استعمال ڪندو آهي، ڇا اُن کي ان وقت به خوشي ناهي ٿيندي جڏهن شڪار سندس پيرن ۾ بي جان پيو هوندو آهي، ته ٺڳن لاءِ به اهو سمورو عمل بلڪل ايئن ئي آهي.”

آخر اهو ڪهڙو سبب هو جو ٺڳن طرفان ماڻهن جو قتلام ڪرڻ باوجود سندن خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿي. مشهور تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ علي پنهنجي ڪتاب “تاریخِ ٹھگ اور ڈاکو”  ۾ لکي ٿو ته: “ٺڳن جي گروهن کي ان ڪري به ختم نه ڪيو ويو جو وڏا وڏا زميندار ۽ رياستن جا حڪمران سندن حفاظت ڪندا هئا ۽ سندن ڦريل مال ۾ پنهنجو حصو مقرر ڪندا هئا. گهڻو پوءِ ان ڳالهه جون شاهديون به مليون ته برطانوي علائقن جي پوليس به ساڻن شامل هوندي هئي ۽ اڪثر ڪيسن ۾ مئجسٽريٽ رشوت وٺي کين ڇڏي ڏيندا هئا. جيئن ته ٺڳن جي واردات جو طريقو اهو هوندو هو ته اُهي پنهنجي خلاف ڪا به شاهدي پوئتي نه ڇڏيندا هئا ۽ ماڻهو مارڻ کان پوءِ سندن لاش دفن ڪري سمورا نشان ميساري ڇڏيندا هئا، ان ڪري قتل جي ڪا شاهدي نه بچندي هئي. باقي رهيو ڦريل مال ته اهو ڄاڻ سڃاڻ رکندڙ شاهوڪارن ۽ واڻين کي وڪرو ڪيو ويندو هو. ان ڪري شروع ۾ ڪجهه ٺڳن تي قتل جي الزام ۾ ڪيس هليا ته اُهي انهن مان آزاد ڪيا ويا ڇو ته سندن خلاف ڪي به ثبوت نه هئا. ليڪن 19 هين صدي جي شروعات ۾ اهو مسئلو برطانيا حڪومت لاءِ اهميت اختيار ڪري ويو ڇو ته ان قسم جون رپورٽون مليون ته هر سال هزارن جي تعداد ۾ مسافر غائب ٿي وڃن ٿا ۽ سندن بابت ڪو به اطلاع نه ٿو ملي. اِهي مسافر ڪيڏانهن هليا وڃن ٿا؟ سندن لاشن جو ڇا ٿو ٿئي؟ ۽ سندن سامان ڪيڏانهن ٿو وڃي؟ ان باري ۾ ڪجهه به خبر نه ٿي پوي.”

P-02

ننڍي کنڊ ۾ ٺڳ ورهاڱي کان اڳ هڪ منظم گروهه هئا، سندن پنهنجا قاعدا ۽ قانون هئا، حد ته اِها هئي ته آهستي آهستي ٺڳن هڪ مذهبي فرقي جي شڪل اختيار ڪري ورتي هئي. اُهي وارداتون پنهنجي اصول ۽ ضابطي هيٺ ڪندا هئا ۽ ٺڳي ڪندڙ هر ٺڳ تي لازم هو ته هُو انهن قاعدن جي پاسداري ڪري. ٺڳي وسيلي ڦرلٽ، قتل جو اهڙو نظام ترتيب ڏنو ويو هو جيڪو ٻن صدين تائين هندستان تي حاوي رهيو. ان دوران انهن ٺڳن لاتعداد واپارين، مسافرن کي ڦريو لٽيو ۽ کين قتل پڻ ڪري ڇڏيو. برطانوي راڄ آخرڪار تنگ اچي ان سموري نظام کي مليه ميٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.” مشهور محقق ڊاڪٽر خليل انجم ان حوالي سان لکي ٿو ته: “اردو ادب ۾ به ٺڳن جو ذڪر تفصيل سان ڪيو ويو آهي.” ناليوارو اديب ۽ ناول نگار مرزا هادي رسوا پنهنجي ڪتاب “امرائو جان ادا” ۾ پڻ ٺڳن جو ذڪر ڪيو آهي.

دنيا جي تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته عوام جو وڏو انگ اهڙن سمورن گروهن ۽ ماڻهن کي خراب سمجهندو هو جيڪي پردي پٺيان ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث هوندا هئا. سندن انهن سرگرمين جي ڪري اِهي ماڻهو پنهنجي جان ۽ مال ملڪيت کان محروم ٿي ويندا هئا ليڪن ڪجهه ماڻهو اهڙا به هئا جيڪي ظاهري طرح ڏوهاري ماڻهن جي بُرائي ڪندا هئا ليڪن پنهنجي مفادن خاطر سندن سرپرستي پڻ ڪندا هئا. ان حوالي سان اسان جيڪڏهن ڪراچي کي پنهنجو موضوع بڻايون ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙا سياسي ماڻهو هر هنڌ نظر ايندا جن ڏوهاري ماڻهن کي پنهنجي مقصدن خاطر استعمال ڪيو. ويجهي ماضي ۾ هندستان ۾ اهڙا ماڻهو ٺڳ هوندا هئا ليڪن جديد دور ۾ اهڙن ماڻهن کي ڀتا خور، لينڊ مافيا، ڌاڙيل ۽ اهڙن لاتعداد نالن سان ياد ڪيو وڃي ٿو. هاڻوڪي دور جا اِهي ڏوهاري ماڻهو اهڙا ئي آهن جهڙا ماضي ۾ ٺڳ هوندا هئا، انهن ۾ ذات پات، ٻولي، قوم ۽ مذهب جو ڪو فرق ناهي هوندو.

هندو ۽ مسلمان ٺڳن جو تعداد لڳ ڀڳ برابر هو، ها ڪجهه علائقن ۾ مسلمان ٺڳن جو تعداد ڪجهه وڌيڪ هو ۽ ڪجهه علائقن ۾ هندو ٺڳ وڌيڪ هئا. ظاهر آهي ته ان جو تعلق انهن وسندين ۽ شهرن جي آبادي جي لحاظ کان هوندو جيڪي ٺڳن جو خاص مرڪز هونديون هيون. هڪ واعدي معاف پراڻي ٺڳ فرنگيا جي بيان موجب اوڌ جي علائقي ۾ 90 سيڪڙو مسلمان ٺڳ هئا، دوابي جي علائقي ۾ تقريبن 80 سيڪڙو ٺڳ هندو هئا. نرندا ندي جي ڏاکڻين علائقي ۾ مسلمان ٺڳ 75 سيڪڙو هئا، مُديل گهنڊ ۽ ساگر جي علائقي ۾ هندو ۽ مسلمان اڌو اڌ ٺڳ هئا. راجستان ۾ مسلمان ٺڳ 25 سيڪڙو هئا، بنگال، بهار ۽ اُڙيسا ۾ هندو، مسلمان ٺڳن جو تعداد برابر برابر هو. هُن اهو به چيو ته اِهو رڳو اندازو آهي پر سندس اِها ڳالهه ڪافي حد تائين درست لڳي ٿي. ٺڳ هندو هجي يا مسلمان اهو ڪالي ديوي کي بااختيار حاڪم سمجهندو هو ۽ سندس حڪمن تي عمل ڪرڻ سندس عقيدي جو حصو هو. هڪ هندو لاءِ ديوي کي مڃڻ خاص ڳالهه ناهي پر ڪنهن به مسلمان لاءِ ان ڳالهه ۾ واضح طور تي تضاد هو ته هو پنهنجي خدا ۽ پيغمبر کي به تسليم ڪري ۽ ديوي کي به. رماسيانا ۾ مختلف ٺڳن جي عدالتي اظهار هيٺ ۽ انفرادي ڳالهه ٻولهه ۾ اهو مسئلو بار بار ذڪر هيٺ آيو آهي. سمورن مسلمان ٺڳن گڏيل طور تي اهو بيان ڏنو آهي ۽ اهو چيو آهي ته اسان خدا کي مڃون ٿا، سندس رسول کي مڃون ٿا، نماز پڙهون ٿا، ٻين سمورن اسلامي حڪمن جي به پابندي ڪندا آهيون پر ساڳي وقت ديوي جا حڪم به تسليم ڪندا آهيون.

هندو ٺڳ ڪالي ديوي کان پوءِ بالميڪ کي مرشد طور مڃين ٿا. اُهي بالميڪ کي برهمڻ سمجهن ٿا ۽ اهو چون ٿا ته ان جو اصل نالو دجائو هم هو. ساڳي وقت مسلمان ٺڳ حضرت نظام الدين اولياءَ کي مڃين ٿا ۽ سندس مزار جي زيارت کي ثواب جو ڪم سمجهن ٿا. اهو دراصل ڏوهاري نفسيات جي تسڪين آهي. هندو ۽ مسلمان ٺڳن ٻنهي ذهني نفسياتي سهاري جي شڪل پيدا ڪري ورتي، اهڙيءَ ريت ڏوهه جي احساس جي ذهن ۾ ندامت به نٿي ٿئي ۽ اُهي ڏوهه به جاري رکن ٿا. ٺڳن جا گروهه گڏيل هندسستان ۾ ڊگهي عرصي کان ڪم ڪري رهيا هئا ليڪن کين کليل ڇوٽ ان وقت ملي جڏهن شاهه جهان هندستان جو بادشاهه هو. وليم سليمن پنهنجي ڪتاب “رماسيانا” جي صفحي نمبر 32 کان 33 ۾ ان جو ذڪر هن ريت ڪري ٿو: “ٺڳي هندستان ۾ پراڻي زماني کان موجود هئي، ليڪن مغل بادشاهه شاهجهان کان پوءِ ان ۾ واڌارو ٿيو، جيئن جيئن مغل حڪومت ڪمزور ٿيندي وئي ان حوالي سان انتظامي طور تي بگاڙ آيو ۽ ان لحاظ کان ٺڳن کي پنهنجي ڪم لاءِ سازگار ماحول ملندو رهيو. 18 هين صدي ۽ 19 صدي جو ربيع الاول ٺڳيءَ جي ڪاروبار جو عروج جو زمانو هو. بدنظمي ۽ انتشار ٺڳن لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪري ڇڏيون هيون، رستا جيترو ويران ۽ غير محفوظ هوندا هئا ٺڳن لاءِ ڦرلٽ اوتري سولي ٿي پوندي هئي. جيئن ته ٺڳيءَ جو سمورو عمل عام طور تي آبادين کان پري ويران هنڌن ۽ رستن تي ٿيندو هو ۽ مقتولن کي اهڙين جاين تي کڏ کوٽي پوريو ويندو هو جتان ڪنهن کي به ڪا خبر نه پئجي سگهندي هئي ان ڪري ماڻهن کي سندن قتل ۽ غارت گيري بابت ڪجهه به معلوم نه ٿي سگهندو هو. ٺڳن جا گروهه ايترا ته منظم ۽ تربيت يافتا هوندا هئا جو شروع کان وٺي آخر تائين يعني مسافرن کي پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ راضي ڪرڻ کان وٺي کين قتل ڪرڻ تائين سمورو ڪم مقرر طريقن موجب سرانجام ڏيندا هئا. ٻيو اهو ته اُهي ٺڳ ڪم جون ڳالهيون پنهنجي ٻولي ۾ ڪندا هئا جنهن کان مسافر واقف نه هوندا هئا ايئن سندن رازداري ڪنهن تي به ظاهر نه ٿي سگهندي هئي.” ان جو اندازو ان ڳالهه مان ڪري سگهجي ٿو ته سليمن رماسيانا ۾ لکيو آهي ته “مان جتي سرڪاري فرض سرانجام ڏيندو هئس (1822-1824ع) ان جي ويجهو علائقي ۾ ٺڳن جو عمل دخل هو ۽ آئون ايتري قدر بي خبر هئس جو جيڪڏهن مونکي ڪو ماڻهو اهو چوندو هو ته هن علائقي ۾ ماڻهن کي قتل ڪيو وڃي ٿو ته مان کيس چريو سمجهندو هئس.”

P-03

ٺڳن جا مختلف قسم اڄ به اسان کي پنهنجي معاشري ۾ نظر اچن ٿا، ڪو سياسي ٺڳ آهي ته ڪو ادبي ٺڳ، ڪو ٺڳن جو هڪ گروهه ڪنهن عورت جي شادي ڪيترن ئي ماڻهن سان ڪرائي ٿو ۽ سهاڳ رات گذارڻ کانپوءِ گهوٽ جو مال لُٽي فرار ٿي وڃي ٿو. اڪثر ڪري ٽرينن ۽ بسن ۾ ماڻهن سان اهڙا واقعا پيش ايندا آهن ته ٺڳ کاڌي پيتي جي شين ۾ نشيدار شيون ملائي کارائي ڦرڻ کان پوءِ فرار ٿي ويندا آهن ليڪن اِهي ٺڳ ماڻهن کي قتل ناهن ڪندا. هندستان ۾ ٺڳي ختم ڪرڻ جو ڪريڊٽ هڪ انگريز فوجي آفيسر ڪيپٽن وليم سليمن ڏانهن وڃي ٿو. مشهور محقق خليق انجم اعلي اڪبر الهه آبادي جي ڪتاب “مصطلحا ٺڳي” جي شروع ۾ ٺڳن جو ذڪر ڪجهه هن ريت ڪري ٿو: “ٺڳي قتل ۽ ڦرلٽ جو اهڙو هڪ منظم طريقو هو جيڪو ٻن سالن تائين هندستان ۾ رائج رهيو. منهنجي معلومات موجب ڪنهن به ملڪ ۾ ٺڳي جو ٻيو مثال نٿو ملي. ٺڳي رڳو ڦرلٽ ۽ قتل غارت گيري نه هئي بلڪه ان هڪ خاص مذهبي فرقي جي صورت پڻ اختيار ڪري ورتي هئي. ان جا باقاعده اصول ۽ ضابطا هئا، ان مسلڪ جي پيروڪارن جا اهڙا عقيدا هئا جن جي پابندي هر ٺڳ لاءِ لازمي هوندي هئي. اُهي پنهنجي اصولن ۽ ضابطن هيٺ مخصوص ماڻهن کي ئي قتل ڪندا هئا جنهن جو خان صاحب پنهنجي مقدمي ۾ تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.

برطانوي حڪومت ٺڳي جي خاتمي جو ڪم 1799ع ۾ شروع ڪيو پر ان کي ڪا گهڻي ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي. 1830ع ۾ هندستان جي گورنر جنرل وليم بينٽنگ ٺڳي ختم ڪرڻ جي هڪ مهم تيار ڪئي هئي ۽ ان مهم جو انچارج ڪيپٽن وليم سليمن کي بڻايو ويو. سليمن جو بيان آهي ته 1835ع تائين اڪثر ٺڳ گرفتار ٿي چڪا هئا ۽ ٺڳن جا منظم گروهه لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪا هئا. سليمن جا ٻه وڏا ڪارناما آهن، هڪ اهو ته هُن ٺڳي بلڪل ختم ڪري ڇڏي ۽ ٻيو اهو ته هُن کوڙ سارن ٺڳن کي واعدا معاف گواهه بڻائي کانئن ٺڳي جي اصولن، قاعدن، ضابطن ۽ طريقي بابت معلومات حاصل ڪئي. واعدا معاف گواهن جو تعداد لڳ ڀڳ 4 سئو هو. جيتوڻيڪ سليمن وٽ مختصر فوج ۽ انتظامي آفيسر هئا پر هُن جنهن منظم طريقي سان ڪم ڪيو ان جو نتيجو اهو نڪتو جو 1831ع کان 1837ع تائين جي عرصي ۾ 30 هزار ٺڳن تي ڪيس هلائي کين سزا ڏني وئي. انهن ٺڳن مان گهڻائي کي ڦاسي جون سزائون ٿيون ۽ ڪجهه ٺڳن کي ڪاري پاڻي موڪليو ويو. انهن سمورن ٺڳن جي بيانن کي نهايت سليقي سان ترتيب ڏئي سليمن راماسيانا Rama seeana جي عنوان سان ڪتاب شايع ڪيو. سليمن هڪ ڪم اهو به ڪيو ته ٺڳن کان سندن خفيه ٻولي بابت معلومات حاصل ڪري هڪ فرهنگ ترتيب ڏني.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو