Home / افيئر / پاڪستان: سياسي بحران ۽ سنڌ جا مفاد
above article banner

پاڪستان: سياسي بحران ۽ سنڌ جا مفاد

 1947ع ۾ ملڪ ٺهڻ جي کان تWriterرت پوءِ ڪجهه محب وطن شخصيتن ۽ سياسي ڌرين نئين قائم ٿيندڙ ملڪ پاڪستان جي نئين سري سان جوڙ جڪ، بيهڪ ۽ اڏاوت لاءِ پنهنجون رٿون پيش ڪيون ۽ ملڪي ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ پنهنجا قيمتي مشورا به ڏنا ۽ گڏوگڏ پنهنجين سياسي خدمتن جي به پيشڪش ڪئي، پر نئين قائم ٿيندڙ مسلم اڪثريتي آبادي جي هن ملڪ پاڪستان جنهن جو ڪـُل سياسي اختيار اهڙين ڌرين جي هٿ چڙهي ويو، جن جو مسلم اڪثريتي علائقن يعني موجوده پاڪستان جي سرزمين سان ڪنهن به قسم جو لڳ لاڳاپونه هئو. حقيقت ۾ اُهي گڏيل هندستان جي مسلم اقليتي آبادي جون اُهي مستقل مفاد ڌريون هيون، جن جو گڏيل هندستان مٿان مغل شهنشاهيت وقت اوج ۽ حاڪميت رهي هئي. تن نئين قائم ٿيندڙ ملڪ پاڪستان جي اقتدار، اختيار ۽ حڪمراني مٿان هر سطح تي پنهنجو سياسي غلبو قائم ڪرڻ گهريو ٿي، تن شروع کان ئي پاڪستان جي نئين سر اڏاوت جي اهڙين تجاويزن کي پنهنجي مفادن لاءِ هاڃيڪار ڄاڻندي رد ڪري ڇڏيو ۽ ڄاڻي واڻي مسلم اڪثريتي علائقن جي مقامي ۽ قومي قيادتن کي وطن دشمن ڄاڻائي، قيد و بند ۽ نظربندي ۾ رکندي ملڪ جي سياسي نظام کان ڌڪي ڌارڪري ڇڏيو.جن به پنهنجي تاريخي قومي وطنن سان محبت ٿي ڪيئي ۽ گڏوگڏ نئين ملڪ پاڪستان ۾ پنهنجين قومن جو مستقبل محفوظ ڏسڻ ٿي گهريو، تن کي ملڪ دشمن قرار ڏيئي قيد و بند ۾  رکيو ٿي ويو ۽ جن به پنهنجي تاريخي وطنن ۽ قوميتن جو انڪار ڪندي نالي ۾ نهال مذهبي ۽ تصوراتي ملڪ پاڪستان جي دعويٰ ٿي ڪيئي، تن کي محب وطن پاڪستاني جو درجو ڏيئي اڳيان آندو ٿي ويو.

P-01

اهڙي ريت وطن پرستي ۽ مذهبي عقيدا شروع کان ئي، بنيادي حقيقتن کان بالا نمائش جي نظر چڙهي ويا ۽ نئين ملڪ پاڪستان جي اڏاوت جن ٺوس ڳالهين يعني تاريخي قومن ۽ انهن جي تاريخي وطنن جي جاگرافين ۽ انهن جي قومي تهذيبن، بجاءِ وفاق پاڪستان جي اهڙي تخيلاتي ۽ غير فطري، جاگرافين کان آزاد ’مسلم اُمه‘ واري ملڪ پاڪستان جي تصور کي اُڀاري اڳيان آندو ويو، جنهن ۾ هندستان مٿان ٻاهر کان آيل مسلم حملي آورن ۽ مغليه دور جي مسلم اقليت واري حڪمران طبقي ۽ انگريز سرڪار جي بابو ڪامورا شاهي، جي حڪمراني ۽ اطاعت کي لازم ڄاڻايو ٿي ويو. جنهن ۾ تاريخي قومي وطنن جي وجود ۽ انهن جي سرزمين سان محبت ۽ وفاداري ته غداري هئي، پر ساڳئي وقت انهي تاريخي سرزمينن تي ٻڌل ملڪ مٿان حڪمراني سندن حق ڄاڻايو ٿي ويو ۽ جنهن جي اطاعت هر پاڪستاني مٿان لازم ۽ فرض هو.

ملڪ ٺهڻ جي ابتدا کان وٺي”ڪوڙن قسم نامن“ ذريعي پرائي مال ملڪيت، گهرن، زرعي زمينن مٿان دعويداري ڪيئي ٿي ويئي، اهڙي طرح پراين شين مٿان قبضاخوري جي ابتدا جو رواج وڌو ويو. ’پاڪستان زنده آباد‘ جو نعرو هڻي سرڪاري توڙي نجي ملڪيتن مٿان قبضا ڪيا ٿي ويا. ’اسلام زنده آباد‘ جو نعرو هڻي، مذهب جي نالي ۾ پراين زمينن مٿان قبضا خوري ڪندي عبادتگاهون اڏيون ٿي ويون. پراين زمينن مٿان اَلم کوڙي قبضا ڪيا ويا. سرڪاري ڪاغذن جي هيرڦير وسيلي ناجائز مال ۽ ملڪيتون جوڙيون ويون. نه رڳو ايترو پر ان سموري عمل کي وطن دوستي جو نالو ڏيئي پيش ڪيو ويندو ٿي رهيو.

نئين ملڪ پاڪستان ۾ شروع کان وٺي اهڙي دولاب ذريعي حاصل ڪيل ناجائز دولت کي ڦٻائڻ ۽ برقرار رکڻ لاءِ اهو نهايت لازم ڄاتو ٿي ويو ته اهڙا ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ اقتدار جي ايوانن ۾ هجن يا انهن جي اقتدار تائين رسائي آسان ۽ ممڪن هجي، جنهن ذريعي سندن اهڙي ناجائز طور حاصل ڪيل دولت ۽ مال ملڪيت جو تحفظ ٿي سگهي. ٻئي طرف هندستان کان لڏي آيل آءِ سي ايس ڪامورا شاهي ۽ گڏوگڏ ديرادون جي تربيت يافته دفاعي عملدارن به وسان ڪين گهٽايو ۽ اهڙو موقعو هٿان وڃڻ ڪين ڏنو. ان طرح اهڙن  مستقل مفاد گروهن  نئين ملڪ پاڪستان جي اقتدار جي ايوانن مٿان غلبو حاصل ڪري ورتو. گڏوگڏ وري ملڪ سان محبت ۽ خدمت جي دعويدار مسلم ليگ جي وفادار ڪارندن به اهڙو موقعو هٿان وڃڻ ڪين ڏنو. شروع کان ئي اهڙن تمام مستقل مفاد گروهن ملڪ جي اقتدار ۽ اختيار مٿان قبضو ڪري لـُٽ مار جي نظام کي برپا ڪري ڏنو، جنهن سبب قبضا خوري هن ملڪ جي قومي ڪردار جو حصو ليکجڻ لڳي.

نئين ملڪ ٺهڻ کان وٺي، گڏيل هندستان اندر برطانيه سرڪار جو آندل 1935ع جي ايڪٽ واري مرڪزي آئين کي ٿورين گهڻين تبديلين سان عبوري آئين طور لاڳو رکيو ويندو رهيو، جنهن کانپوءِ پهريون ڀيرو 1956ع ۾ نئين آئين ساز اسيمبليءَ پاران نئون آئيني خاڪو جوڙي اڳيان آندو ويو. جنهن جي ان وقت جي سول انتظاميه، فوجي عملدارن ۽ اعليٰ عدليه گڏجي روڪ ڪيئي. جنهن بعد 1970ع ۾ ٽيون ڀيرو وري نئين آئين ساز اسيمبليءَ لاءِ چونڊون ڪرايون ويون، جن چونڊن جي نتيجن ۽ وجود جي به ڪجهه آمر حڪمرانن ۽ لالچي سياستدانن گڏجي روڪ ڪيئي ۽ نتيجي ۾ ملڪ جي مشرقي حصي کي ڌار ٿيڻ ڏنو ويو. باقي بچيل مغربي پاڪستان مٿان 1935ع واري مرڪزي ايڪٽ (آئين) کي ڪجهه تبديلين سان نئين آئين يعني 1973ع جي آئين طور پاس ڪرائيندي لاڳو رکيو ويو.

شهرين جي بنيادي حقن ۽ انساني حقن کانسواءِ باقي سمورو آئين بنيادي تڪرارن ۽ تضادن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ رياستي معاملن سان مذهب جو گڏ هجڻ، ملڪ ۾ شامل مختلف قومن/قوميتن جو وجود ۽ بيهڪ ۽ وضاحت جي چٽائي جو نه هجڻ، پاڙيسري ملڪن سان تعلقات جا بنيادي اصول ۽ بين الاقوامي ملڪن سان لڳ لاڳاپن ۽ تعلقات لاءِ بنيادي اصول، رياست جي انهن بنيادي نظرين ۽ اصولن کانسواءِ ملڪ جي آئين جي بيهڪ، غير واضح ۽ بي معنيٰ ڳالهه ليکجي ٿي.

P-02

اهڙي طرح نئون ملڪ پاڪستان شروعات کان وٺي پنهنجا نظرياتي بنياد ۽ بيهڪ طئي ڪري نه سگهيو، جنهن ڪري هڪ طرف ملڪ مٿان مذهب جو نمائشي تصور غالب اچي ويو، ته ٻئي طرف نئين ملڪ ۽ ان جا ماڻهو پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳا، جن ٻنهي نالي ۾ نهال نظرياتي ڳالهين جي نتيجي ۾ هڪ طرف ڄاڻي واڻي اڪثريتي مسلم آبادي جي هن ملڪ ۾ هٿرادو طور مذهبي تضاد کي اڀاريو ويو ۽ همٿايو ويندو رهيو، ته ٻئي پاسي پاڙيسري ملڪ هندستان کان خوف ڄاڻائيندي، ملڪ ۾ ”سڪيورٽي رسڪ“ جي ڳالهه کي اُڀاريو ويو، جنهن کان محفوظ رهڻ لاءِ مخصوص قسم جي ”سڪيورٽي فورسز“ جو ملڪ اندر مضبوط هجڻ ۽ انهن جي بالادستي جو هجڻ لازم ڪري ڏيکاريو ويو. پاڪستان جي صوبائي سرزمينن جي رهندڙ سياسي ماڻهن کي غدار ۽ ملڪ دشمن ڄاڻايو ويو. باقي هندستان کان لڏي ايندڙ مسلم سياستدانن توڙي آفيسر شاهي کي وطن دوست، ملڪ جو وفادار ۽ نيڪ ڪري پيش ڪيو ويو ۽ جن جي وسيلي لاڳيتو نئين ملڪ جي ڪاروهنوار کي هلايو ويندو رهيو.

1947ع کان وٺي 1970ع تائين جي ملڪ ۾ تاريخي سرزمينن جي سياسي اڳواڻن کي پابند سلاسل ۾ رکيو ويندو رهيو ۽ هر سطح تي انهن جي رستا روڪ ڪيئي ويندي رهي، مقامي ضرورتن ۽ سماجي گهرجن جي پئداوار سياسي ڪارڪنن ۽ سياستدانن کي ملڪ جي سياسي نظام مان زوريءَ تڙي ٻاهر ڪڍيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ورهائجي ويو. ملڪ جو مشرقي حصو جيڪو بنگالين جي مضبوط قومي صورت ۾ گڏ هئو، ان کي زبردستي مغربي حصي کان ڌڪي ڌار ڪري جدا ملڪ ٺهڻ ڏنو ويو. بچيل مغربي پاڪستان جيڪو چئن قومن ۽ انهن جي تاريخي وطنن تي مشتمل هئو، جن جي جاگرافيائي حدن کي ختم ڪندي، ون يونٽ ٺاهيو ويو، اڳيان هلي انهن کي ٿورين تبديلين سان واپس صوبائي حيثيت ۾ بحال ڪيو ويو، جنهن کي وفاق پاڪستان ڪوٺيو ٿو وڃي.

بچيل پاڪستان جي اهڙي وفاق اندر 1973ع جو آئين جوڙيو ويو، جيڪو گهڻي ڀاڱي 1935ع جي مرڪزي آئين جو نقل هئو، جنهن تحت ان وقت تائين ملڪ کي هلايو ويندو پئي آيو هو. نئين آئين تحت پاڪستان جي مضبوط مرڪزي نظام کي همٿائيندي عسڪري قوتن جي ڪُک جي پئداوار سياسي اڳواڻن کي اڳيان ڪري آندو ويو.

گذريل 71 سالن کان هن ملڪ مٿان اهڙو سياسي نظام رائج ٿيل آهي، جنهن هيٺ مختلف وقتن تي پنهنجا سياسي مُهرا اڳيان آندا وڃن ٿا. انهن سياسي مُهرن کي ڪجهه حد تائين ته سياسي  انتظامي ۽ مالي وسيلن جا اختيار ضرور حاصل رهن ٿا. پر ملڪ جي اهڙين قانون ساز اسيمبلن ۽ پارليامينٽ کي ڪڏهن به آزاد ۽ خودمختيار ادارن جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ سياسي نمائندا ملڪ جي انتظامي ادارن مٿان پکيڙ ڪندا رهن ٿا ۽ گڏوگڏ ملڪ جي مالي وسيلن تي پنهنجا هٿ به صاف ڪندا رهن ٿا. اهڙن سياسي اڳواڻن جي بداعمالين جي نتيجي ۾ سمورا سياسي ڪارڪن ۽ سياسي اڳواڻ بدنام ٿيندا اچن ٿا. ملڪ جي بدنام سياستدانن جي اهڙين ڪاررواين کي روڪڻ لاءِ درٻاري دانشورن هٿان عام طور اهڙي راءِ جوڙي ٿي وڃي، ته سموري ملڪي سماج کي ڪنهن به طرح غير سياسي بڻايو وڃي. حقيقت ۾ سماج کي غير سياسي بنائڻ بجاءِ ملڪ جي انتظامي توڙي رياستي ادارن کي غير سياسي بڻائڻ جي ضرورت آهي، حقيقت ۾ سماج جي غير سياسي بيهڪ جو خاتمو آڻيندي ، سماج کي پوري طرح سياسي بنائڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته ان سان ملڪي سماج جو ملڪ جي سياسي ادارن يعني ’سياسي جماعتن‘ سان لڳ لاڳاپو ۽ مضبوط رشتو قائم ٿئي ٿو. جنهن کانسواءِ سماج ۾ خدمتن جي ورڇ  کي ممڪن ۽ آسان بنائڻ نظر نه ٿي اچي.

شفاف سياسي نظام  جي عمارت جا بنياد رکڻ لاءِ شفاف چونڊن جو قيام لازمي عمل آهي. جنهن کانسواءِ ملڪ جي سياسي توڙي انتظامي نظام جو شفاف بڻجڻ ممڪن نظر نه ٿو اچي. جنهن لاءِ رياست جي اهم ۽ بنيادي ادارن جي سوچ ۾ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي. جنهن سان گڏ پابند جمهوريت جا 1970ع کان لڳاتار هن ملڪ ۾ لاڳو رهي آهي، سا هن وقت نه ملڪ کي هلائي سگهندي ۽ نه وري ملڪ کي بچائي سگهندي ۽ نه ئي ملڪ کي استحڪام ڏئي سگهندي. ان لاءِ ڪنهن به طرح ”پابند جمهوريت“ کي آزاد ڪرڻو پوندو، ان لاءِ اسيمبلين کي آزاد طريقي سان قانونسازي جو مڪمل اختيار ڏيڻو پوندو ۽ انتظاميا کي مڪمل طور اسيمبلين جي اڳيان جوابده ۽ پابند بنجڻ جي ضرورت آهي ۽ جنهن آزاد جمهوريت هيٺ مڪمل طور صوبائي خودمختياري حاصل هجي. جنهن سان گڏ مقامي خودمختياري جيڪا بلدياتي نظام سان جـُڙيل هوندي آهي، سا ئي سهي معنيٰ ۾ خدمتن جي ورڇ کي يقيني ۽ بامعنيٰ ۽ ممڪن بنائيندي ۽ ان ريت رياست جي هن بحران جو خاتمو ٿي سگهي ٿو.

ان سان گڏ مذهب کي رياستي معاملات کان مڪمل طور ڌار رکڻو ۽ ڏسڻو پوندو. جنهن کانسواءِ ملڪي/رياستي معاملن کي خوش اسلوبيءَ سان نبيري نه ٿو سگهجي. مختلف قسم جي مذهبي ۽ فقهي گروهن جي سرپرستي ۽ همٿ افزائي تان هٿ کڻڻو پوندو ۽ انهن مٿان وڌيڪ طبع آزمائي هاڻ اجائي ڳالهه آهي. ڇو ته هن وقت اڪثريتي مذهبي ڌريون ’رياستي رٽ‘ کي چئلينج ڪري رهيون آهن ۽ ڪنهن به طرح رياست کي هلائڻ ۽ معاملات نبيرڻ ۾ مددگار نه بنجي رهيون آهن.گڏوگڏ مذهبي جماعتن جي قوت ملڪ اندر مذهبي انتهاپسندي کي به هٿي وٺرائي آهي، جنهن سان دهشتگرديءَ جي پکيڙ ٿي آهي. ملڪ جي اهڙي رياستي بحران جي خاتمي لاءِ ملڪ جي آئين ۾ بنيادي تبديلين جي ضرورت آهي يعني مذهبي ملن کي ملڪ جي ڪاروهنوار مان مڪمل طور ڌڪي ڌار ڪرڻو پوندو، جنهن کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نظر نه ٿو اچي ۽ اهڙي ريت ملڪ جو ٻيو رياستي بحران ٽري سگهي ٿو.

تاريخي قومن/قوميتون ۽ انهن جي جاگرافيائي وطنن تي مشتمل ملڪ جو نالو وفاق پاڪستان آهي، جن قوميتن ۽ انهن جي جاگرافيائي وطنن جو شروع کان انڪار ٿيندو پئي آيو آهي، پر اهڙي فيصلي سبب نه تاريخي قوميتن جو مڪمل خاتمو ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي اهڙيون قوميتون رياست/ملڪ هلائڻ ۾ پوري طرح مددگار ۽ ڀائيوار بنجي سگهيون آهن. لڳاتار قوميتن جي وجود جي انڪار باوجود اها حقيقت ظاهر ٿي اڳيان اچي چڪي آهي ته پاڪستان ۾ شامل قوميتن ۾ چٽيءَ طرح اڪثريت واري وڏي آبادي يعني پنجابي قوميت باقي قوميتن مٿان هر صورت ۾ پنهنجي بالادستي قائم رکڻ گهري ٿي. پوءِ اُها عددي اڪثريت واري آبادي جي صورت ۾ هجي يا عسڪري قوت جي شڪل ۾ ڇو نه هجي. پاڪستان جي وفاق ۾ اهڙي قوميتي بالادستي هن ملڪ کي نه حقيقي ’وفاق‘ ٺهڻ ڏنو آهي ۽ نه ئي هڪ ’پاڪستاني قوم‘ بنجڻ ڏنو آهي. جنهن لاءِ تاريخي قوميتن جي ڊائيورسٽي (Diversity) کي تسليم ڪندي انهن کي ملڪ جي پارليامينٽ يعني سينيٽ ۾ برابري ڏيڻ لاءِ اُپاءَ ورتا وڃن ۽ تاريخي قومن کي ملڪي/رياستي ڪاروبار هلائڻ ۾ پوريءَ طرح ڀاڱي ڀائيوار بنايو وڃي. تاريخي قوميتن جو انڪار ڪري انهن کي رياست سان ٽڪراءَ ۾ آڻڻ بجاءِ رياست جو دوست ۽ مددگار بنايو وڃي، جنهن لاءِ ملڪ/رياست ۾ قوميتي بالادستي جي سوچ تان هٿ کڻڻو پوندو ۽ رياست اهڙين مستقل مفاد قوتن جي سرپرستي ڪرڻ ڇڏيندي، ان لاءِ وطن دوست/قوم پرست قوتن کي پنهنجو مددگار بنائڻ لاءِ سنجيده اُپاءَ وٺي ۽ ملڪ جي سياسي نظام ۾ شموليت خاطر سڀني لاءِ برابري جي بنيادن تي موقعا ۽  رستا کوليندي. نه ڪي تاريخي قومن جي سياسي ڪارڪنن کي گم ڪندي تشدد ڪري اجرڪون پارائي ’زنده آباد‘ جا نعرا هڻائي انهن کي رياست جو مددگار ۽ وفادار بنائي سگهجي ٿو ۽ سندن دلين مان پنهنجن تاريخي وطنن سان محبت جي جذبي کان ختم ڪري سگهجي ٿو.

ملڪ جي ڪاميابي ان جي معيشت جي ڪاميابي سان ظاهر ٿئي ٿي، جنهن لاءِ ملڪ جي عسڪري قوتن کي ان جو مددگار هئڻ لازمي عمل آهي پر عسڪري ادارا يا ادارن جي معيشت، باقي ملڪي معيشت لاءِ ايتري مددگار نه ٿي بنجي، ان جي جاءِ تي ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ملڪ جي معيشت جي واڌاري لاءِ وڌيڪ مددگار بڻجي ٿي، ڇو ته ملڪي سرحدن تي عدم تحفظ جو احساس ملڪي معيشت جي  ترقي کي سست بنائي ٿو. جنهن لاءِ ملڪي سرحدن تي اگر

تڪرارن ۾ گهٽتائي نه ٿي آڻي سگهجي، ته حالتن کي جيئن آهي جتي آهي جي صورت ۾ رهڻ ڏنو وڃڻ گهرجي.

هاڻ اسان کي پنهنجي ملڪ جي Geo Strategic لوڪيشن جو دنيا کان فائدو وٺڻ واري سوچ کي به  ترڪ ڪرڻو پوندو. ڇو ته ان جو رياست جي چند ادارن کي ته مالي فائدو ٿي سگهي ٿو پر ان سان ملڪ جي گڏيل معيشت کي مضبوط نٿو بنائي سگهجي ۽ نه ئي ملڪ کي داخلي طور مضبوط بنائي سگهجي ٿو ۽ نه ئي ٻين ملڪن جي جنگ Proxy Warکي پنهنجي سرحدن اندر روڪي سگهجي ٿو.

بين الاقوامي واپار ۾ اسان جي معيشت جو نه هئڻ برابر حصو آهي. ڇو ته بين الاقوامي واپار جي مقابلا آرائي ۾ اسان ان جو ڪنهن به طرح مقابلو نٿا ڪري سگهون. جنهن لاءِ اهو ضروري آهي ته علائقائي وڻج واپار کي ترجيح ڏني وڃي. جنهن لاءِ پاڙيسري ملڪن جي سرحدن تي تناءَ (ڇڪتاڻ) ۾ گهٽتائي آڻي ۽ علائقائي واپار کي وڌايو وڃي ۽ ان مان ٽيڪس جي وصولي به ڪئي وڃي.

ملڪ جي 70 ساله حڪمراني مکيه طور ٽن ڌرين ۽ جماعتن وٽ رهي آهي، جنهن ۾ مسلم ليگ، سول و ملٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ پيپلز پارٽي اچي وڃن ٿيون ۽ ڪجهه مهينن کان پي ٽي آءِ جا حڪمران به. موجوده وقت جا نوان حڪمران ملڪ جي 70 ساله حڪمراني ۽ بحرانن جو ذميوار رڳو مسلم ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي حڪمرانن جي نااهلي ۽ بي ايماني کي، سڄي ملڪ جي بحرانن جو ذميدار ڄاڻائن ٿا پر حقيقت ۾ رياست ۽ ان جا نظرياتي بنياد ۽ وفاق جي غير منصفاڻي جوڙجڪ جيڪا، حقيقي طور ملڪ جي بحرانن جو مکيه ڪارڻ رهي آهي، تنهن بابت سڀ حڪمران جماعتون، عسڪري قوتون ۽ قومي ميڊيا سميت سمورا دانشور، رياست/ملڪ جي بنيادي تاريخ ۽ وفاق جي بنيادي تصور کان ناواقف نظر ٿا اچن.

اڄ جي حالتن ۾  سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي کي وفاق پاڪستان اندر ”سنڌ جي قومي مفادن“ جي بچاءَ لاءِ چٽو ٿي اڳيان اچڻو پوندو. ياد رهي ته هن وقت وفاق پاڪستان عملي طور صوبي پنجاب جي حڪمراني ۽ مفادن تي ٻڌل آهي. پنجاب جي عددي اڪثريت سموري پاڪستان مٿان  حڪمراني ڪري رهي آهي. پنجاب کانسواءِ باقي تمام صوبن مٿان پنهنجي مرضيءَ جا حڪمران آندا وڃن ٿا ۽ گڏوگڏ پاڪستان جي ٻين حصن صوبن جي وسيلن کي تيزيءَ سان کپائڻ ڪرڻ جي حڪمت عملي زور سان هلي رهي آهي. گئس، ڪوئلي ۽ تيل جي وسيلن جي تيزي سان کپت سان گڏ هاڻ آبي وسيلن تي مڪمل ڪنٽرول پڻ حاصل ڪيو پيو وڃي. ان وقت اسان جي سنڌ جا سياسي نمائندا ۽ حڪمران خاموش مددگار وارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پ پ جي صورت ۾ سنڌ مٿان مڙهيل حڪمرانن جا هٿ بي ايمانين ۾ رڱيل آهن، جيڪي احتساب کان بچڻ لاءِ هر قسم جي سوديبازي لاءِ تيار ويٺل نظر ٿا اچن ۽ اهڙي صورت ۾ ”سنڌ جا قومي مفاد“داءَ تي لڳل آهن. هن وقت ”سنڌ مٿان دهشتگردي سان گڏ آبي جنگ مسلط ڪيئي پيئي وڃي. سنڌ ۽ سنڌو درياهه جي حيات جي جنگ  وڙهڻ لاءِ اسان جي جماعت سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ٻين ڪجهه قومپرست جماعتن سان گڏجي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي پليٽ فارم تان جدوجهد ڪري رهي آهي، ٻئي طرف سنڌ جا نمائندا ۽ حڪمران بانسريون وڄائي رهيا آهن. اهڙي وقت سنڌ پنهنجو وجود ڪيئن ٿي قائم رکي سگهي؟ جيڪو اسان سڀن جي لاءِ ڏکيو امتحاني سوال آهي ته ان بحران کي حل ڪيئن ڪريون؟

ليکڪ ايس يو پي جو صدر آهي، هي مضمون سندس هڪ تقرير تي ٻڌل آهي جيڪو خصوصي طور “افيئر” طرفان شايع ڪيو ويو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو