Home / دنيا / پاڪستان-ڀارت ڇڪتاڻ پٺيان اسرائيل جو هٿ!
above article banner

پاڪستان-ڀارت ڇڪتاڻ پٺيان اسرائيل جو هٿ!

 رابرٽ فسڪ

Robert Fix

مون جڏهن پهريون ڀيرو خبر ٻڌي ته مونکي ايئن لڳو ته اهو اسرائيل جو غزا تي حملو هوندو، “ويڙهاڪن جي ڪئمپ” تي هوائي حملو سڀ کان پهرين اِهي لفظ هئا، اسان کي ٻڌايو ويو ته هڪ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر تباهه، ڪيترائي ويڙهاڪ مارجي ويا، فوج پنهنجي اهلڪارن تي حملي جو پلاند وٺي رهي آهي. هڪ “ويڙهاڪن جي تربيتي ڪئمپ” جو بيس ختم ڪيو ويو آهي پوءِ مون ٻڌو ته اهو بالاڪوٽ ۾ ٿيو آهي ۽ مونکي احساس ٿيو ته اهو غزا ناهي نه وري شام ۽ نه ئي لبنان بلڪه پاڪستان آهي. حيرت انگيز ڳالهه آهي ته ڪير به اسرائيل ۽ ڀارت کي ڪيئن ملائي سگهي ٿو.

خير ان ڳالهه کي وسارجو نه، تل ابيب ۾ قائم اسرائيلي وزارتِ دفاع ۽ نئين دهلي ۾ ڀارتي وزارتِ دفاع ۾ مفاصلو 2 هزار 5 سئو ميلن جو آهي، ليڪن هڪ سبب آهي ته اُهي ٻئي ادارا هڪ جهڙا لڳن ٿا. ڪيترن ئي مهينن کان اسرائيل، ڀارت جي قومپرست جماعت بي جي پي، جي حڪومت سان سياسي طور تي خطرناڪ اسلام مخالف اتحاد قائم ڪري رهيو آهي جيڪو غير سرڪاري، غير اعتراف ٿيل اتحاد آهي ۽ ڀارت، اسرائيل جي هٿيارن جي واپار لاءِ سڀ کان وڏي مارڪيٽ بڻجو چڪو آهي. ان ڪري ان ڳالهه سان اتفاق ناهي ته ڀارتي ميڊيا اِها حقيقت ظاهر ڪئي پر ڀارتي ايئر فورس طرفان پاڪستان ۾ جيشِ محمد تي استعمال ٿيندڙ “اسمارٽ بم” اسرائيلي ساخت رکندڙ رافائيل اسپائيس 2000 آهي. خيال ڪيو پيو وڃي ته اسرائيلي ساخت رکندڙ ۽ اسرائيل جي مهيا ڪيل جي پي ايس جي رهنمائي سان هلندڙ بم 3 سئو کان 4 سئو دهشتگردن جي مرڻ جي ڳالهه شايد پٿرن ۽ وڻن جي ضايع ٿيڻ جي شڪل ۾ اڳيان اچي، تنهن هوندي به ڀارتي فوجين ۽ ڀارت جي قبضي هيٺ آيل ڪشمير ۾ 14 فيبروري تي ٿيندڙ حملو غير حقيقي نه هو جنهن جي دعويٰ جيشِ محمد ڪئي ۽ ان ۾ 40 کان وڌيڪ ڀارتي فوجي مارجي ويا هئا. ان کان سواءِ ڀارتي جهاز کي ڪيرائڻ به ڪوڙ نه آهي.

5c79174e94303

2017ع ۾ ڀارت، اسرائيل جو سڀ کان وڏو هٿيارن جو خريدار رهيو ۽ ان اسرائيلي ايئر ڊفينس، ريڊار سسٽم ۽ فضا کان زمين تي حملي ڪرڻ وارن ميزائيلن سميت هٿيارن جي عيوض 53 ڪروڙ يورو ادا ڪيا. ان سمورن ميزائيلن جي ٽيسٽنگ اسرائيلي فوج طرفان فلسطين ۽ شام تي ڪئي وئي هئي. اسرائيل پاڻ وضاحت ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته هُو پنهنجون ٽينڪون، هٿيار ۽ پاڻي جا جهاز ميانمار جي آمرن کي ڇو وڪرو ڪري رهيو آهي جڏهن ته اولهه جي ملڪن طرفان ان حڪومت تي پابندي مڙهيل آهي ڇو ته اُها پنهنجي اقليتن کي ختم ڪري رهي آهي ۽ اُتي وڏي انگ ۾ روهنگيا مسلمانن جو خاتمو سامهون آيو آهي ليڪن اسرائيل پنهنجا خصوصي ڪمانڊو يونٽس ۽ ڀارت طرفان ٽريننگ لاءِ موڪليل اهلڪارن جي ريگستانن ۾ گڏيل مشقن جي فلم به ٺاهي چڪو آهي.

45 ڀارتي فوجين جي وفد ۾ گهٽ ۾ گهٽ 16 ڀارتي “گرود ڪمانڊوز” ڪجهه وقت لاءِ اسرائيل ۾ نيواتن ۽ پلماشن ايئر بيس ۾ هئا. ڀارتي قومپرست وزيراعظم نريندر مودي کان پوءِ گذريل سال اسرائيلي وزيراعظم بيجيمن نيتن ياهو ڀارت جي پنهنجي دوري ۾ 2008ع ۾ ممبئي ۾ ٿيندڙ حملي کي ياد ڪيو جنهن ۾ 170 شهري موت جو کاڄ ٿي ويا هئا. هُن نريندر مودي کي چيو ته اسان کي ممبئي ۾ ٿيندڙ وحشت ناڪ حملو ياد آهي، اسان صبر کان ڪم وٺون ٿا، واپس وڙهون ٿا پر هار نه ٿا مڃون- بي جي پي جو به ساڳيو موقف هو. تنهن هوندي به مختلف ڀارتي اينڪرز خبردار ڪيو آهي ته ساڄي ڌر جي يهوديت ۽ ساڄي ڌر جي مودي جي سربراهي ۾ قومپرستن کي ٻنهي ملڪن ۾ لڳ لاڳاپا قائم ڪرڻ جو بنياد نه رکڻ گهرجي، ٻئي ملڪ مختلف انداز ۾ برطانوي راڄ خلاف وڙهي چڪا آهن.

India-Pakistan-War-min-640x320

برسلز جي محقق شيري ملهوترا، جنهن جو ڪم اسرائيلي اخبار “هيرٽز” ۾ به شايع ٿي چڪو آهي، نشاندهي ڪئي آهي ته ڀارت انڊونيشيا ۽ پاڪستان کان پوءِ دنيا جي ٽين وڏي مسلمان آبادي رکندڙ ملڪ آهي جنهن ۾ 18 ڪروڙ مسلمان آهن. هُن گذريل سال لکيو هو ته ڀارت ۽ اسرائيل جا لاڳاپا بي جي پي ۽ لڪوئڊ پارٽي جي هم خيال هجڻ جي ڪري همدردي سبب اڳيان اچي رهيا آهن. هندو قومپرستن هڪ بيانيو تيار ڪيو آهي ته ماضي ۾ هندو مسلمانن جو نشانو بڻيا، اهو هڪ متاثر ڪندڙ خيال آهي انهن هندن لاءِ جيڪي ورهاڱي کي ياد ڪن ٿا ۽ پاڪستان سان لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ جا حامي آهن. بلڪه ملهوترا “هيرٽز” ۾ نشاندهي ڪئي ته ڀارت ۾ اسرائيل جا سڀ کان وڏا مداح انٽرنيٽ هندو آهن جيڪي اندر کان اسرائيل جي فلسطين سان رويي  ۽ مسلمانن جي خلاف وڙهڻ تي خوش ٿيندا آهن. ملهوترا ڪارلٽن يونيورسٽي جي پروفيسر وويڪ ڌيجيا جي ڀارت، اسرائيل ۽ آمريڪا جي ٽه رخي اتحاد جي مطالبي جي مذمت ڪئي ڇو ته اِهي سمورا ملڪ مذهبي دهشتگردي کان متاثر ٿي چڪا آهن.

2016ع ۾ ڀارت مان رڳو 23 ماڻهو عرب دنيا ۾ داعش خلاف وڙهڻ ويا جڏهن ته بيلجيم جنهن جي آبادي 5 لک آبادي تي ٻڌل آهي، 500 جنگجو ويڙهاڪ پيدا ڪيا، ملهوترا موقف اختيار ڪيو ته ڀارت، اسرائيل نظرياتي هجڻ بدران حقيقتن تي ٻڌل هجڻ گهرجن. تنهن هوندي به اهڙي صورتحال ۾ جڏهن اسرائيل، ڀارت کي تمام گهڻا هٿيار مهيا ڪري رهيو آهي اِهو ڏسڻ مشڪل آهي ته ڪهڙي ريت يهودي قومپرست، هندو قومپرستن جي رهنمائي ڪري رهيا آهن، جنهن جو ثبوت ويجهڙ ۾ ئي پاڪستان ۾ “مذهبي دهشتگردن” جي خلاف استعمال ٿيندڙ اِهي بم آهن. واضح رهي ته ڀارت، اسرائيل سان 1992ع کان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا آهن. دهشتگردي خلاف جنگ خاص طور تي مذهبي دهشتگردن خلاف انهن ٻن رياستن جو حصو وٺڻ وڏي ڳالهه ناهي ڇو ته ٻئي ملڪ بيٺڪيتي ورهاست جو شڪار هئا جن جي سيڪيورٽي کي پاڙيسرين کان خطرو هو. ٻنهي ڪيسن ۾ سندن جدوجهد ملڪيت حاصل ڪرڻ يا زمين تي قبضو ڪرڻ هو، اسرائيل، ڀارت ۽ پاڪستان وٽ ايٽمي هٿيار آهن، اهو هڪ ٻيو اهم سبب آهي فلسطين ۽ ڪشمير کي پاڻ ۾ اُلجهڻ نه ڏيڻ جو ۽ ڀارت جي 18 ڪروڙ مسلمانن کي تنها ڇڏڻ جو.

@The Independant

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو