Home / افيئر / پولن آستان …تاريخ جو مُنجهيل سُٽ
above article banner

پولن آستان …تاريخ جو مُنجهيل سُٽ

نور احمد جنجهي

Noor Ahmed Jhinjhi

ٿرپارڪر جي پراچينتا جا ڪجهه اهڙا لڪل گوشا آهن جيڪي اڄ تائين ماڻهن جي نظرن کان اوجهل رهيا آهن.هر سياح يا تاريخ سان دلچسپي رکندڙ رڳو انهن ماڳن مڪانن تائين پهچ ڪري ٿو جيڪي مشهور آهن . گهٽ مشهور هنڌن ماڳن يا انهن جي تاريخي حيثيت تي ڪنهنجو به ڌيان نٿو وڃي تنهنڪري ڪافي اهڙا هنڌ اڻ ڇهيل رهجي وڃن ٿا يا انهن بابت تمام ٿورڙو لکيو ويو آهي. اهڙن ماڳن مڪانن جي لڙهيءَ ۾ ”پولن آستان “ به اچي وڃي ٿو جنهن تي ڪنهن جي به نظرنٿي پوي . سڀئي سيلاني جيڪي ٿرڏانهن اچن ٿا ۽ مٺي اسلام ڪوٽ پار ڪري اڳتي ننگرپارڪر ڏانهن اُسهن ٿا سي وچ واٽ تي گوڙيءَ جو ڏهرو ته ڏسڻ وڃن ٿا پران جي سامهون هڪ اهڙوئي تاريخي کنڊر موجود آهي جنهن ڏانهن ڪنهن جو  به ڌيان نٿو وڃي  .هرڪو ان کان ايئن اک پور ڪري وڃي ٿو جيئن  اوڌريو اوڌر گهرندڙ کان اک بچائي گذري وڃڻ جي جستجو ۾ هوندو آهي. هن جهوني آثار بابت رڳو تاريخ ريگستان جي پهرئين جُلد ۾ ذڪر ملي ٿو . تاريخ ريگستان جو ليکڪ  رائچند لکي ٿو ، ”گوڙيءَ جي مندر ڀرسان هڪ پڪسرو بُرج ٺهيل آهي جو ”پولن آستان“ سڏجي ٿو. چون ٿا ته نئيڙ (جوڌپورپرانت جو هڪ ڀاڱو) جو راجا پولن نالي راٺوڙ نسل مان هو. هڪ دفعي پارڪرجا ڌاڙيل نئيڙ مان چوپايو مال چورائي آيا هئا ۽ پُڻ ڪي ڳوٺ ڦري آيا هئا.راجا پولن واهر ڪري ڌاڙيلن جي پُٺيان پيو. انهي هنڌ اچي ڌاڙيلن سان دوبدو مقابلو ٿيو. گهڻي رتو ڇاڻ بعد پولن بهادريءَ سان وڙهندي مارجي ويو. انهي ءَ جي  يادگيريءَ ۾ اهو ڏيهرو (بُرج يا چبوترو ) سن 1743 ع ۾ جڙيو.“

P-01

هيءُ نشان گوڙي ڏهري جي مُک گيٽ وٽ بيهي ، ان کي پُٺي ڏيئي نهاربو ته بلڪل ڏکڻ اوڀر ۾ روڊ جي ٻئي پاسي نظرايندو پر هن نشان تي کپ ۽ ٻيا ٻوٽا ايئن ويڙهجي وڃن ٿا جو انهن ۾ لڪي وڃي ٿو . ان کانسواءِ اهو کيڙاپ يا پورچ ٻنيءَ اندر اڏيل آهي ان ٻنيءَ کي هن پاسي کان واڙ يا لوڙهو ڏنل هوندو آهي. اهڙي طرح هڪڙي تاريخي نشاني لڪي وڃي ٿي. ڪوئي هن ٺُل کي نٿو ڏسي. هاڻي ته مقامي ماڻهن کي به هن آثار جي ڪهاڻيءَ بابت به ڪا خبر ناهي.رڳو رائچند جي چند سٽن ۾ هن اهڃاڻ جو احوال ملي ٿو جنهن مطابق؛

اهو هڪ پڪسرو بُرج آهي

اهو بُرج نئيڙ جي راجا پولن جي يادگيريءَ ۾ تعمير ٿيو

نئيڙ جو علائقو جوڌپور پرانت جو هڪ ڀاڱو هو

راجا پولن راٺوڙ نسل جو راجا هو

پارڪرجا ڌاڙيل نئيڙ مان مال ڦُر ڪري آيا هئا

راجا پولن انهن ڌاڙيلن جو پيڇو ڪندي ، هتي پهتو

راجا پولن انهي مقابلي ۾ مارجي ويو

اهو بُرج سندس يادگيريءَ ۾ 1743ع ۾ جُڙيو.

هيءُ برج ڪچي پڪي گڏيل سامان جو ٺهيل آهي جنهن تي اهڙو راڳو لڳل نظراچي ٿو جيڪو زماني جي لهرن سان به لٿو ناهي. رڳو گرمي پد جي ڪري بُرج ڦاٽو آهي يا ان ۾ ڏار نظراچن ٿا ڇاڪاڻ جو هي علائقو سب ٽراپيڪل پرڳڻو هئڻ ڪري سال جو گهڻو حصو گرم رهي ٿو. ان کانسواءِ برساتن به هن ٺُل کي متاثر ڪيو آهي.نئيڙ جو علائقو به آهي جنهن سان هتان جي ماڻهن جي اچ وڃ رهي آهي پراُتي انهي نالي سان ڪو راجا به ٿي گذريو آهي تنهن بابت معروف تاريخي ڪتابن ۾ ڪو خاص احوال نٿو ملي.

ڪئپٽن اسٽئنلي نيپيئر ريڪس به پنهنجي لکيل ”ٿڙ ۽ پارڪرجي يادگيري “ ۾ به ڪو وچور يا اهڃاڻ نه ڏنو آهي جيتوڻيڪ هن پارسناٿ جي پُتلي جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ريکو ديو جي بُت جو ذڪر به ڪيو آهي .اهي ٻئي به  وقت جي واچوڙي الائي ڪيڏانهن وهائي ڇڏيا. علائقن ۾ طاقت جي تبديلي اُتان جي تاريخي شين تي به اثر ڇڏيندي آهي. ڪي تاريخي اُهڃاڻ مٽجي ويندا آهن يا مٽايا ويندا آهن ته ڪي شيون وري کڄي وينديون آهن يا چورائجي وينديون آهن. ننڍي کنڊ جي اهڙين لکين وٿن سان اولهه جي سُڌريل سڏائيندڙ دنيا جي عجائب گهرن جي زينت آهن. پارڪر جي ڌاڙيلن جو ذڪرانگريزن جي رپورٽن ۾ به ملي ٿو.

اهي نئيڙ تائين ويندا هئا اهو به ڪٿي واضح نٿو ملي. پارڪر جا ڌاڙيل گجرات ۽ واڳڙ تائين ويندا هئا ۽ جيسلمير جا ڀاٽي هن علائقي تائين ايندا هئا .اهو موضوع به تحقيق جو گهرجائو آهي. اهو کڻي مڃجي ته اهو راجا نئيڙ مان واهر ڪري هتي آيو هوندو ۽ مقابلي ۾ مارجي ويو هوندو پراها ڳالهه چٽي ناهي  ته راجا ته پنهنجي ماڻهن سميت مارجي ويو ته پوءِ اهو ”بُرج “ ڪنهن اڏايو.رائچند موجب ان  ٺُل جي اڏاوت جو سال 1743ع آهي.

 هن اهو احوال شايد ڪنهن زباني روايت جي آڌار تي لکيو هوندو پران بابت سندس لکت خاموش آهي. هن تاريخي آثار پولن آستان بابت وڌيڪ کوجنا جي ضرورت آهي.

هن اڏاوت بابت بيان ڪيل ڳالهين مان اهو نظراچي ٿو ته هي ٺُل ڪن مقامي ماڻهن جوئي اڏايل آهي نه ئي راجا پولن جي پونيرن جو . ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه سمجهه کان مٿي آهي ته جن ماڻهن جو راجا هتي مارجي وڃي ۽ ان جا ماڻهو هيترو پري پنڌ کان اچي، ڪا اڏاوت ان دور ۾ ڪرائين جڏهن هن علائقي جون حالتون ڏکيون هجن ۽ انهن جو راجا هتي مارجي ويو هجي.

سچ ڪ سُڪو ڍور، ڪنڌيءَ اڪ ڦُلاريا،

جُنگن ڇڏيو جور، سر سُڪو سونگي گيا                    ﴿          (لطيف )

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو