Home / سنڌ افيئر / ڇا شهيد بينظير ڀٽو سفاري پارڪ منصوبو فراڊ هو؟
above article banner

ڇا شهيد بينظير ڀٽو سفاري پارڪ منصوبو فراڊ هو؟

سنڌ حڪومت 2010ع ۾Writerبدين ضلعي جي تباهه ٿيل تاريخي ٻيلي بوهڙڪي ۾ شهيد بينظير ڀٽو سفاري پارڪ قائم ڪرڻ لاءِ هڪ ميگا پراجيڪٽ منظور ڪيو، جيڪو پراجيڪٽ ٻيلي کاتي جي حوالي ڪيو ويو. هن رٿا ۾ هڪ خوبصورت سفاري پارڪ جي قيام کان سواءِ تباهه ٿيل بوهڙڪي ٻيلي جي ٻيهر بحاليءَ جو منصوبو پڻ شامل ڪيو ويو. ان ميگا پراجيڪٽ جو افتتاح 30 جنوري 2011ع تي بدين جي قومي تڪ بدين گولاڙچي جي پ پ ايم اين اي ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ ڊاڪٽر فهميده مرزا، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ان وقت جي ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري رٿا بابت بدين واسين کي سبز باغ ۽ سُهانا خواب ڏيکاريا. ان تقريب جي سربستي ڪهاڻي ۽ تباهه ڪيل بوهڙڪي ٻيلي جي خود ٻيلي کاتي طرفان ڪيل بربادي ۽ ٻيلي جي تاريخي پسمنظر تي “افيئر”۾ رپورٽ پڻ شايع ٿي هئي جنهن ۾ ان ميگا پراجيڪٽ بابت خدشن جو اظهار ڪندي ان رٿا جي مڪمل طور تي ناڪامي جي اڳڪٿي ڪئي هئي ۽ اهو پڻ ڄاڻايو ويو هو ته هن رٿا جو اصل مقصد بوهڙڪي ٻيلي جي 17 هزار ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرڻ آهي، نه سفاري پارڪ ٺهندو ۽ نه ئي تباهه ڪيل ٻيلي کي بحال ڪيو ويندو.

P-01

رٿا جي ناڪامي ڪروڙين روپين جي ڪيل ڪرپشن، ٻيلي جي بحالڪاري نه ٿيڻ تي سنڌي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا کانسواءِ اردو ٽي وي چئنلن تان پڻ گذريل ڪجهه سالن دوران ڪيتريون ئي رپورٽون هلايون ويون، هڪ اردو ٽي وي چئنل جو هڪ اينڪر پنهنجي ٽي وي شو لاءِ خاص طور تي ڪراچي کان ڪهي سفاري پارڪ تي ڊاڪيومينٽري ڪرڻ لاءِ بوهڙڪي ٻيلي جي ويران رڻپٽ تائين اچي پهتو.

شهيد بينظير ڀٽو سفاري پارڪ جي قابل ذڪر افتتاحي تقريب ۾ بدين واسين کي جيڪي سبز باغ ڏيکاريا ويا، انهن بابت ان وقت جي ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري مشتاق ميمڻ پنهنجي ڏنل بريفنگ ۾ رٿا بابت تفصيلي ڄاڻ ڏيندي چيو هو ته هن عظيم رٿا تي پهرين مرحلي ۾ 15 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان جيڪي اسڪيمون جوڙيون ويون آهن ان ۾ ديهه بوهڙڪي جي ٻيلي جي 3 هزار ايڪڙ زمين مختص ڪئي ويئي آهي جنهن ۾ 200 ايڪڙن  تي شڪار گاهه قائم ٿيندو، 1060 ايڪڙن تي نوان وڻ پوکيا ويندا، 1035 ايڪڙن تي اڳ ۾ پوکيل وڻن جي سار سنڀال ڪئي ويندي، 905 ايڪڙن جي ايراضي زراعت لاءِ وقف ڪري اها زمين هارين کي ليز تي ڏني ويندي. هن خوبصورت سفاري پارڪ کي ڏسڻ لاءِ پري پري کان ايندڙ سياحن لاءِ ٻن ڪمرن وارا هٽ ٺهرايا ويندا، جنهن کان سواءِ پارڪ جو هڪ مک دلي دروازو تعمير ڪرايو ويندو. پارڪ جي جانورن جي نگهباني لاءِ واچ ٽاور ۽ پارڪ لاءِ مختص ڪيل ٽي هزار ايڪڙن جي ايراضي جي حفاظت لاءِ اٽڪل 20 چورس ڪلوميٽرن جي ڊيگهه ۾ چوڌاري مضبوط لوهي ڪنڊيدار تار جو جهنگلو ڏياريو ويندو.

سيڪريٽري جون اهڙين دعوائن تي هر طرف واهه واهه ٿي ويئي پر وري سيڪريٽري جڏهن اهي ٻول ٻوليا ته هن پارڪ ۾ ناياب خوبصورت جانور ۽ پکي رکيا ويندا جنهن ۾ شروعاتي طور تي هڪ هزار تترن جون جوڙيون، هرڻ، ڦاڙها ۽ ٻيا ڪيترائي قسمين قسمين جانور ۽ پکي گهڻي تعداد ۾ هن پارڪ ۾ رکيا ويندا، ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري مشتاق ميمڻ جون اهڙيون دلڪش ڳالهيون ٻڌي تقريب ۾ ويٺل ڪن مقامي ماڻهن کي هن تاريخي ٻيلي جو عروج ۽ زوال ياد اچي ويو.

P-02

تڏهن هڪ ماهر “افيئر” کي ٻڌايو هو ته هن ويران رڻپٽ واري علائقي ۾ جتي هزارين انسانن ۽ حيوانن جي لاءِ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ آهي اتي هي پکي ۽ جانور ڪهڙي طرح سان جيئرا رهندا؟ سفاري پارڪ، زراعت ۽ ٻيلي جي بحالڪاري لاءِ مٺو پاڻي ڪٿان ايندو؟ پاڻي واري ان سنگين مسئلي جي ان وقت خود سيڪريٽري کي پڻ ڄاڻ هئي جنهن لاءِ هن آخر ۾ ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو ڌيان ڇڪائيندي اهي جملا پڻ چيا هئا ته هن پراجيڪٽ جي ڪاميابي جو دارومدار لاڳيتو مٺي پاڻي جي فراهمي تي آهي، انڪري مٺي پاڻي جي فراهمي لاءِ جوڳا انتظام ڪيا وڃن. ان وقت جي سيڪريٽري مشتاق ميمڻ ان موقعي تي اها پڻ گهر ڪئي ته پارڪ تائين بجلي پڻ جلد پهچائي وڃي. تقريب جي خاص مهمان ڊاڪٽر فهميده مرزا پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري شهيد بينظير ڀٽو سفاري پارڪ رٿا جي ڪاميابي لاءِ جيڪي ٻه اهم مطالبا مٺي پاڻي جي فراهمي ۽ پارڪ تائين بجلي پهچائڻ جا ڪيا آهن اهي ٻئي مطالبا جلدي پورا ڪيا ويندا. هن سيڪريٽري طرفان ٻن سالن ۾ مڪمل ڪرڻ واري ڳالهه جي سخت مخالفت ڪندي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته پارڪ وارو اهو منصوبو ڪنهن به حالت ۾ هنگامي طور تي فقط هڪ سال ۾ مڪمل ڪيو وڃي. هن سيڪريٽري کي اهو پڻ چيو ته آءٌ 20 ڊسمبر 2012ع تي هن رٿا جي ٻيهر اچي افتتاح ڪنديس، ان ڪري اها رٿا ان کان اڳ ۾ مڪمل ڪئي وڃي. محترمه ڊاڪٽر فهميده مرزا بوهڙڪي جي ان رڻ ۾ تاريخي جملا چيا ته هن پارڪ کي سڄي ملڪ جو هڪ اهڙو خوبصورت ۽ مثالي پارڪ بڻايو ويندو جو اهڙي حسين ترين پارڪ جي دلڪش نظارن کي ڏسڻ لاءِ ملڪي ۽ غير ملڪي سياح وڏي انگ ۾ ايندا، ان موقعي تي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پنهنجي تقرير ۾ جيڪي انوکيون ڳالهيون ڪيون ان مان پڻ اها ڳالهه چٽي هئي ته پارڪ جو هي منصوبو فقط بهانو آهي، هنن جون نظرون فقط ٻيلي جي 17 هزار ايڪڙ زمين تي کتل آهن جنهن زمين تي قبضو ڄمائڻ لاءِ هنن سفاري پارڪ جو اهو منصوبو جوڙيو.

هن پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته هن جي دلي خواهش هئي ته ڪنهن به نموني سان سنڌ ۾ ٻيلي کاتي جي لکين ايڪڙ زمين تي قابض وڏيرن ۽ ڀوتارن کان اها زمين واپس ڪجي، ان لاءِ مون ٻيلي کاتي جي وزارت ورتي، هيلتائين مون 35 هزار ايڪڙ ٻيلي کاتي جي سرڪاري زمين وڏيرن جي قبضي کان ڇڏائي آهي ۽ هن پنهنجي دل جي اصل ڳالهه هن طرح سان ڪئي ته ڀوتارن کان ڇڏايل زمين مان ڪجهه مون پنهنجن دوستن کي ليز تي ڏني آهي ۽ ڪجهه زمين اسين پڻ پاڻ وٽ رکنداسين، ڇاڪاڻ ته اسانکي به پنهنجو پيٽ آهي، واقعي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ان جي دوستن کي پيٽ ته آهن پر اهي پيٽ ايڏا ته وڏا آهن جو اهي ڀرجي نٿا سگهجن ۽ ان پيٽ ڀرڻ جي حوس ۾ اهي جگري دوست نيٺ آخر پاڻ ۾ وڙهي پيا جنهن ڪري هنن جو بوهڙڪي ٻيلي جي 17 هزار ايڪڙ زمين هڙپ ڪرڻ وارو منصوبو رولڙي جو شڪار ٿي ويو باقي شهيد بينظير ڀٽو جي نالي سان منسوب ڪيل سفاري پارڪ وارو منصوبو هڪ فراڊ هو جيڪو هڪ فراڊ ثابت ٿيو. منصوبي جي لاءِ 2010ع ۽ 2011ع ۾ سنڌ حڪومت جي خزاني مان جاري ڪيل 15 ڪروڙ روپيا مرزا جي وزارت واري دور ۾ ونڊ ورڇ ٿي ويا، رٿا تي ڪل 37 ڪروڙ 50 لک روپيا لاڳت ڄاڻائي وئي. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي سنڌ حڪومت کان الڳ ٿيڻ بعد باقي رقم حڪمرانن ۽ ٻيلي کاتي جي ڪامورن جي پاڏن جيڏن پيٽن ۾ هلي ويئي. سفاري پارڪ خواب بڻجي ويو، نمائش لاءِ پارڪ ۾ آندل ڪجهه هرڻ ۽ پکي بک ۽ اڃ ۾ تڙپي مري ويا، رٿا ۾ شامل ڪو هڪ منصوبو مڪمل ٿي نه سگهيو. سالن تائين راڄواهه شاخ جو پاڻي ٽيل تائين نه پهچڻ سبب پراڻا سڀئي وڻ سڪي ويا. 20 ڊسمبر 2012ع تي ڊاڪٽر فهميده مرزا ته ان خوبصورت پارڪ جو افتتاح نه ڪري سگهي پر اتفاق سان 20 ڊسمبر 2018ع تي صوبائي وزير ناصر شاهه پراسرار طور تي ايم پي اي تاج محمد ملاح سان گڏ سج لهڻ وقت ان ويران پارڪ جي ويراني ۽ ٻيلي جي تباهي ڏسڻ لاءِ وڃي پهتو. هاڻي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته ڇا اهو سفاري پارڪ وڏو فراڊ هو، جنهن وسيلي ڪروڙين روپيا کاڌا ويا؟ نيب کي هن پاسي به لؤڻو هڻڻ گهرجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو