Home / افيئر / ڇا فلسطين ڏسڻ پاڪستان واسين لاءِ هڪ خواب ئي رهندو؟
above article banner

ڇا فلسطين ڏسڻ پاڪستان واسين لاءِ هڪ خواب ئي رهندو؟

40ع جي ڏهاڪWriterي ۾ دنيا جي نقشي تي ٻه ملڪ مذهب جي نالي وجود ۾ آيا. هڪ اسرائيل ۽ ٻيو پاڪستان، ٻئي ملڪ ٺهندي ئي اسرائيل مان مسلمان عرب تڙيا ويا ته پاڪستان مان هندو تڙيا ويا. اسرائيل مان تڙيل عرب وطن کان بي وطن ۽ بي زمين ٿي پاڙيسري ملڪن شام، اردن، مصر ۽ ٻين ملڪن ڏانهن دربدر ٿي ويا ۽ سنڌي هندو سرحد پار ڪري بي زمين ۽ بي آسرا ٿي هندستان ۾ ٽڙي پکڙي ويا. دنيا کان سنڌي هندو وسري ويا پر فلسطين جيڪو هاڻي اسرائيل ٿو سڏجي تنهن جا واسي نه وسريا ۽ هن بدنصيب قوم کي سموري دنيا مان اخلاقي ۽ مالي سهائتا ملندي آئي آهي جيڪا سندن حق به آهي.

اسلام جي وجود ۾ اچڻ جي شروعاتي ڏينهن ۾ مسلمان فلسطين جي شهر يروشلم ۾ قائم بيت المقدس ڏانهن رخ ڪري نماز پڙهندا هئا جنهن جي ڪري ان کي قبله اول به ڪوٺيو ويندو آهي. اڳتي هلي اسلام ۾ خانه ڪعبو جي طرف رخ ڪري نماز جو حڪم ٿيو جنهن کان پوءِ اڄ تائين مسلمان ڪعبي جي طرف رخ ڪري نماز پڙهندا آهن. خانه ڪعبه کي قبلو ڪرڻ باوجود مسلمانن بيت المقدس سان پنهنجو رشتو ڪڏهن ناهي ٽوڙيو جو اتي موجود مسجدِ اقصيٰ مڪي ۽ مديني کان پوءِ دنيا جي مسلمانن لاءِ ٽيون نمبر مقدس جاءِ آهي.

P-01

يروشلم حضرت عيسيٰ عه جي جنم جي جاءِ آهي ته اتي  يهودين جي متبرڪ ديوارِ گريه ۽ ٻيون مذهبي جايون آهن جنهن ڪري اهو شهر مسلمان، عيسائي ۽ يهودي يعني ٽنهي مذهبن جي مڃيندڙن جي لاءِ انتهائي احترام جي قابل سرزمين آهي. وطن وڃائڻ کان پوءِ فلسطينين کي اڄ 70 سالن کان به مٿي ٿي ويا آهن جو هو سياسي ۽ هٿيارن جي جنگ ذريعي پنهنجو وطن يهودين کان آجو ڪرائڻ ۾ رڌل آهن. جتي لکين فلسطيني بي وطن ٿي ويا اتي هزارين وڙهندي شهيد ٿي ويا ۽ هزارين اسرائيل جي جيلن ۾ جيون گهاري رهيا آهن.

پاڪستان جي عرب ملڪن سان هميشه ويجهڙائپ رهي آهي جن جي اڪثريت فلسطينين کي پناهه ڏيڻ سان گڏ انهن کي مالي مدد به ڏيندا آهن. فلسطينين سان پاڪستان به هميشه سهمت رهيو آهي ۽ ان نه رڳو اسرائيل کي ناهي تسليم ڪيو پر گڏوگڏ ان سان سفارتي رابطا به ناهن رکيا. ان کان به مٿاهون ٿي پاڪستان پنهنجي پاسپورٽ ۾ به اسرائيل لاءِ سفر ڪرڻ کي ممنوع قرار ڏنو آهي ۽ واضح انداز ۾ لکيو آهي ته “This Passport is valid for all Countries except Isreal” يعني هي پاسپورٽ سواءِ اسرائيل جي سڀني ملڪن لاءِ ڪارآمد آهي.

وقت ثابت ڪيو ته آمريت ۽ بادشاهت جي اثر اڪثر عرب ملڪن ۾ رڳو پنهنجي عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ فلسطينين جي مدد ڪئي. جڏهن ته حقيقت ۾ هو پردي پٺيان اسرائيل سان لاڳاپا جاري رکندا آيا. اسرائيل جي پاڙيسري عرب ملڪن اردن ۽ مصر جا ان سان سفارتي لاڳاپا آهن جڏهن ته هاڻي عمان ۽ سعودي عرب به اسرائيل سان دوستي ۾ ٻه قدم اڳتي وڌي چڪا آهن. عرب دنيا ۾ فلسطين کي عرب قوم جو مسئلو لکيو ٿو وڃي جڏهن ته اسان جي ملڪ ۾ ان کي خالص اسلامي مسئلي طور ڏٺو ٿو وڃي جنهن ڪري مذهبي ڌرين سان گڏوگڏ سياسي ڌريون به فلسطين جي مسئلي کي هاءِ لائٽ ڪنديون رهن ٿيون. ان روئي جي ڪري ورهاڱي کان پوءِ ڪراچي ۾ رهندڙ مقامي ٻوليون ڳالهائيندڙ يهودي جن جو خاص ڪري ڪراچي جي تعمير ترقي ۽ سوسائٽي ۾ وڏو مقام هو سي پاڪستان ڇڏي اسرائيل هليا ويا.

مڪي ۽ مديني سان چاهه رکندڙ هڪ عام پاڪستاني مسلمان جي اها خواهش به رهي آهي ته هو اڳوڻو فلسطين ۽ هاڻوڪو اسرائيل ڏسي، عيسيٰ مسيح عه کان به پهريان جون مذهبي جايون ڏسي جن ۾ نبين جون آخري آرامگاهون ۽ تاريخي هنڌ آهن جن جو ذڪر قرآن،  انجيل ۽ زبور ۾ آهي. اها هر مسلمان ۽ تاريخ سان چاهه رکندڙ جي خواهش هوندي آهي ته اهڙيون جايون ڏسي. پاڪستان ۾ هزارين لکين شهري به اهڙي خواهش رکن ٿا پر پاسپورٽ تي لکيل NOT VALID FOR ISREAL يعني هي پاسپورٽ اسرائيل جو سفر ڪرڻ لاءِ ڪارآمد ناهي، لکڻ سبب فلسطين جي ڌرتي کي ڏسڻ پاڪستانين جو هڪ خواب ئي ٿي سگهي ٿو. پر ڪن پاڪستانين ايئن به ڪيو آهي ته هو ڪنهن اهڙي ملڪ مان اسرائيل جي ويزا وٺن ٿا يا وري اسرائيل جي سرحدي ملڪ اردن مان اسرائيل جي سرحد تي اچي اتان اسرائيل گهمڻ جو اجازت نامو وٺي اسرائيل گهمي اچن ٿا پر واپسي تي انهن جي پاسپورٽ تي داخلا جو ٺپو لڳڻ سبب هو پاسپورٽ کي ضايع ڪري اتي موجود پاڪستاني سفارتخاني کي پاسپورٽ جي گمشدگي جو اطلاع ڏئي نئون پاسپورٽ جاري ڪرائي پنهنجي وطن واپس اچن ٿا.

P-02

مان اهو نه چوندس ته پاڪستان لکين فلسطينين سان ڏاڍ ڪندڙ اسرائيل سان لاڳاپا بحال ڪري جيئن عرب ملڪ ڪندا پيا وڃن پر هڪ ٽيون رستو به آهي، اهو اِهو آهي ته جڏهن ٻن ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا ناهن هوندا ته پوءِ هڪ ٽئين ملڪ وسيلي رابطا ڪيا ويندا آهن ۽ ويزائون جاري ٿينديون آهن جنهن جو مثال ايران-سعودي عرب لاڳاپا آهن جن جا سفارتي رابطا ختم آهن. حڪومت کي گهرجي ته هو عوام جي خواهش ۽ حقن جو احترام ڪندي کين فلسطين جي ڌرتي ڏسڻ جو موقعو ڏئي ته جيئن اسرائيل دشمنيءَ ۾ پنهنجي عوام جو حق تلف نه ٿي سگهي ۽ هو اهو مذهبي ۽ روحاني سفر ڪري سگهن. نه رڳو مسلمان پر پاڪستان ۾ رهندڙ عيسائي جن جي پيغمبر حضرت عيسيٰ عه جو جنم پڻ فلسطين ۾ ٿيو، سي پڻ اهو ڏسڻ کان محروم آهن. تنهن ڪري حڪومت ڪي اهڙا قدم کڻي جو فلسطين جي تاريخي ۽ مذهبي هنڌن تائين پهچ ممڪن ٿي سگهي.

amirsoomro@hotmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو