Home / ڪور افيئر / ڇهن مهينن ۾ ٻه بجيٽون: معاشي بدحالي: قرضن جو ڳرو بُنڊ کڄي سگهندو؟
above article banner

ڇهن مهينن ۾ ٻه بجيٽون: معاشي بدحالي: قرضن جو ڳرو بُنڊ کڄي سگهندو؟

رزاق کٽي

Writer

تحريڪ انصاف جي حڪومت ڇهين مهيني ۾ داخل ٿيڻ واري آهي. اڌ سال جي مختصر عرصي ۾ هو ٻه ضمني بجيٽ ڏئي چڪي آهي. ن ليگ ويندي ويندي جنهن ڇهين بجيٽ کي پاس ڪرائي وئي هئي ان جو مقصد عام چونڊن ۾ سياسي حمايت حاصل ڪرڻ هو، ن ليگ ويندي ويندي جيڪو  ساليانو بجيٽ پاس ڪرائي وئي هئي اهو انتهائي نرم هو. تحريڪ انصاف ۽ پيپلزپارٽي انهن ڏينهن ۾ ان بجيٽ جي مخالفت ڪندي چيو هو ته جيڪا حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري رهي آهي، اها ايندڙ سال جي بجيٽ پيش ڪرڻ جي قانوني طور تي مجاز ناهي ، پر اڪثريت جي بنياد تي ن ليگ بجيٽ پاس ڪرائي ته جيئن هو عام چونڊن ۾ ان جو فائدو حاصل ڪري سگهي.

ن ليگ پنهنجي حڪومت ۾ جنهن انداز سان ملڪ جي مالي نظام کي عارضي بنيادن تي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ان جو نتيجو اهو نڪتو جو نگران حڪومت جي اچڻ ساڻ ملڪ جي مٽا سٽا جي ذخيرن ۾ لاٿ اچڻ شروع ٿي وئي هئي، نواز شريف جي حامي ڪاروباري طبقي، جنهن  نواز شريف جي نااهل ٿيڻ تائين ملڪي مارڪيٽ کي عارضي ٽيڪو ڏنو هو، ان جي هٿ ڪڍڻ ساڻ مارڪيٽ هيٺ اچڻ شروع ٿي وئي هئي، نتيجي ۾ ملڪ جي معاشي صورتحال مڪمل طور ڪمزور دفاعي پوزيشن ۾ هلي وئي.

P-01

تحريڪ انصاف جي جذباتي ۽ تڪڙي حڪومت اچڻ ساڻ جيڪو هٿ ورتو ان ويتر هِن لاءِ ئي مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا، پي ٽي آءِ  جيڪي واعدا ڪيا هئا انهن جي پورائي لاءِ اڳڀرائي ڪرڻ به وڏو چيلينج هو. مٿان سون تي سهاڳو اهو ٿيو جو وزيراعظم عمران خان پارٽي جي سنجيده اڳواڻن کي اڳڀرو ڪرڻ بدران اهڙن ماڻهن کي اڳڀرو ڪيو جيڪي وڌيڪ جذباتي ۽ وڌيڪ مسئلا پيدا ڪندڙ آهن. انهي سڄي معاملي جي پويان ڪهڙي حڪمت عملي هئي، ان باري ۾ ته رڳو عمران خان کي ئي خبر هوندي، باقي پارٽي جي اڳواڻن کان ان باري ۾ جڏهن به پڇيو ويو ته انهن هر ڀيري اڻڄاڻائي جو اظهار ڪيو آهي. نتيجي ۾ شفقت محمود، شيخ رشيد، مخدوم شاھ محمود قريشي ۽ اهڙن ٻين اڳواڻن حڪومت بدران رڳو پنهنجي وزارتن جو ئي دفاع ڪيو آهي.

پاڪستان ۾ مشرف کانپوءِ ٻه حڪومتون پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري چڪيون آهن، ۽ ٽين حڪومت ان طرف وڌي رهي آهي، هن حڪومت لاءِ به اڃا تائين اهڙو ڪوبه خوف ناهي ته هو ڪو پنهنجو مدو پورو نه ڪري سگهندي. پاڪستان ۾ جمهوري نظام جي اڳتي وڌڻ واري علامت  جيتوڻيڪ بهتري جي علامت آهي، پر ان جمهوري نظام جي واڳ ڌڻين  پنهنجي پاڻ کي اڃا تائين سگهارو ڪرڻ لاء ڪابه سنجيده ڪوشش  نه ڪئي آهي. پيپلزپارٽي پنهنجي دور ۾ رڪارڊ قانون سازي ڪئي،  ارڙهين آئيني ترميم جي نتيجي ۾ صوبا وفاق جي محتاجي مان به گهڻي قدر نڪري ويا. پيپلزپارٽي جي حڪومت جيئن آئي ته ان کي به وڏا معاشي چيلينج هئا، ڪڻڪ جي بحران هن لاءِ وڏا مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا، کيس عالمي مالياتي فنڊ ڏانهن به وڃڻو پيو. بهترين آئين سازي جي باوجود پيپلزپارٽي انتظامي طور تي جيڪو ڪردار ادا ڪيو نتيجي ۾ سندس  مخالف سياسي قوتن جي شديد تنقيد جو نشانو بڻجڻو پيو. پيپلزپارٽي جي وفاقي حڪومت مٿان شديد ڪرپشن جا الزام هئا، ساڳي صورتحال ن ليگ کي به درپيش رهي. 2013ع وارين عام چونڊن واري رات نواز شريف پنهنجي ڪاميابي جو اعلان ڪيو ته ٻئي ڏينهن ئي اسحاق ڊار ناڻي واري وزارت ۾ داخل ٿي ويوهو، ۽ هن جون ئي هدايتن تي عمل شروع ٿي ويو هو.  ن ليگ جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد پاڪستان کي ساڳئي معاشي بحران کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

P-02

گذريل ٻن حڪومتن دوران پاڪستان مٿان قرض گهٽجڻ بدران وڌي ويا آهن، معاشي طور تي ڪمزور ٿيڻ جي نتيجي ۾ پاڪستان جي پرڏيهي قرضن ۾ به زبردست اضافو ٿي ويو آهي. تحريڪ انصاف جي حڪومت اقتدار ۾ اچڻ بعد ٻه ضمني بجيٽون پيش ڪيون آهن. پهريئن بجيٽ ۾ ٽيڪسن ۾ اضافي سبب مهانگائي وڌي وئي، جڏهن ته ڊالر جي اگهه ۾ اضافي سبب صورتحال وڌيڪ بدتر ٿي وئي. هن وقت تحريڪ انصاف جي حڪومت کي زبردست قسم جا معاشي چيلينج آهن. پر هو سمجهي ٿي ته پني سني هو ملڪ جو گاڏو هلائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي. هن وقت تائين سعودي عرب مان 3 ارب ڊالر ملي ويا آهن، جڏهن ته يو اي ايِ مان به ايتري ئي رقم ملڻي آهي، چين مان قرض جي صورت ۾ رقم اچڻي آهي، ان بعد مناسب شرطن تي حڪومت آءِ ايم ايف وٽ ويندي. هو سمجهي ٿي ته ناڻي جا ذخيرا 20 ارب ڊالر تائين پهچڻ شرط معاشي صورتحال بهتر ٿي ويندي، ان دوران هن جي ڪوشش آهي ته هو ملڪ جي ايڪسپورٽ وڌائي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن کي بهتر ڪري وٺندي ۽ ٻن عرب ملڪن کي 6 ارب ڊالر واپس ڪري ڇڏيندي. ٻئي طرف  ملڪي ٽيڪسن جي گڏ ٿيڻ واري صورتحال انتهائي خراب آهي، گذريل ڇهن مهينن دوران ڏيڍ سئو ارب کان وڌيڪ رقم حدف کان گهٽ حاصل ٿي آهي. حڪومت جيڪو ٻيو ضمني بجيٽ پيش ڪيو آهي اصل ۾ اهو ايندڙ مالي سال جو آهي، پر ان جو مارڪيٽ مٿان سٺو اثر پيو آهي. امڪان آهي ته ڪاروباري سرگرمين ۾ ڪجهه اضافو ٿي ويندو.

هن وقت جيڪڏهن پارليمينٽ جي حوالي سان حڪومت جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺجي ته اسان کي خبر پوي ٿي ته ساڍن پنجن مهينن ۾ حڪومت اسٽينڊنگ ڪميٽيون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي.  قومي اسيمبلي اندر حڪومت هٿ وٺي پاڻ ڦڏو ڪرائي ٿي، جيئن صورتحال گرم رهي. ٻيو ڀيرو ضمني بجيٽ پيش ڪرڻ واري ڏينهن مخالف ڌر مناسب احتجاج ڪيو، پر ان ئي شام جو وزيراعظم جي صلاحڪار نعيم الحق بيان ڏنو ته شهباز شريف ۽ سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر رد ڪرڻ گهرجن ، هنن کي اسيمبلي نه پر جيل ۾ هجڻ گهرجي. ٻئي ڏينهن مراد سعيد قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيڻ شرط تقرير شروع ڪئي، جنهن ۾ هن ن ليگ ۽ پپيلزپارٽي جي قيادت مٿان زبردست حملا ڪيا، نتيجي ۾ وري گوڙ شروع ٿي ويو. ائين لڳي ٿو ته حڪومت پاڻ نان اشوز کي اشوز ٺاهي ٿي، شايد ان جو سبب ئي اهو آهي ته هيستائين هو جيڪي ڪوششون ڪري رهي آهي، ان جا جيستائين نتيجا اچن تيستائين هو پنهنجي حامي ووٽرن جي جذبات جي تسڪين جو سبب بڻبي رهي.

حڪومت جو رويو ٻڌائي ٿو ته اها مستقبل ۾ ڪابه اهڙي قانون سازي جي موڊ ۾ ناهي جنهن سان جمهوري نظام کي ڪو فائدو ٿئي، هو سولين بالادستي واري ڪنهن به عمل ۾ حصيدار ٿيڻ جي خواهشمند نظر نٿي اچي. اهو ئي سبب آهي ته اها مسلسل مخالف ڌر کي چٿڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي.

پاڪستان ۾ جمهوري نظام ان وقت بهتري طرف وڃي سگهي ٿو جڏهن سولين قوتون پاڻ ان باري ۾ سنجيده ٿين، نواز شريف پنهنجي دور ۾ ان سلسلي ۾ ڪابه ڪوشش نه ڪئي، هن ذاتي طور تي بالادست ٿيڻ جي خواهش رکي. پر جمهوري اداري کي طاقتور ڪرڻ جي ڪڏهن به ڪوشش نه ڪئي، جيڪي به وڏا پروجيڪٽ هئا، اهي هن ڪاميابي سان پورا ڪيا پر آئين سازي ۽ قانون سازي لاءِ هن ڪابه سنجيدا ڪوشش نه ڪئي، اهو ئي سبب هو جو جڏهن هن جي چئوگرد گهيرو تنگ ٿيو ته هو پاڻ کي نه بچائي سگهيو. نيب قانون جي حوالي سان جڏهن ان وقت جي سينيٽ چيئرمين ميان رضارباني نئين نيب قانون لاءِ تجويزون ڏنيون ته ان تي به سنجيدگي سان غور نه ڪيو ويو. نااهل ٿيڻ بعد نواز شريف جڏهن  “ ووٽ کي عزت ڏيو” واري نعري سان جي ٽي روڊ تان ٿيندو لاهور پهتو هو ته ملڪ جي رياستي ادارن اندر پريشاني هئي، پر پوءِ هن جي اوچتي خاموشي ن ليگ سميت ملڪ اندر موجود وڏي حلقي کي مايوس ڪري ڇڏيو، نواز شريف جي هن وقت خاموشي سبب ن ليگ اندر وڏي پريشاني آهي، ته ٻئي طرف حڪومت انهي خاموشي جو مڪمل فائدو وٺي نه رڳو مٿس زبردست تنقيد ڪري رهي آهي، پر ڪو ٻوٽو ٻارڻ کانسواءِ پنهنجي حمايت کي به برقرار رکندي پئي اچي.

P-03

 ڇهه مهينا گذرڻ باوجود حڪومت اڃا تائين پاڪستان هائوسنگ اسڪيم لاءِ ڪا قانون سازي به نه ڪري سگهي آهي، پنجن سالن لاءِ اعلانيل کربين رپين جي هن رٿا لاءِ رقم ڪٿان ايندي؟ ڪير قرض ڏيندو؟ زمين ڪنهن جي هوندي؟ ان جي قيمت ڪيتري هوندي ؟گهر جي رقم ڪيتري هوندي، انهن سوالن جي باري ۾ اڃا تائين ڪابه وضاحت نه ٿي سگهي آهي. پنجاھ لک نوڪريون ڏيڻ لاءِ جيڪو ماحول پيدا ٿيڻ گهرجي ان طرف به ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي. ڇهن مهينن کانپوءِ ظاهر آهي ته اها صورتحال نه هوندي، حڪومت جيئن جيئن اڳتي وڌندي ويندي ۽ هو ڪي نتيجا نٿي ڏئي ته ظاهر آهي ته اها حمايت قطعي برقرار نه رهي سگهندي، نتيجي ۾ مخالف ڌر جون پارٽيون آهستي آهستي پاڻ ۾ وڌيڪ ويجهيون اينديون وينديون، ۽ صورتحال ساڳي نه رهي سگهندي. تحريڪ انصاف جي حڪومت ان دوران سنڌ ۾ پيپلزپارٽي خلاف بي نتيجا  مهم هلائي ان کي فائدو پهچايو آهي. ارڙهين ترميم رول بيڪ رڳو هڪ ئي صورت ۾ ٿي سگهي ٿي، جڏهن ملڪ جون ٻه وڏيون پارٽيون ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي حڪومت جو ساٿ ڏين. جيڪو هن وقت تائين ته ممڪن نظر نٿو اچي. ان ڪري هيستائين جيڪو ڪجهه  تحريڪ انصاف بيان بازي جي صورت ۾ ڪيو آهي، ان جو کيس ڪوبه نتيجو نه ملي سگهيو آهي.

تحريڪ انصاف سمجهي ٿي ته نواز شريف جيل ۾ بيمار آهي، شهباز شريف جي طبيعت به ٺيڪ ناهي، آصف زرداري تي ايندڙ ڏينهن ۾ هو هٿ وجهڻ وڃي رهي آهي. هن جي نيت ڇا به هجي، پر ضروري ته ناهي ته جيڪو ڪجهه هو سمجهي ته ائين ئي ٿي وڃي.

چيف جسٽس ثاقب نثار جي رٽائرمينٽ کانپوءِ پاڪستان جي اعليٰ عدليه جي صورتحال هاڻي تبديل آهي، ملڪ جو نئون چيف جسٽس جسٽس آصف سعيد کوسه واضح اعلان ڪري چڪو آهي ته هو ڪنهن به ڊيم ٺاهڻ واري مهم جو حصو نه بڻبو، هن اچڻ ساڻ ئي سپريم ڪورٽ ۾ التوا هيٺ پيل فوجداري ڪيس اڪلائڻ شروع ڪيا آهن، هن جي روئي مان لڳي ٿو ته هو ڪنهن به ريت رٽائرڊ چيف جسٽس جي پوئواري نه ڪندو. ان ڪري پاڻمرادن نوٽيسن وارو دور به ويو هليو آهي، جنهن جو گهڻو تڻو نقصان تحريڪ انصاف کي ئي ٿيندو. اڳوڻي چيف جسٽس مٿان شديد تنقيد ٿي رهي آهي، ۽ هاڻي خود سينئر وڪيلن پاران اهي مطالبا سامهون اچي رهيا آهن ته پاڻمرداو نوٽيس وٺڻ وارو چيف جسٽس جي اختيار مٿان نه رڳو نظر ثاني ٿيڻ گهرجي پر پاڻ مرادي نوٽيس جي فيصلي خلاف اپيل جو حق به ملڻ گهرجي. اهڙا مطالبا اڳي قومي اسيمبلي ۽ سينٽ ۾ ٿيندا رهيا آهن، جن ڏينهن ۾ پيپلزپارٽي اهي مطالبا ڪندي هئي ته ن ليگ ان طرف ان ڪري ڌيان نه ڏيندي هئي ته سمجهندي هئي ته جيڪو ڪجهه پيپلزپارٽي سان ٿئي پيو اهو بهتر آهي، پر جڏهن ن ليگ سان به اهو ئي ڪجهه ٿيو، جيڪو پيپلزپارٽي سان ٿيو هو ته هو به هاڻي پيپلزپارٽي واري موقف سان سهمت نظر اچي ٿي. هاڻي جڏهن ٻه پارٽيون پاڻمرادن نوٽيسن جون ڏنگيل آهن ته تحريڪ انصاف جو اهو ئي موقف آهي جيڪو ماضي ۾ ن ليگ جو رهيو آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ مخالف ڌر پاران هڪ دفعو وري ملڪ جي پارليمينٽ ۾  اهو آواز اٿندو، ڇاڪاڻ ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار انتهائي بي رحمي سان توهين عدالت واري قانون کي پنهنجي جذبات جي تسڪين لاءِ استعمال ڪيو، هن تحريڪ انصاف جي ڊاڪٽر عامر لياقت جي توهين عدالت واري ڪيس ۾ ته معافي قبول ڪئي، پر دانيال عزيز يا ان قسم جي ٻين تحريڪ انصاف مخالف ماڻهن کي جيل موڪليو. اضافي عدالتي تحرڪ جي ڪري ملڪ جي ادارن اندر صورتحال وڌيڪ غير يقيني واري رهي. ۽ تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي مالڪي ڪندي رهي .

ان ڪري تحريڪ انصاف جي اڻسڌي طرح ٿيندڙ مدد وارو سپريم ڪورٽ جو اهو دروازو به في الحال بند ٿي ويو آهي. نئين چيف جسٽس جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته هو پنهنجي اداري جي بنيادي ڍانچي کي بهتر ڪرڻ چاهي ٿو، ايندڙ ڏينهن ۾ ان جو واضح اندازو ٿي ويندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو