Home / اسپيشل افيئر / ڌَرماراجِيڪا: ٽيڪسلا جِي قَديم يُونيُورسِٽي
above article banner

ڌَرماراجِيڪا: ٽيڪسلا جِي قَديم يُونيُورسِٽي

Abu Bakar Shaikhابو بڪر شيخ

گنڌارا تهذيب جي تاج ۾ ’ڌرماراجيڪا‘ جي حيثيت هڪ بي بَها ۽ چمڪندڙ هيري وانگر آهي…ٿورو تصور ڪريو ۽ اُن زماني جي تاريخ جا پنا اُٿلايو ته، هڪ طرف دُنيا ۾ جنگ جا نغارا ڪَنَ ڦاڙڻ واري آواز ۾ وڄندا ٻُڌڻ ۾ ايندا، روم ۾ جنگين جا ميدان مَتَل آهن، دجله جي ڪنارن تي رت وَهايو پيو وڃي، اناطوليه ۾ بغاوتن جو ڪارو ڪارُونڀار ڇانيل آهي ۽  ٻئي طرف چِين ۾ ’ڪن شي هوانگ‘ (Qun Shi Huang)  ملڪ ۾ رابطن کي وُسعت ڏيڻ لاءِ ٽِن قطارن وارا رستا ٺهرائي رهيو آهي ۽ گڏوگڏ رستي جي ٻنهي طرفن کان وَڻن جون قطارون پُڻ لڳائي رهيو آهي. يُوناني ماهر رياضيدان ۽ فلڪيات جو ماهر ’ڪينن‘ (Canon)پنهنجي چوٿين ڪتاب تي ڪم ڪري رهيو آهي. هي اُهو زمانو هو جڏهن اُتر اولهه جي ڪيترن يُونانين ٻُڌمت اختيار ڪري ورتو هو. اِن لاءِ ٻُڌ ڀڪشو ’ڌرماراجيڪا‘ جيڪو خُود هِڪ يُوناني هو، اَشوڪ اُن کي يوناني آبادين لاءِ ٽيڪسلا موڪليو.

’اشوڪا‘ ٻه دفعا ٽيڪسلا جو گورنر رهي چُڪو هو، هِن جڏهن پنهنجي پيءُ ’بندوسار‘ کانپوءِ حڪُومت سنڀالي ته پيءُ ۽ ڏاڏي جي جنگي جنُون هن کان به سُک، شانتي ۽ سُڪون ڦُري ورتو هو، اِن ڪري جو هن جي رت ۾  به جنگ جو جنُون ڀريل هو.. مُلڪ جون سرحدون وڌائڻ، اِها بيماري هر بادشاه جي سرشت ۾ ڪنهن ٻج وانگر ڦُٽي نڪرندي آهي. تخت ۽ تاج اِهائي ميراث شهزادن جي رت ۾ اوتي ڇڏي ٿو. هِن ’ڪَلنگا‘ تي حملو ڪيو ۽ انساني وَهندڙ رت ۾ هِن پنهنجي ڪاميابيءَ جا ٻِجَ پوکيا… لکين ماڻهن جي بيوَس ۽ بي نُور اکين، اشوڪ کان هِن جو سُڪون ڦُري ورتو. چون ٿا بيوسيءَ جو قَهر هن ڪائنات جو سڀ کان ڏُکيو ۽ خطرناڪ قهر آهي. پنهنجي وڃايل سُڪون کي واپس آڻڻ لاءِ هن پنهنجو سڄو ڌيان ۽ طاقت انسانن جي ڀلائيءَ ڪرڻ تي لڳائي ڇڏي ۽ ’ ٻُڌمت‘ ۾ هن کي پنهنجو وڃايل سُڪون جي ڇانوَ نظر آئي. ’ڌرماراجيڪا‘ ٽيڪسيلا ۾ پهرين ٻُڌ خانقاه هُئي جيڪا اَشوڪ جوڙائي هئي. اَشوڪ پنهنجي سلطنت ۾ اَٺن ماڳن تي اهڙا اسٽوپا جوڙايا جنهن ۾ گوتم ٻُڌ جون تبرڪاتون محفوظ ڪيُون ويوُن، ٽيڪسلا جو هي اسٽوپا انهن مان هڪ هو.

P-01

سبط حُسين لکي ٿو:”اَشوڪ اعظم کان ڪڻشڪ تائين سنڌو گهاٽيءَ جي تهذيب ٻُڌ مت جي اثر هيٺ وڌي ۽ ويِجهي، اِن لاءِ اِنهيءَ دور جي فَني تخليقن جي مُحرڪ به اُها گَهري عقيدت هُئي جيڪا هر طبقي جي ماڻهن کي گوتم ٻُڌ جي ذات ۽ اُن جي پَرچار سان هُئي. هي اُهو زمانو هو جڏهن ’ڀڪشو‘ به عام ماڻهن وانگر اِنتهائي سادي زندگي گُذاريندا هُئا. هو ڳوٺ ڳوٺ تبليغ لاءِ سفر ڪندا رهندا هُئا، بُک جي صورت ۾ پِني مليل خوراڪ مان پنهنجو پيٽ ڀريندا هُئا ۽ رات ٿيندي هُئي ته ڪنهن باغ يا وڻ هيٺ سُمهي پوندا هُئا..“

ٻُڌمت جو باني گوتم سڌارٿ، ’داريوش‘ جو همعصر هو، هو ساڪيه قوم جي سربراه ’سڌُورن‘ جو اَڪيلو پُٽ هو، سَڌورن جي راڄڌاني ’ڪَپل وسطو‘ جي اُترين سرحد تي هُئي، هيءَ هڪ ننڍڙي رياست هُئي ۽ اِتي جا ماڻهو آريا نه هُئا. اوڻٽيهه سالن جي عُمر ۾ سڌارٿ پنهنجو راج محل ڇڏيو. پهرين هن رشي ’الاراڪلاما‘ وٽ ’اُپنشڌ‘ جا سبق ورتا پر اُپنشڌ هن جي مَن کي شانتي نه ڏيئي سگهيا، هڪ اڻڄاتل جُستجُو ۾، جهَر جهنگ گهُمندو هڪ ڏينهن ’’گيا‘‘ شهر جي ويجهو ڳوٺ جي هڪ عورت ’شوجا‘ هن کي بُک جي حالت ۾ چانورن جي کِيرڻي ڏني، کِيرڻي کائي گوتم پِپر جي هڪ وڻ هيٺان گيان ڌيان ڪرڻ ويهي رهيو. محويت جي اِنهيءَ عالم ۾ هن کي پهريون ڀيرو معرفت جا اُهڃاڻ مليا ۽ هو ٻُڌ (عارف) بنيو. گوتم پهريون واعظ بنارس ويجهو ’سارناٿ‘ جي هڪ باغ ۾ ڪيو. هُو جتي به ويندو هو، غريب ۽ هيٺين ذات وارا هن جا مُريد ٿي ويندا هُئا. گوتم اَسي سالن تائين حياتي ماڻي ۽ ’ڪشي نگر‘ ۾ پنهنجي حياتي جا آخري ساه اِتي پورا ڪيائين.

توهان ٽيڪسلا ميوزيم کان ٿورو ڏکڻ اوڀر طرف هلي پوءِ سُڌو اوڀر طرف ويندڙ رستي تي هلي پوندا ته اڍائي ٽن ڪلوميٽرن کانپوءِ توهانکي بيهڻو پوندو، اِتي بيهي اُتر طرف وارين جابلو ٽڪرين کي توهان ڏسو ٿا، جيئن ته ڪاڙهو تيز آهي اِن لاءِ اکين مٿان ڇانوَ ڪرڻ لاءِ اوهين هٿ جو ڇپرو ٺاهي، هٿ نرڙ تي رکي انهيءَ طرف ٽڪريءَ کي غور سان ڏسو ٿا ۽ اُتي مٿي ’ڌرماراجيڪا‘ آهي. اوهان اُتي پهچڻ لاءِ هَلڻ شروع ڪريو ٿا، ٿورو هلڻ کانپوءِ جڏهن ساون وڻن جي وچ مان پاڻيءَ جو نالو پار ڪري، چاڙهيُون چڙهي مَٿي پهچو ٿا ته سامهون اوهانکي پِپِر جا گهاٽا وڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿا…

آئون جڏهن اُتي پهتس ته اُن پِپِر جي گهاٽي ۽ ٿڌي ڇانوَ ڏيندڙ وڻ هيٺ ننڍن پايَن واري کَٽ پيل هُئي جنهن تي ٻه ماڻهو ويٺل هُئا، آءٌ جڏهن اِنهن وٽ پهتس ته ٽيون ماڻهو به هو جيڪو دُونهن ڏيندڙ ڪاٺين تي شام جي چانهه ٺاهي رهيو هو..آءٌ مئي جي تتل ڪاڙهي واري ڏينهن ۾ پگهر ٽِمائيندو انهيءَ پهاڙيءَ تي پهتو هوس ان لاءِ پپر جي گهاٽي ٿڌي ڇانوَ مونکي سُٺي لڳي ۽ جنهن پيار ۽ محبت سان مونکي چانهه پياري ويئي هُئي اُها به مونکي سُٺي لڳي. چانهه پيئڻ کانپوءِ مُون اوڀر طرف ڏٺو، هڪ وسيع ۽ وشال اسٽوپا ۽ خانقاه جا آثار هُئا جيڪي ماٺ جي چادر اوڍي صدين کان اتي ليٽيا پِيا آهن. پهرين نظر ۾ اوهانکي اِئين لڳي ٿو ڄڻ  وقت اِن کان اِنهن جي زبان ۽ رنگ ڦُري ورتا آهن…پر جيئن اوهان اِنهن جي ويجهو وڃي اِنهن جا حال پُڇڻ لاءِ اِنهن کي جاڳايو ٿا ته اُهي ڄڻ اَکيون مَهٽي اُٿي ويهن  ٿا ، اِهو اَوهان تي ڇڏيل آهي ته، اَوهين ڪهڙي طريقي سان ڳالهين جو سلسلو شروع ٿا ڪريو…!

P-02

ٽيڪسلا پنهنجي عِلم ڏيڻ جي روايت کي صدين تائين برقرار رکيو ۽ اِهو سڀ شايد اِنهيءَ لاءِ ممڪن ٿي سگهيو ته، هتي جو معاشرو اِنتهائي محفوظ معاشرو هو، ماڻهو اَمن پسند ۽ صلح صفائي وارا هُئا، ڦُرلُٽ ۽ خُون  خرابو ڪرڻ هنن جي طبيعت ۾ نه هو، هي نه فوجي لشڪر رکندا هُئا ۽ نه ڪنهن ٻئي مُلڪ تي حملو ڪندا هُئا. اِنهيءَ پُر سُڪون آسمان هيٺ علم ۽ فلسفي جي اُپچ وارن ڪارونڀارن مان علم اوهيڙا ڪري وسندو هو، جيڪڏهن اِئين نه هُجي ها ته برصغير ۾ هي ماڳ شايد علم ۽ ادب جو ناليوارو ماڳ نه سَڏجي ها.

راجا پُشڪر شڪتي (565 ق.م) جي زماني ۾، هتي جي درسگاهن ۾، ٽن ويدن ۽ ارڙهن عِلمن جا سبق پڙهايا ويندا هُئا. ’اُپنشڌن‘ ۾ اِنهن علمن جي جيڪا نالن جي فهرست ڏني ويئي آهي، اُنهن مان خبر پوي ٿي ته هتي: تاريخ، ويدن جو گرامر، عروض، منطق، اخلاقيات، انگ، زائچن جو علم، جوتش، قُرباني جا اُصول، مستقبل بيني، جنگ ڪرڻ جو علم، زهريات، عطر ڪشيد ڪرڻ، رقص، موسيقي ۽ راندين جي تعليم ڏني ويندي هئي. اُپنشدن ۾ ٽيڪسلا جي تعليمي معيار کي گهڻو ساراهيو ويو آهي ۽ لکيو آهي ته: هتي ’پاڻني‘ ۽ ’پتنجلي‘ جهڙا گياني پنڊت تعليم جا درس ڏين ٿا.

پَگهر سُڪي ويو هو پر چانهه جي شيريني اڃا تائين زبان تي هُئي، آئون هن عظيم درسگاه ’ڌرماراجيڪا‘ جي خاموش ۽ پُر وقار آثارن کي ڏسڻ لاءِ کٽ تان اُٿيس..رڪارڊ اسانکي ٻُڌائي ٿو ته، 1794ء ۾ بنارس جي راجا ’چيٽ سنگهه‘ جي وزير ’جڳت سنگهه‘ ڪجهه ڳولهڻ لاءِ هنن آثارن جي کوٽائي ڪرائي، اِنهيءَ کوٽائي جي نتيجي ۾ هن کي سنگمرمر جي ٺهيل هڪ سائي رنگ جي ننڍڙي پيتي مِلي جنهن ۾ ٻُڌ جون تبرڪات پيل هُيون، اِنهيءَ صندوقچي کي گنگا جي وهڪري حوالي ڪيو ويو هو، اُها صندوق اڄ به ڪلڪتي ميوزيم ۾ محفوظ آهي.

کوٽائي مان اهو به، ظاهر ٿئي ٿو ته، شروع ۾ هي هڪ ننڍو اسٽوپا اندازاََ 13.49  ميٽرن تي جُڙيل هو، پوءِ انهيءَ اسٽوپا کي ڇهن مُختلف مرحلن ۾ وڌايو ويو ۽ هن جي اوچائي وڌائي ويئي، يادگار مُورتين سان سينگاريل رستو  جوڙيو ويو، جنهن کي بعد ۾  Medhi (اسٽوپا جي چوطرف گولائي ۾ ڏنل هڪ ننڍي ديوار) جي شڪل ڏني ويئي ۽ چئن طرفن کان اسٽوپا تائين پهچڻ لاءِ عُمده چاڙهيون ٺاهُيون ويون، اُهي چاڙهيون هاڻي خسته ئي سهي پر صديون گُذرڻ کانپوءِ به موجود ضرُور آهن.

مُون سامهون ڏٺو، ’هٿيال‘ ٽَڪرين جو سلسلو هو جيڪو موهڙامُرادو تائين هليو ٿي ويو، مئي جو مهينو هو ان لاءِ جبل تي گاه سُڪل ۽ هئڊسرو ۽ ٽَڪرين جو رنگ ڦِڪو مٽيءَ جهڙو هو. هڪ خاموشي آهي جيڪا هنن آثارن جي جڙن ۾ وَسي ٿي، خاص ڪري اِهو احساس تڏهن گَهَرو ٿي وڃي ٿو جڏهن توهان سوچيو ٿا ته، ڪيتريون صديُون ( ٽي صدي قبل مسيح کان پنجين صدي عيسوي تائين) طالبعلمن جي عِلم جي اُڃ کي هتي جا معلم اُجهائيندا رهيا ۽ ايندڙ وقت ۽ زندگيءَ لاءِ نوان رستا اُڻندا رهيا..’اُپنشڌ‘ ۽ ’ڀڳوت گيتا‘ مان ڪجهه عالمن اِهو نتيجو ڪڍيو ته: باهه، پاڻي، مٽي ۽ هوا جا عنصر، آواگون  ۽ يوناني فلسفين (ٿاليس، انيڪسمانڊر، ايمپوڊا ڪليس ۽ فيثا غورث)  پنهنجا نظريا، ٽيڪسلا جي پنڊتن کان متاثر ٿي جوڙيا…يُونان ۽ ٽيڪسلا ۾ رابطي جو بنياد اِهو هو ته، پنجين صدي قبل مسيح ۾ ٻيئي مُلڪ ايراني سلطنت ۾ شامل هُئا.

محترم مالڪ اشتر لکي ٿو:”ٻُڌ ڀِڪشُو ۽ علم حاصل ڪندڙ شهر جي گوڙ کان پري رهڻ جا عادي هُئا، انهيءَ سبب جي ڪري، ’سرڪپ‘ ڏکڻ اُڀرندي ۾ ۽ ٽَڪرين وچ ۾ ’ڌرماراجيڪا‘ جي درسگاه هُئي، جنهن ۾ ڏُور ڏيهن کان آيل شاگرد علم حاصل ڪندا هُئا، پُرسڪون ۽ اَمن واري ماحول ۾، ٻُڌ ڀِڪشوئن جي هن يونيورسٽي جو شُمار برصغير جي قديم ترين اسٽوپا ۾ ٿئي ٿو..“

وقت جو وَهڪرو، اسانجي زندگيءَ جي ڏينهن کي ته چُونڊي وٺندو آهي پر علم ۽ تحقيق جي زمين کي زرخيز بنائيندو رهندو آهي، جيئن جيئن وقت گُذري ٿو، زندگيءَ مُتعلق ٺهيل فلسفن ۾ ٺهڻ ڊَهڻ جو عمل جاري و ساري هُجي ٿو، پوءِ اِهو وقت جو ڪم آهي ته هُو پنهنجي حيات جي اڱڻ ۾، فلسفن جي ڪهڙن ڪهڙن ٻِجن کي پوکي ٿو، ڪهڙن فلسفن کي پنهنجو سَمجهي اُن جي آبياري ڪري ٿو ۽ ڪهڙن فلسفن کي سُڪڻ لاءِ ڇڏي ٿو ڏئي، جيستائين هن جيون جو ڪاروان سفر ۾ آهي تيستائين جي ڊهڻ ٺَهڻ جو عمل جاري و ساري رهندو.

ٻُڌمت، جنهن غريبن ۽ ننڍي ذات جي ڪچن اڱڻن ۾ جنم ورتو هو، اُهو جڏهن بادشاهن جي محلن تائين پَهتو ته تبديلي هڪ فطري عمل هو…سبط حُسين لکي ٿو:”شاهي اسٽوپائن جي سار سنڀال لاءِ ڀِڪشو مُقرر ٿيا، اِنهن جي رهڻ لاءِ ’وِهار‘ جوڙيا ويا ۽ اوسي پاسي جي زمين اِنهن جي گُذرسفر لاءِ مخصوص ڪئي ويئي، ياتِرين جي اَچ وَڃ شروع ٿي ته ڀڪشوئن ياترا جا ضابطا ۽ رسمن جي ادائگي جا قائدا لاڳو ڪيا، ٻُڌ ۽ اُن جي چيلن جُون مُورتيون ٺهڻ لڳيُون، سُکائن جي نذرانن جا ڍير لڳي ويا. اوسي پاسي ۾ رسمن ۾ استعمال ٿيندڙ شين جُون بازارون کُلي ويون. وِهار شروع ۾ کُليل حُجرا هُوندا هُئا پَر جڏهن ڏوڪڙن جي گهڻائي ٿي ته، حُجرن کي دروازا لڳا ۽ وِهارن جي چوطرف چوديوارُون اچي ويُون…“

P-03

اشوڪ کانپوءِ 460ع تائين ’ڌرماراجيڪا‘ باخترين، ساڪائن، پارٿين ۽ ڪُشنن جُون حُڪومتون ڏٺيون، اِنهن سڀني حُڪومتن جو رَويو ٻُڌمت لاءِ احترام وارو رهيو، جنهن جي ڪري هيءَ درسگاه ڏيهان ڏيهه مشهُور ٿي…460ء ۾  ’حُنن‘ جي وحشت سڀ ڪُجهه بَرباد ڪري ڇڏيو…۽ اِنهي بربادي ۽ وحشت جُون سُڪل فصلُون اڃا تائين ڌرماراجيڪا ۾ ڦُٽن ٿيون.

آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ جي گائيڊ جنهن پهرين چانهه پِياري ۽ هاڻي موُنکي عبادت جي ڪمرن، اسٽوپا ۾ پوشيده رازن، پاڻيءَ جي تلاءَ، اَٽي پِيهڻ جي جاءِ، وِهارن، ٻُڌ جي مِٽيءَ مان ٺهيل مُجسمن متعلق دلچسپيءَ سان احوال ٻُڌائي رهيو هو، وِچ وِچ ۾، پنهنجي زندگيءَ جا ڏُک سُور به سِليندو رهيو، اِنهن آثارن مُتعلق لوڪ ڪهاڻيُون به هُيون جن جو ذڪر گڏوگڏ هَلندو رَهيو. مُون سائيٽ مُڪمل ڪَئي ۽ واپس اچي اُن کٽ تي ويٺس…پاڻي پِيتم ۽ موڪلائڻ لاءِ آئون اِتي جي عملي سان ڀاڪر پائي مليس، دلدار ماڻهو هُئا. هن وقت جڏهن آئُون هي لفظ تحرير ڪري رهيو آهيان ته پاڻ کي ڌرماراجيڪا ۾ محسُوس ڪريان ٿو…تتل ڪاڙهي ۾ پِپِر جي گهاٽي ڇانو هيٺ کٽ تي ويٺو آهيان…چانهه جو مِٺاڻ زبان تي ۽ اِنهن جو ڏنل پيار ۽ مُحبت جي چاشني مُنهنجي ذهن ۾ مِٺاڻ ۽ پيار جُون قَلمُون جوڙي ٿي…

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو