Home / ڪتاب / ڏکڻ ايشيا ۾ امڪاني نيوڪليئر تباهيءَ جو منظرنامو
above article banner

ڏکڻ ايشيا ۾ امڪاني نيوڪليئر تباهيءَ جو منظرنامو

 نعمت مڱڻيجو

”ڀاڳ ڀري“ هالينڊ ۾ رهندڙ ليکڪ صفدر زيديP-01ءَ جو اردوءَ ۾ لکيل ٻيو ناول آهي. هن کان اڳ هن هالينڊ جي بيٺڪي تاريخ جي پس منظر ۾ پراڻي هندستان مان لاطيني آمريڪا جي ملڪ سرينام منتقل ڪيل ماڻهن بابت ناول لکيو هو جنهن جو عنوان هو ”چيني جو ميٺي نه ٿي“ (”کنڊ جيڪا مٺي ڪانه هئي.“)

هي ناول ڇاپڻ کان ڪجهه پبلشنگ ادارا نٽائي رهيا هئا جو ان ۾ اهڙن اهڙن معاملن تي سوال اٿاريا ويا آهن جيڪي پڇڻ يا ڇاپڻ لاءِ دل گردو کپي. ناول ۾ مذهبي انتها پسندي، ڊڪٽيٽرشپ ۽ علاقائي امن ڏانهن غير ذميوار اڻ چونڊيل طاقتن جو جنگي جنون اهڙا معاملا آهن جن جي ڪهاڻي گڏ گڏ هلي رهي هجي ٿي پر بنيادي طور ناول نگار جنرل ضياءُ وانگر ئي ڪنهن ڊڪٽيٽر پاران ايٽمي جنگ ڇيڙڻ سبب ننڍي کنڊ جي ملڪن جي دنيا جي نقشي تان ميسارجي وڃڻ جي خطرناڪ امڪان جي ڪهاڻي لکي آهي.

ناول ۾ اڳڪٿي ڪيل آهي ته مٿي ڄاڻايل تباهه ڪارياڳ يا پوءِ حقيقت جي دنيا ۾ ننڍي کنڊ جو مقدر بڻجي سگهي ٿي ۽ جي  نه ته به اهڙي خوف جي تلوار لڙڪيل رهڻي آهي. خدا نه ڪري سڀاڻي جيڪڏهن اهو سڀڪجهه واقعي به ٿئي ٿو ته اهو ليکڪ جي مستقبل ۾ ڏسي سگهڻ جي صلاحيت (Vision) جو ڪمال هوندو. ٽن حصن ۾ ورهايل هن ناول جي پهرئين حصي جي شروعات مستقبل ۾ ايندڙ وقتکان ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته نيوڪليئر بم جي حملي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ تباهيءَ کان پوءِ برطانيه محبت جي علامت تاج محل کي هندستان مان کڻي اچي لنڊن ۾ ٽيمز نديءَ جي ڪناري رکيو آهي.

اڳتي ڪهاڻي فليش بيڪ سان ضياءُ دور جي 1980ع واري ڏهاڪي ڏانهن وڃي ٿي. راڄڻ پور لڳ هڪ وڏيري حيدر شاهه جي قرض ۾ ڪاري ٿيل ۽ بيگاري بڻايل دراوڙي نسل جي هڪ باگڙي ڪٽنب جي جهوپڙيءَ ۾ ”ڀاڳ ڀري“ نالي هڪ ڇوڪري جنم وٺي ٿي. جوان ٿيڻ تي ڀاڳ ڀريحيدر شاهه جي ڀاءُ جعفر شاهه جي جنسي حوس جو نشانو بڻجي ڳورهاري ٿي پوي ٿي ۽ اڳتي هلي سانوڻ جي وسندڙ برساتين ۾ هڪ پٽ کي جنم ڏئي ٿي. موسم جي مناسبت سان هو ان جو نالو سانوڻ رکي ٿي. جيتوڻيڪ ناول جو هيرو اهو سانوڻ آهي پر ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار ڀاڳ ڀري ئي آهي جيڪا ٻهراڙيءَ جي مخصوص صوفياڻي ڏاهپ ”يار مليو ڪک پن ۾ الا“ جي رنگ ۾ رچيل آهي ۽ انسانن، پکين، جانورن ۽ ٻوٽن سميت هر جيو ۽ ويندي پنهنجي دشمنن سان به رحم ۽ پيار سان پيش اچي ٿي.

سانوڻ جڏهن جوان ٿئي ٿو ته وڏيري جي ظلم ۽ بک بدحاليءَ کان تنگ ٿي جهادي محاذن ڏانهن مجاهدن جون کيپون اماڻيندڙ قاري سفيان جي ور چڙهي وڃي ٿو جيڪو هن کي مسلمان ڪري پنهنجو زباني پٽ بڻائي سندس نالو خالد سفياني رکي ٿو. انتهاپسنديءَ واري تربيت ۽ ڪافر هندستان تي اسلامي خلافت جو جهنڊو هڻڻ واري برين واشنگ سان خالد کي جهاد لاءِ تيار ڪيو وڃي ٿو ۽ هو افغانستان، ڪشمير ۽ هندستان ۾ سوين ماڻهو ماري وڏو نالي وارو ڪمانڊر بڻجي وڃي ٿو. هو گلگت بلتستان، ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ به هڪ مسلڪ جا سوين ماڻهو قتل ڪري ٿو. هو رت وهائڻ جو اهڙو عادي بڻجي وڃي ٿو جو جنهن ڏينهن هو ڪو ماڻهو نه ماري سگهي ته هن کي  آرام ئي نٿو اچي. ايتري قدر جو ڪڏهن ڪڏهن خنجر سان پاڻ کي جهير ڏيئي پنهنجي ئي وهندڙ خون کي ڏسڻ سان کيس سڪون ملي ٿو.

ناول ۾ ڪيترائي اهم سياسي واقعا ڊاڪيومينٽ ڪيا ويا آهن جن ۾ پاڙيسري ملڪ جو جهاز اغوا ڪري هڪ ٻئي پاڙيسري ملڪ پهچائڻ، دشمن ملڪ جي جيل ۾ قيد هڪ وڏي جهادي ليڊر کي ڇڏرائڻ، ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ مختلف مسلڪن ۽ قوميتن جا ماڻهو مارجڻ شامل آهن. ڪهاڻيءَ موجب پاڙيسري ملڪ ۾ يوم ريپبلڪ تي اتان جي گاديءَ واري شهر ۾ ڌماڪا ٿين ٿا جنهن کان پوءِ ڇڪتاڻ وڌي وڃي ٿي ۽ ٻئي ملڪ هڪٻئي تي نيوڪليئر حملو ڪري ٿا ڇڏين. پر آمريڪا جو ميزائيل ڊفينس سسٽم نيوڪليئر ميزائلن جا رخ تبديل ڪري انهن کي ڪيلاش واديءَ جي گليشيئرز ڏانهن موڙي ٿو ڇڏي. نيوڪليئر ڌماڪن سان گليشيئر پگهرجن ٿا جنهن کان پوءِ هڪ انتهائي بدترين ٻوڏ سبب انساني آبادين کي لڱ ڪانڊاريندڙ نموني نيست ۽ نابود ٿيندي ڏيکاريو ويو آهي. اها هڪ اهڙي صورتحال آهي جنهن جو گمان ۽ تصور به ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ زور وٺندڙ مذهبي انتها پسند گروهن کي ناهي.

نيوڪليئر حملي کان پوءِ ماحولياتي تباهه ڪارين جو منظر ڏيکاريو ويو آهي. بک انسانن کان مذهب ۽ انسانيت وسارائي ٿي ڇڏي ۽ ماڻهو ماڻهوءَ جو ماس پٽي کائي ٿو. اهڙي حالت ۾ اڳوڻا جهادي ڪمانڊر امير ماڻهن کان سون ۽ مال ڦري غارن ۾ ذخيرو ڪري رهيا هجن ٿا.ٻئي طرف ملڪ جا مالڪ ۽ وڏا ماڻهو مرندڙ عوام کي ڇڏي ماٺ ميٺ ۾ ملڪ مان فرار ٿين ٿا. ان صورتحال ۾ ٻاهران نيوڪليئر ٽيڪنالاجي چوري ڪري کڻي ايندڙ سائنسدان پڇتاءُ مان پنهنجي لوندڙيءَ تي پستول رکي فائر خودڪشي ڪري ٿو ڇڏي.

انتها پسند خالد سفياني به پڇتاءُ جي سيلاب ۾ لڙهڻ لڳي ٿو. هو جهادي ڪيريئر تان هٿ کڻي پنهنجي ماءُ جي نظرئي ۽ ماءُ جي رکيل نالي سانوڻ ڏانهن موٽ کائي ٿو. پر تيستائين گهڻي دير ٿي چڪي هوندي آهي، خالد سفياني تابڪاري اثرن جو شڪار ٿي نڪ ۽ وات مان رت ڳاڙيندو موت جي منهن ۾ هليو وڃي ٿو. اهڙي ريت سانوڻ نالي جو ڪردار ناول جي آخري اداس جملي وانگيان پورو ٿي وڃي ٿو: ”سرزمين هند کان سانوڻ هميشه لاءِ رسي ويو آهي.“

هي ناول هڪ ئي وقت اسڪرين تي هلندڙ ڪنهن ٿِرلر موويءَ جو به مزو ڏئي ٿو ته ناول جو به. ڪجهه ڊائلاگز هن ريت آهن:

”اسان مسڪينن کي خدا جيترو گهٽ ڏئي ٿو، اسان کي بک وري اوتري ئي وڌيڪ لڳي ٿي.“ ”بک ۽ ماءُ ۾ الائجي ته ڪهڙو رشتو آهي جو بک جي شدت ۾ هن کي هميشه ماءُ ئي ياد ايندي آهي.“ ”ڏوهي ته رڳو ٽريگر دٻائڻ وارو ڪارندو آهي. ان جي پٺيان ٻيا دماغ آهن جيڪي اصل قاتل آهن.“ ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو غريب به آهي ۽ ذهني طور سادو به، ته ان جي دماغ کي انتهاپسنديءَ ڏانهن ڦيرڻ صفا سولو ڪم هوندو آهي.“ ”پٽ، اسان فقيرن جو ڇا آهي؟ جنهن جي نالي تي وڌيڪ خيرات ملندي آهي ان جي نالي ئي گهرندا آهيون.“ ”بکيو ماڻهو ڪنن سان نه، پيٽ سان ٻڌندو آهي.“ ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ هن جواب ۾ چيو:”ڀاڳ ڀري.“ ”ڇا ته فضول قسم جو نالو آهي. ڪفر جي بوءِ ٿي اچي ان مان.“

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو