Home / اسپيشل افيئر / کارن جا ڪاريگر، جن کي ماني ڳڀو به ڏکيو ملي ٿو!
above article banner

کارن جا ڪاريگر، جن کي ماني ڳڀو به ڏکيو ملي ٿو!

شمس مڱريو

Shams Mughiroاڳي هو پاڻ ڪچي ۾ لهي ويندو هو ۽ راتين جون راتيون درياءَ جي وچ ۾ رهي لنڊيون لتاڙي لَيُون  وڍيندو هو ۽ پنهنجي مطلب جون سنهيون ڪامون ڇانگي ڇلي صاف ڪري انهن جون موُڙيون يا گڏا سَرن جي نوڙين سان ٻڌي ۽ پوءِ بتيلن تي لئي جي سڌين ۽ سنهين ڪاٺين جا گَڏا سٿي ورندو هو. تڏهن به درياءُ جي بند تي  ڪکائين جھڳين منجهه سڄو قبيلو ليَن جي سنهڙين ڪامُن کي موڙي کارا ٺاهيندو هو ۽ اڄ به جڏهن  ڪريم بخش ڀَٽي جي گوڏن ۾ مِک ناهي بچي ۽ جھُڳي جي مُهڙ ۾ ڇِڳل جھول ٿيل مَنجي تي ويهي هو سُڪل  درياءُ جي پيٽ تي اڏامندڙ سندس وارن جهڙي اڇي چمڪندڙ واريءَ ڏانهن ڏسي ٿو جتان هاڻي سندس پوٽا بتيلن بدران مَٿي تي ليَن جون ڀريون کڻي ٿا اچن ۽ سندس پوٽيون، ڏوهٽا، ڀاڻيجيون ۽ ڀائيٽا سنهڙين  ڪامن کي موڙي کارا ٺاهين ٿا. پراڻن هالن جي اولهندي ڇيهه درياهه جي ڪپ تي پَڪن گھرن ۽ اسڪول جي ڪوٽ جي اوٽ ۾ اڏيل پراڻي تنبوءَ جي ڪپڙي سان ڍڪيل جھُڳين اڳيان ڦاٽل ڪپڙن وارن ميرڙين ماين توڙي مردن جي مصروفيت ڏسڻ وٽان آهي. اهي سنهڙين تڙين کي اهڙو تڪڙو پيا اٿلائن جهڙو هڪ ٻئي سان مقابلي ۾ هجن ۽ وڏي آواز سان هڪ جھڳي ۾ پراڻا لتا ۽ رفيق جا ڪلام انهي ڪري وڏي آواز پيا وڄن جو ڪنهن جو ڌيان هيڏانهن هوڏانهن نه ٿئي، ٻارڙا به کارن جا ترا ٻڌڻ ۾ رڌل آهن جن کي “چوٿو” چون  ۽ وڏا مايون توڙي مرد انهن “چوٿو” ٻڌل کاري کي اُڻي وڃي “مُهڙ” تائين پڄائن، کاري جو آخري ڇيڙو جتي ٿلهي وٽ  ٻڌبي آهي ان کي “مهڙ” چوندا آهن.

P-01

نوجوان وسيم لئي جي ٿلهين ۽ ٽن ڏينهن کان دُٻي ۾ پُسايل ڪاٺين کي ٻنهي آڱوٺن سان چيريندي چيو ته،“کارن جي به مند هوندي آهي هڪڙي سيارو جڏهن ٻير ۽ زيتون جي پٽائي ٿئي ۽ ٻي اونهارو جڏهن انب ۽ ڦاروا چونڊجن ايئن ئي ڄمون ۽ کجي لاءِ به کارن جا آرڊر ملندا آهن ۽ باقي ٻين ڏينهَن ۾ کارن جو وڪرو گھٽ ٿيندو آهي ان ڪري ٿوري پيماني تي گھرو استعمال وارا کارا ٺاهيندا آهيون.” پنهنجن پلاٽن کان محروم دبگر جيڪي درياءُ جي ٻنهي پاسن کان آمري پل کان ڪوٽڙي ۽ ويندي ٺٽي تائين جڏهن ته اڀرندي پاسي پنجاب کان سکر، قاضي احمد کان هالا، سيکاٽ، مٽياري ۽ حيدرآباد واري پاسي وڏي تعداد ۾ نسلن کان جھڳيون اڏي ويٺل آهن تن کي درياءُ جي سڪڻ جو ڏک به ڏاڍو آهي ته درياءُ اندر قبضا ڪري ٻنيون پوکي ويٺلن کان به شڪايتون آهن جيڪي درياءُ بادشاهه جي ايراضي مان ليُون وڍڻ به نٿا ڏين ۽ اتي تنگ ڪندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته بند تان به حددخلين جي نالي ۾ جھڳيون پٽيون ٿيون وڃن.

کارا مختلف ماپ ۽ قسمن جا ٺاهيا ويندا آهن ۽ انهن جا مختلف نالا پڻ آهن مثال طور چڪيئرو،ڏهيئرو، کجيئرو،اڌمڻي ، ڇٻو ۽ ڏلهو وغيره جيڪي مختلف شين ۽ ميون جي مارڪيٽ تائين رسائي لاءِ استعمال ۾ ايندا آهن. اڳي جڏهن درياءُ شاه ڀريو وهندو هو تڏهن مڇي ۽ بيھ لاءِ اهي کارا سٺي ملھ هٿوهٿ کپندا هئا، جڏهن ته هاڻي انهن کارن جو وڌيڪ استعمال فروٽ ۽ ڀاڄين لاءِ ٿئي ٿو. هالن جا اهي دبگر ٻه سئو کان ٽي سئو رپين تائين مختلف ماپ جا کارا ٺاهي ٺيڪيدار کي اُڪا ڏيندا آهن ۽ پاڻ ٻارين ٻچين سڄو ڏينهن کارا ٺاهيندا آهن. انهن ڪاريگرن جي مارڪيٽ تائين رسائي نه هجڻ ڪري منافعي خور مڊل مين (ٺيڪيدار) استحصال ڪندو رهي ٿو.

“ابا ڪجهه نٿو بچي رڳو اڌي ڏُوڌي ماني ٿا ڪمايون جيڪي چار پيسا بچن ٿا ان مان اڌ خرچ اچي ٿو ۽ اڌ مان اٽو سيڌو ٿا آڻيون” پوڙهي نصيبان کارو هڪ پاسي ڪري گوڏن تي تِريون ڏيئي جھڪيل چيلهه سان مون ڏانهن وڌندي چيو “هڪڙي گَڏي تي چارسئو رپيا خرچ ۽ مزدوري اچي ٿي ۽ هڪڙو ڪاريگر گڏي مان ٻه کارا ٺاهي ٿو بچيا گھڻا هڪ کاري تي هڪڙو سئو ۽ چئن کارن تي چارسئو سو به سيزن ۾”.

بلاول گروپ جا ٽوٻا جيڪي سيکاٽ ۾ درياءُ جي اڀرندي ڪپ ساڳين حالتن ۾ کارا ٺاهيندا آهن پر اهي گھڻو ڪري ڦاروَن جي ڪاٺي مان ٺاهيندا آهن ۽ گھڻو ڪري گھرو استعمال وارا کارا ٺاهيندا آهن ۽ انهن جي وڪري لاءِ به پاڻ ئي نڪريو پون، آس پاس هالن کان ٽنڊي آدم ۽ سانگھڙ کان ٽنڊي الهيار تائين ويجھي پٽ ۾ ڪا به مال پڙي مس ڪون ڪن انڪري انهن کي ڪنهن حد تائين فائدو ضرور آهي اهي ڊسمبر کان جنوري ڦاروَن جي ڪٽائي وارن ڏينهن ۾ مختلف باغن ۾ ڦارون جي ڇانگ ڪندا آهن ۽ ڪاٺيون گڏ ڪندا آهن ۽ بدلي ۾ زميندار کي چار کارا ئي پڄائي ڏيندا آهن، ٻين ڏينهن ۾ اهي به درياءُ جو رخ ڪندا آهن ۽ لئي تي گذارو ڪن ٿا. اهي پرهياڙ، سولنگي ۽ ڀَٽي وغيره رڳو کارا ئي نٿا ٺاهين پر مشهور ٽوٻا به آهن ۽ مختلف ڪينالن ۽ بيراجن ۾ ٿيندڙ هادثن ڪري ٻڏندڙن جا لاش ڳولهڻ لاءِ پڻ ڪوٺجي ويندا آهن.

“لاش ڳولڻ لاءِ اسانجا ڪي ريٽ يا ڀاڙا طئي ناهن، ماڻهو مجبوري ۾ وٺي ويندا آهن ۽ اسين نيڪي لاءِ ويندا آهيون ۽ لاش ڳولهيندا آهيون پوءِ سيارو هجي يا اونهارو ڪڏهن ڪڏهن ته پهنجي کيسي مان ڪرايو ڀري گھر پڄندا آهيون.” جان محمد پرهياڙ ٻڌايو ، هن وڌيڪ چيو ته “اسانکي الاهي دفعا نوڪرين جا آسرا مليا پراڃا تائين اسانجي سرڪار سار ناهي لڌي، اڄ به کارا ٺاهي گذران ڪريون ٿا”.

“کارن مان مضبوط کارو لئي ۽ ليئار جو هوندو آهي جي “چوٿي” يعني شروعات واري جاءِ ۽ “مهڙ” يعني آخري ڪناري کي چمڙي سان مڙهجي ۽ وچ وچ ۾ چمڙو چڙهيل “تڙي” يعني ڪاٺي وهائجي ته کارو ڄمار ڪون ويندو، اڃا جي شوق ڪري ته ڪوپر جي تار به هلائي ته اڃا به ڀلو”. صوبدار ٿر جي ڳوٺن ۾ کارا ٺاهيندو رهيو آهي ۽ هڪ کان ٻئي ڳوٺ رهي ان ڳوٺ جي ضرورت مطابق کارا ٺاهيندو آهي جنهنجي گھر وڃي ۽ کارو ٺاهي ان ئي گھر کائي پيئي ۽ موڪلائڻ وقت چار ڪاسا ٻاجھري وٺيو وڃي. صوبدار به سڪار جا ڏينهن ساري پهنجي بيروزگاري تي پريشان آهي.

”اسين ڀيل آهيون ۽ اسانجي نک “ڏلهر” آهي ڇو جو اسانجو خانداني ڪم ڏلها ٺاهڻ آهي اسانجا ٺاهيل ڏلها يا کارا اڳي اوڏ مٽي کڻڻ لاءِ وٺندا هئا هاڻي روڊن جا ٺيڪيدار وٺندا آهن انبن جي پٽائي وقت باغن جا ٺيڪيدار وٺي ويندا آهن ان کان سواءِ اسين کارا ٺاهي مختلف دڪانن تي رکي ايندا آهيون ۽ دڪاندار اهي کارا کپائي پهنجي بچت ڪٽي اسانکي پيسا ڏيندا آهن” جمعي وڌيP-02ڪ ٻڌايو ته “ اسين ڪاموئي، ڄار ۽ کجي مان ڏلهو ٺاهيندا آهيون ۽ جنهن مان اسان کي ڪڏهن ته چڱي بچت ٿيو وڃي ۽ ڪڏهن ته لنگھڻ به گذاريون ٿا” ، جمعو ڀيل ميرپورخاص جي والڪٽ ڪالوني جي خالي پلاٽن تي پهنجن ٻين عزيزن سان گڏ عارضي جھڳي اڏي ويٺو آهي ۽ جڏهن اتي اڏاوت ٿيندي ته کيس اتان لڏايو ويندو.

کارا سڄي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ تمام گھڻو استعمال ٿيندا رهيا آهن گھرن ۾ کاڌو توڙي کير ڍڪڻ لاءِ  کاري جو استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي جڏهن ته ڀاڳيا مال جا ڦر به کاري هيٺيان ڍڪين. کاري کي ٿر ۾ اوڏو به چيو وڃي ٿو جيڪو ٿر ۾ وري اَرڻي،کٻڙ،ٻاوري ۽ ليار وغيره جهڙن لچڪدار وڻن جون ڪامون وڍي انهن مان اوڏا (کارا) ٺاهيا ويندا آهن.

جيئن ڪرت مطابق مختلف ذاتين تي نالا پيا تيئن کارا ٺاهيندڙن کي ڏلهر سان گڏ  دبگر به چيو وڃي ٿو جن مان ڪي سمان آهن ته ڪي شيديول ڪاسٽ ڏلهر ۽  دبگر پڻ آهن، دبگر هاڻي تمام گھٽ کارا ٺاهيندا آهن ۽ ڪي دنگو ٽپي هُن پاسي ڀارت لڏي ويا ته ڪن ڪرت سان گڏ ذات به مٽائي ڇڏي، هن وقت سنڌ ۾ چند گھراڻا آهن جيڪي اڄ به دٻگر سڏائن ٿا دٻگر ذات جو هڪ اعليٰ پائي جو شاعر به ٿي گذريو آهي، “نيڪ محمد دٻگر سمون”  مهراڻي جو شاه شاعر هو سندس ڪافي جون ڪجهه سٽون آهن ته،

صداقت سومرا سانڍيم، سدائين ساه سيني ۾

اسان ڄاموٽ ڇا ڄاڻون،ڪڌي ان ڪم ڪميني ۾

عمر تنهنجي عطر رومي،گلابي مشق عنبر کان

خدا جو سونهن ته وڌ خوشبوءِ،پهنوارن جي پسيني ۾

دبگير يا دٻگر کارن کان سواءِ چمڙي جو ڪم به ڪندا رهيا آهن جيئن تيل ۽ گيهه کي محفوظ رکڻ لاءِ چمڙي جون ڪپيون ۽ صراحيون ڪنهن خاص طريقن سان ٺاهيندا رهيا آهن، چمڙي جي ڪم ۾ ملتاني دبگير وڌيڪ ڀڙ آهن جن هن جديد دور جي تقاضا موجب پهنجي فن کي اڳتي آندائون ۽ مختلف رنگن ۽ ڊزائن وارا شوپيس ۽ ٽيبل ليمپس وغيره عالمي مارڪيٽ تائين کڻي آيا. 1995 ۾ آمريڪي خاتون اول هيلري ڪلنٽن هڪ سئو سال جي وارنٽي وارو اٺ جي کل سان تيار ٿيل ٽيبل ليمپ ملتاني دبگر کان ورتو جيڪو 2007 ۾ يونيسڪو هٿ سان تيار ٿيل دنيا جي پنجن شين ۾ شامل ڪيو ۽ سيل آف ايڪسچينج جو ايوارڊ پڻ ڏنو ويو. جديد ٿيندڙ هن دنيا ۽ نون رخن ۾ ٿيندڙ ڪاروبارن ۾ الاهي پوئتي رهيل انهن قبيلن ۽ هنرمندن کي اپڊيٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ سرڪار کي گھرجي ته انهن هنرمندن کي جديد هنري تربيت ڏيئي انهن جي پورهئي کي ڪارائتو بنائي ۽ مارڪيٽ تائين آندو وڃي.

shamsmangrio@yahoo.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو