Home / ڪرنٽ افيئر / ڪارساز تي هزارين سنڌين جو ڌرتي ڌوڏيندڙ پرامن احتجاج!
above article banner

ڪارساز تي هزارين سنڌين جو ڌرتي ڌوڏيندڙ پرامن احتجاج!

Writerجنهن وقت ڪراچيءَ ۾ ٻهراڙي جي هڪ نوجوان ارشاد رانجهاڻي جي سرعام قتل جي گونج سنڌ اسيمبلي ۾ وزيراعليٰ سنڌ جي آواز ۾ ٻڌڻ ۾ آئي انهيءَ وقت هزارين ماڻهو شاهراهه فيصل تي ڪارساز ويجهو ان جاءِ تي پرامن احتجاج ڪري رهيا هئا جتي مشرف دور ۾ “نامعلوم شهري ماڻهن” پنهنجو پرتشدد احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي ڪيترن ئي ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو هو. هي ايترو پرامن احتجاج ڪندڙ ماڻهو ڪير هئا؟ ڪٿان آيا هئا؟ ڪنهن جي چوڻ تي آيا هئا، ان جو جيڪڏهن تقابلي جائزو ورتو وڃي ته حيران ڪندڙ حقيقتون سامهون اچن ٿيون. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انهي احتجاج جي ڪال ڪنهن به سياسي پارٽي نه ڏني هئي ۽ نه ئي ڪنهن غير سياسي پارٽي، نه ڪنهن سردار، وڏيري ماڻهو موڪليا هئا، نه ئي ڪنهن سرمائيدار سرمايو لڳايو هو نه وري ڪنهن سرڪاري اداري جي ڪا گاڏي ماڻهو گڏ ڪرڻ لاءِ مقرر هئي. احتجاج ۾ شامل ماڻهن لاءِ احتجاج جي پڄاڻي تي ڪنهن به “سنڌي برياني” يا “بمبئي برياني” جا پئڪٽ نه ورهايا هئا نه ئي کين پئسن وارا لفافا ڏنا ويا هئا.

پوءِ به اهو ڪيئن ممڪن ٿيو؟ هڪ ٻهراڙيءَ جي نوجوان کي وچ چوڪ تي بيدردي سان قتل ڪرڻ تي ايڏي وڏي احتجاج ۾ سنڌ جي سمورين سياسي، قومپرست، مذهبي، سماجي، مزدور، هاري، عورت ۽ شاگرد تنظيمن شرڪت ڪئي ۽ ڪنهن به ان احتجاج جو ڪريڊٽ کڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي، هر ڪو پنهنجي پارٽي بدران ٻي تنظيم کي خراج تحسين پيش ڪندي نظر آيو.

P-01

ملير ۾ مينهن جي واڙي تي ڪم ڪندڙ هڪ عام نوجوان کان علائقي جي يونين ڪائونسل جو چيئرمين ٿي ارب پتي بڻجڻ تائين جو هڪ ڊگهو داستان رکندڙ ۽ هڪ ئي وقت مسلم ليگ، پي ٽي آءِ، پيپلز پارٽي ۽ ٻين سياسي پارٽين سان رابطا رکڻ، جائز ناجائز ڪم ڪرڻ، طاقتور ماڻهن کي زمينن تي قبضا ڪرڻ ۽ جلسن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ واري رحيم شاهه خلاف آخرڪار قتل جو ڪيس داخل ٿي ويو. ايف آءِ آر نمبر 105/19 داخل ڪرڻ کان پوءِ رحيم شاهه گرفتار ٿي چڪو آهي ۽ ان واقعي ۾ استعمال ٿيندڙ سندس گاڏي به ٿاڻي ۾ بند ڪئي وئي آهي. ٻهراڙي جي نوجوان ۽ سماجي ڪارڪن ارشاد رانجهاڻي جي قتل جي حوالي سان ناليواري ڪالم نگار وصعت الله خان لکيو آهي ته: “سوال اهو آهي ته ڇا شروعاتي طبي امداد هُن جو حق نه هو؟ ڇا مونکي يا هر ڪنهن کي اهو حق حاصل آهي ته جيڪڏهن آءٌ سمجهان ته توهان مون لاءِ خطرو آهيو ته آءٌ توهان کي گولي هڻي ڇڏيان ۽ اسپتال به کڻي وڃڻ نه ڏيان ۽ جيئن روڊ تي تڙپي تڙپي توهان مري وڃو. ڇا هر ڪنهن کي لائسنس ٽو ڪِل ڏيڻ صحيح آهي؟ ته پوءِ آئين ۽ قانون ڪهڙي کيت جي مولي آهن، قانون ۽ قاعدا ڇو ٺاهيا ويا آهن؟”

“ٻي ڳالهه جيڪڏهن ارشاد واقعي ڌاڙيل هو ته بقول رحيم شاهه جي ته هو جنهن بئنڪ کان پئسا ڪڍرائي ٻاهر آيو ۽ ارشاد سندس پيڇو ڪيو ۽ ان بئنڪ جي سي سي ٽي وي ڪئميرا ۾ ڏسي پتو لڳائي سگهجي ٿو ته آيا ارشاد واقعي اُتي موجود هو يا نه؟ ڪراچي ۾ اڪثر جاين تي سي سي ٽي وي ڪئميرا لڳل هوندا آهن، انهن ڪئميرائن جو استعمال ڪري به ڏسي سگهجي ٿو ته آيا ارشاد رحيم شاهه جي گاڏي جو پيڇو ڪري رهيو هو يا پنهنجي رستي سان وڃي رهيو هو؟ رهي ڳالهه ارشاد جي خلاف ايف آءِ آرز جي ته خود رحيم شاهه خلاف ڪيتريون ئي ايف آءِ آرون درج آهن ته پوءِ هُو پارسا ڪيئن ٿيو؟”

بهرحال قاتل گرفتار ٿي چڪو آهي ۽ ايف آءِ آر به داخل ٿي وئي آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه احتجاج کان پوءِ ممڪن ٿيو جنهن ۾ هڪ ئي وقت پيپلز پارٽي، مسلم ليگ، پي ٽي آءِ، سنڌ عوامي تحريڪ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، جيئي سنڌ قومي محاذ، جيئي سنڌ تحريڪ، سنڌ ترقي پسند پارٽي، سنڌ نيشنل پارٽي، جمعيت علماءِ اسلام، جماعت اسلامي، سنڌ ڊيموڪريٽڪ پارٽي، مسلم ليگ ف، عوامي راڄ تحريڪ، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن، سنڌي شاگرد تحريڪ، يوٿ ايڪشن ڪاميٽي سميت ڪيترين ئي پارٽين جا عهديدار ۽ عام ڪارڪنن سميت غير سياسي سوچ رکندڙ وڏي تعداد ۾ ماڻهو پڻ موجود هئا. اها ڳالهه درست آهي ته انهن سمورين پارٽين جا گهڻو تڻو سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهو شامل هئا، اردو ڳالهائيندڙ اڪثر ماڻهو ۽ ڪجهه اردو نيوز چينلز پنهنجي روايتن کي برقرار رکيو ۽ اهڙي احتجاج ۾ شامل نه ٿيا جنهن ۾ سندن ڪو سياسي يا غير سياسي فائدو نه هجي. هن احتجاجي ڌرڻي ۽ تحريڪ ۾ پيپلز پارٽي جو سيد ناصر شاهه ۽ سعيد غني سميت جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳوڻي چيئرمين شهيد بشير قريشي جو پٽ ۽ هاڻوڪو چيئرمين صنعان قريشي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سميت ڪيترائي اڳواڻ شامل هئا.

P-02

سوشل ميڊيا جي سڏ تي گڏ ٿيندڙ ايترن سارن ماڻهن جي اڳيان جڏهن صنعان قريشي ۽ قادر مگسي اچي بيهي رهيا ته معاملا ضابطي ۾اچي ويا. چون ٿا ته ڪراچي جي تاريخ جو هي واحد احتجاج هو جيڪو جذباتي طور تي سخت ڪاوڙ ۾ هو پر پاڻ تي احتجاج ڪندڙن ضابطو رکيو، هڪ به شيشو نه ٽٽو، ڪا گولي نه هلي، ڪنهن کي گار نه ڏني وئي، ڪنهن ايمبولينس کي نه روڪيو ويو، ڪنهن جي به خلاف نعريبازي نه ڪئي وئي. صنعان قريشي ۽ قادر مگسي سميت سوين ماڻهو رڳو احتجاج ڪرڻ کان پوءِ جذباتي تقريرون ڪري واپس هليا نه ويا پر ڌرڻي کان سڌو شاهه لطيف ٿاڻي پهتا ۽ان ڳوٺاڻي نوجوان جي قاتل رحيم شاهه خلاف پاڻ بيهي ايف آءِ آر داخل ڪرايائون. اُتي سنڌ جا سماجي اڳواڻ ۽ ڪارڪن به اُن وقت تائين موجود هئا جيستائين کين ايف آءِ آر نمبر 19/105 جي ڪاپي مهيا ڪئي وئي، سوشل ميڊيا تي ڪروڙين ماڻهو آن لائن رهيا ۽ صورتحال جو غور سان جائزو وٺندا رهيا.

اهو سڀ ڪجهه ڇا هو ۽ ڪيئن ممڪن ٿيو؟ ان سوال جو جواب سنڌ جي سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ ذوالفقار قادري ۽ خليل چانڊيو ڏيندي ٻڌايو ته: “سنڌ جا ماڻهو بنيادي طور تي پرامن ۽ مهمان نواز آهن، پنجن هزارن جي تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته سنڌ جي حڪمرانن ۽ عوام ڪڏهن به پنهنجي پاڙيسرين جي سرحدن تي حملو ناهي ڪيو ۽ نه ئي قبضو ڪيو آهي، انهيءَ حد تائين جو پاڪستان ٺاهڻ جي دعويدار سنڌ اسيمبلي به ڪڏهن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ٻين صوبن جي وسيلن تي نظر ناهي رکي. هن وقت به سنڌ جا ماڻهو فقط پنهنجي حقن ۽ پنهنجي ڌرتي تي امن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، سياسي لاڳاپا رکندڙ ماڻهن جو به چوڻ آهي ته: “هن وقت سنڌ واحد صوبو آهي جيڪو ارڙهين ترميم جو دفاع ڪندي سمورن صوبن جي خودمختياري ۽ حقن جي ڳالهه ڪندي ٻين اڪاين جي مفادن جي سياسي جنگ وڙهي رهيو آهي.”

سنڌ ۾ هڪ نئون خيال اُڀري رهيو آهي ته هڪ طرف پيپلز پارٽي هن وقت آصف علي زرداري ڊاڪٽرائن تي عمل ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي سائين جي ايم سيد ۽ بشير قريشي جهڙن قومپرست اڳواڻن کان پوءِ سنڌ ۾ قومپرست تحريڪ به ڪمزور ٿي آهي. ايم ڪيو ايم کي سڄي سنڌ ۾ شهري مفادن ۽ اقتدار ۾ حصي کان سواءِ ڪجهه به نظر نه ٿو اچي، ٻئي پاسي پي ٽي آءِ ۽ مسلم ليگ ن جي سنڌ ۾ انتهائي ڪمزور سرگرمين جي ڪري اصل عوامي ليڊر شپ جو فقدان آهي ۽ ان خال کي سنڌ جو دانشور طبقو ڀرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڪارساز جو هي احتجاج اصل ۾ دانشور طبقي جي ڪال تي ٿيو، جنهن ۾ سياسي اڳواڻن جي شرڪت ان ڪري به ضروري هئي جو وٽن ان کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو نه هو.

ڪارساز تي سڀ کان پهرين پهچندڙ لاڙڪاڻي جي نوجوان محمد علي جاگيراڻي سوشل ميڊيا تي پنهنجي پهرين اپڊيٽ ۾ لکيو “ڏسو آءٌ پهچي ويو آهيان، پاڻ آيو آهيان، پنهنجي دل ۽ ضمير جي آواز تي پنهنجي راڄڌاني ڪراچي جي مالڪي ڪرڻ آيو آهيان ۽ ڪنهن جو به انتظار نه پيو ڪريان، ڪير به انتظار ۾ نه رهي، سڀ ٻاهر نڪرو ۽ هتي پهچي وڃو.” ٻن ڪلاڪن کان پوءِ جڏهن اُتي هزارين ماڻهو جمع ٿي ويا ۽ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولوجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (ايس آءِ يو ٽي) ۾ داخل سماجي ڪارڪن پنهنجي ڊائلاسز ڪرائڻ کان پوءِ ڪارساز پهتو ته سوين ماڻهو روئي پيا، مرد، عورتون، ٻار ۽ نياڻيون شام تائين احتجاج ڪندا رهيا، ڪنهن به قاتل رحيم شاهه کي پٺاڻ ۽ مقتول ارشاد رانجهاڻي کي سنڌي نوجوان نه چيو، قوميت جي باهه نه ڀڙڪائي، ٻولي ۽ زبان کي اڳيان نه آندو، سياسي پارٽين ۽ سرڪاري ادارن کي طعنو نه ڏنو، بس اهو مطالبو ڪيو ته سنڌ ڌرتي جي وارثن کي ايئن بي موت نه ماريو وڃي، هن ڌرتي انهن جي ٻچن کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي. جيڪڏهن سنڌ سرڪار ان سلسلي ۾ قانون جي پاسداري ڪندي عدالت کي ڪيس موڪلي ٿي ۽ عدالت ڪو انصاف ڪري ٿي ته اها ايف آءِ آر نمبر 105/19 سنڌ ۾ بهتر سياسي مزاج ۽ روش کي جنم ڏيندي ۽ جيڪڏهن ٻين ڪيترين ئي سماجي ناانصافين سان گڏ ارشاد رانجهاڻي جي قتل سان به انصاف نه ٿو ٿئي ته پاڪستان کپي وارو نعرو هڻندڙ آصف علي زرداري جي هاڻوڪي بيان کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ هڪ ٻيو بنگلاديش بڻجڻ نه ڏينداسين.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو