Home / اسپيشل افيئر / ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي: جاکوڙي هاري اڳواڻ
above article banner

ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي: جاکوڙي هاري اڳواڻ

قادر بخش طالباڻي

Qadir Bux Talbani

لڳاتار بيمار ۽ ضعيف عمر هئڻ ڪري طبيعت سفر ڪرڻ کان لنوائيندي آهي، شادي غمي ۾ اُٿڻ ويهڻ به ان ڪري گهٽائي ڇڏيو اٿم پر ڪنهن دل واري جي موت جي خبر ڪَن تي پوندي آهي ته پاڻ کڻائي به ان ۾ شرڪت ڪندو آهيان پر واپسي تي ڪي ڏينهن تڪليف ڀوڳڻ تي دل ۾ فيصلو ڪندو آهيان ته هاڻ ٻيهر سفر نه ڪندس.

زندگي ۾ فيصلا ڪري ان تي پير کوڙي بيهڻ ۾ ڪڏهن به ڪوتاهي نه ڪئي اٿم پر هن فيصلي تي پابندي ڪرڻ ۾ بيوس ۽ لاچار آهيان.

19 نومبر تي دستور موجب اخبار پڙهڻ وقت هڪ سرخي تي نظر پئي “کاٻي ڌر جو اڳواڻ ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي لاڏاڻو ڪري ويو.” خبر پڙهڻ سان لڱ ڪانڊارجي ويا، وڃڻ جي سگهه نه سمجهي فرزند مبارڪ جو فون ملائي تعزيت ڪيم. هن منهنجي ضعيفي ۽ طبيعت جي حال کان واقف رهي منهن جي تعزيت قبول ڪئي ۽ ڳوٺ اچڻ کان سخت منع ڪئي. ان هوندي به اندر ۾ اڌما ڦڙڪڻ لڳا، ضمير جهيڙو ڪرڻ لڳو ته تنهنجو دل گهريو دوست اڄ دنيا مان ڪوچ ڪري وڃي پيو، راڄ ڀاڳ، اوڙو پاڙو، دوست سڄڻ مٺو رستماڻي ۾ ان آخري رسم ۾ شريڪ ٿيندا پر آءٌ دل گهرئي دوست جي حيثيت ۾ صحت جا بهانا بڻائي سندس آخري رسم ۾ نه وڃان، هو ته مون کي ڪا ميار نه ڏيندو پر….. فون ڊائل ڪري زاهد ٽيڪسي ڊرائيور کي فون ڪيم، نوَ صبح جا ٿيا هئا، هن اڌ ڪلاڪ ۾ پهچڻ جو ٽائيم ڏنو. ٺيڪ ٽائيم تي پهتو، کيس چيم ته 11 وڳي مٺو رستماڻي ڳوٺ (جلال موري کان پنج ڪلوميٽر) پهچي سگهبو؟ هن هائوڪار ڪئي، پوڻين يارهين وڳي ڳوٺ مٺي رستماڻي پهتس، گهڙي کن کان پوءِ ڳوٺ سڪندر لغاري مان ڀاءُ محمد خان ۽ ناصر لغاري پهتا. مقرر وقت تي اسڪول جي عمارت جي اڳيان عالم دين جنازي نماز پڙهائي. بعد ۾ تنظيمي ساٿين جٿي جي صورت ۾ گڏجي تنظيمي سليوٽ ڪري ساٿي کي خراج عقيدت پيش ڪيو. لحد ۾ ميت لاهي مذهبي عالم مذهبي ورد پڙهيو، ساٿين انقلابي گيت ٽولي ۾ گڏجي پڙهيو.

P-01

صبح نه آيو هو سڄڻ ٿي شام، اچي يا نه اچي،

ڪهڙي خبر آ رات به آرام، اچي يا نه اچي.

ويل وڃڻ جي ڪجهه ته اشارن ۾ به چيائين ٿي،

پر مون نه پروڙي، سا ئي مام، اچي يا نه اچي.

تنهن جو آ قسم تنهن جو آهيان، ٿي ايئن چيائين،

اڄ ياد سڄڻ کي هي انجام، اچي يا نه اچي.

بزم جهان ۾ ته حَسين ٻيا به گهڻا آهن، پر

محبوب جيان ڪوئي سربام، اچي يا نه اچي.

قاصد جيڪو مُڪم تنهن افسوس ڪندي آ هيئن چيو،

ڀُلجي به وٺي ٿو نه، “ضيا” نام اچي يا نه اچي.

قبر تيار ٿيڻ بعد مذهبي عالم قرآني آيتون پڙهي دعاءِ خير گهري. تنظيمي دوستن قبر مٿان پورهيت ۽ هاري طبقي جو ڳاڙهو جهنڊو کوڙي وڏي عقيدت سان سلامي ڏئي وڏي آواز سان وَچن دهرايو: “اوهان جو باقي رهيل مشن اسان سڀ پوري ڪرڻ جو وچن ڪيون ٿا.”

مقام کان ٻاهر نڪري دعاءِ خير گهري، ساٿي جي پونيئرن سان تعزيت ڪئي ويئي. اهڙي ريت ساٿي ڦوٽي خان جي آخري سفر جي رسم پڄاڻي تي پهتي ۽ سڀ ڪو پنهنجي گهر روانو ٿيو. رات جو تنظيمي ساٿين طرفان تعزيتي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ لاهور کان ڪراچي تائين سڀني ساٿين پنهنجي خيالن جو اظهار ساٿي ڦوٽو خان رستماڻي جي زندگي تي ڪيو ۽ کيس شاندار عقيدت پيش ڪئي وئي. ڦوٽو خان رستماڻي ڳوٺ سوري لڳ واهي پانڌي ضلعي دادوءَ ۾ 1932ع ۾ ڄائو، ساڻس منهنجي ڏيٺ ويٺ ڳوٺ واهي پانڌي ۾ ٿي، جڏهن آءٌ کاٻي ڌر جي عزيز سلام بخاري جي ڌڙي سان لاڳاپيل هئس ۽ آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن دادو ضلعي جو جنرل سيڪريٽري پڻ هئس ۽ ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي ساڳئي ڌڙي جي تنظيم ضلعي دادو جي هاري فرنٽ جو سيڪريٽري هو. آءٌ استادن ۽ هارين ۾ ڪم ڪندو هئس ۽ رستماڻي صاحب هارين ۽ مزدورن ۾ ڪم ڪندو هو. کيس تنظيم طرفان تمام ٿورڙو معاوضو ۽ ڪرايو خرچ ملندو هو.  اسان هر مهيني ضلعي سيل ۾ لکت ۾ رپورٽ ڪندا هئاسين ۽ تنظيمي ڪم بابت لکيل مضمونن يا ترقي پسند ڪتابن جي تعليم گڏجي ڪندا هئاسون. رستماڻي صاحب پرائمري تعليم جو هڪ ٻه ڪتاب پڙهيل هو. ان ڪري لکڻ پڙهڻ جو ڪم به گڏجي ڪندا هئاسون، هو جيتوڻيڪ پڙهيل مون کان گهٽ هو پر پوءِ به لکڻ پڙهڻ ۾ مون کان وڌيڪ هوشيار هو. سندس صحبت ۽ محبت ۾ مون جوهي، واهي پانڌي، حاجي خان ۽ ٻين ڳوٺن جو اڻانگو پنڌ سائيڪل تي يا پيادل ڪيو.

واهي پانڌي جي ڀر ۾ اوچن جبلن تي به چڙهي سڄو نظارو ڪيوسون. هي اهو وقت هو جو کٽارا بسن ۽ پراڻين جيپن تي سفر ڪرڻ به ڪو سوکو ڪم نه هوندو هو. رستا وڏي ڊسڙ ۽ ڊاڳ ۾ ورتل هوندا هئا، کڏا کوٻا تن جو ته ليکو ئي ڪو نه هو. پراڻي جيپن ۾ ماڻهو مال وانگر ميڙي گاڏي ۾ هڻندا هئا جيڪي منزل مقصود تي پهچڻ وقت گهرڀاتي يا واقفڪار به سڃاڻي نه سگهندا هئا. رستماڻي صاحب اهڙن ڏکين هنڌن تي تنظيمي ڪم ڪار خوش اسلوبي سان ڪيو. رستماڻي صاحب ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ اسان جي تنظيم کان جدا ٿي ويو پر وڃڻ وقت باقاعده ميٽنگ ۾ ڪجهه اعتراض، ڪجهه تنقيد لکت ۾ ڏئي ان تي بحث مباحثو ڪري پوءِ هليو ويو، پر وڃڻ کان پوءِ به اسان جي سمورن دوستن سان هلي ملهي اچي پاڻ ملاقاتون ڪندو هو. اسان جي تنظيم تي جيڪا به تنقيد، اعتراض لکت ۾ ڪيائين تن کان تنظيم کان ٻاهر ڪنهن به ماڻهوءَ وٽ هڪ اکر به ظاهر نه ڪيائين. اهو ئي سبب هو جو ڪامريڊ عزيز سلام حياتيءَ تائين ڦوٽي خان سان ملندو رهندو هو ۽ سندس وقت ضرورت مالي مدد پڻ ڪندو هو جيڪا ڳالهه ڦوٽو خان پاڻ اسان سان ڪندو هو.

P-02

اسان کان وڃڻ کان پوءِ مون کي ڦوٽي خان جي تنظيمي ڪم ڪار جي ڪا به ڄاڻ نه هوندي هئي. روبرو ايندو هو ته ڪچهري سياسي، سماجي مسئلن تي ڪندا هئاسون. جيتوڻيڪ رستماڻي صاحب اسان جي تنظيم ڇڏي چڪو هو پر هن جو آخر تائين ميل جول مون کي محسوس ٿيڻ ئي نه ڏنو ته هو اسان کان الڳ يا ٻي تنظيم سان آهي. ڪجهه دوست تنظيم ڇڏي وڃڻ وارن دوستن کي سٺي نظر سان نه ڏسندا هئا پر مان ان وقت توڙي هاڻ ان موقف تي آهيان ته ڇڏي ويندڙ دوستن جي اها وڏي بهادري هوندي هئي جو هڪٻئي ۾ رت جي رشتن کان وڌيڪ محبت هوندي به هڪٻئي کان تنظيمي طور جدائي جو اعلان ڪندا هئا.

هر شئي جا ٻه پاسا آهن، هڪ هنڌ ٽڪي پير ڄمائي ڪم نه ڪرڻ جو ان ۾ پاسو ڏسڻ ۾ ته ايندو هو پر ٻيو پاسو سچائي جو به هوندو هو ته ايڏي تعلقاتن محبتن هوندي به هڪٻئي ۾ سچائي ئي هوندي هئي جو تنظيم ڇڏي وڃڻ کان پوءِ به تعلقاتن ۾ وٿي نه وڌي ويندي هئي. رستماڻي صاحب سياسي طور ڪهڙي به ڌر يا تنظيم ۾ رهيو پر هن آخري دم تائين پراڻن دوستن سان تعلقات قائم ۽ دائم رکيا. سندس اهڙن سلڇڻائين ۽ سچائين کيس وڌيڪ ڪُندن بڻائي دوستن کان حد کان وڌيڪ پيار ملڻ ۾ ڀائيوار بڻايو. سندس جدوجهد جا پيرا ڪاڇي جي برپٽ کان چمبڙ جي سرسبز علائقن، ڳوٺن، واهڻن ۽ وستين ۾ به ملن ٿا.

ڦوٽو خان وٽ ذاتي طور ڪا به دولت نه هئي، هن جي سڄي حياتي جو دور مفلسي ۽ مسڪيني ۾ گذريو، اها غريبي هئي جنهن هن منجهه تنظيمي عشق جاڳايو. هو پنهنجو مشن پهچائڻ لاءِ دور دراز پيادل پنڌ ڪرڻ کي وڏو اعزاز سمجهندو هو. سندس سفر ۾ ڪاڇي جو رڻ ۽ ان جي ڀر ۾ وڏن شهرن جو پنڌ سمايل هوندو هو. پر هِن ان ڪَٺن سفر کي ٻه ٻرانگهون سمجهي دل جي خوشي سان طئي ڪيو. ڪچهري جي ڏنل ٽائيم تي هُن سختي سان پابندي ڪئي. ڀلي نئين گاج تيز رفتاري سان اوچن جبلن تان ڪڙڪاٽ ڪري لهي يا سنڌو درياءُ سانوڻي بند جي ٻنهي طرفن کان ڇولين جا ڇڇڪا ڏيندو هجي پر هي صاحب ٽائيم تي ضرور حاضر هوندو هو.

سندس خودداري ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي هوندي جو آءٌ کيس ڪڏهن ڪنهن اوڇڻ ڏيڻ جي ڳالهه ڪندو هئس ته پاڻ ٻئي ڪنهن ساٿي کي ضرورتمند سمجهي سفارش ڪندو هو ته هيءُ ان ساٿي کي ڏيو ڇو ته هو سخت تڪليف ۾ آهي. سندس تنظيمي سچائي ۽ عشق سان جيئڻ، للڪاري جيئڻ ۽ گذارڻ لاءِ هڪ شاعر جون هي سٽون ذهن تي اچن ٿيون:

غيور ٿي ڄميو رهه، غدار ٿي نه مرجان،

للڪار ٿئي،اُٿي پئو، ڪاڳر ٿي نه سڙجان.

مرڻو آ موت ايندو، هي ڳالهه ياد رکجان،

ڌرتي مٿان او ارڏا، بار ٿي نه مرجان.

ڦوٽو رستماڻي پنهنجي آخري دؤر ۾ جسماني طور بڪين، جيري ۽ اندر جي ڪيترين ئي بيمارين ۾ گهيريل هو پر هو ڪڏهن به ڪنهن لاءِ بار گران نه بڻيو. پنجاسي سال عمر جا هن ارڏو ٿي گذاريو. ڪارن مان اڇا وار ٿي ويا، جواني کان پيري آئي پر هن حق جي ويڙهه لاءِ راهه مان هٿ نه ڪڍيا ۽ شيخ اياز جي چوڻي کي سچو ثابت ڪيو:

ماريندي هِن مَچ کي ڪيڏا وس ڪيام،

چَتيون ڇَهيون ٿي ويون، ڇڄي رڇ پيام،

وڙهندي ورهيه ٿيام- اچي وار اڇا ٿيا.

هي ساٿي آخر تائين مظلوم پورهيتن، هارين، نارين جي ڏکڙن ڏوجهرن لاءِ سر ٽوڙ ڪوشش ڪندو رهيو. ان ڪري سندس ڏات ڏهوڻي ٿي ويئي. ڪامريڊ ڦوٽي رستماڻي 18 نومبر 2018ع تي رات جو وفات ڪئي، ٻئي ڏينهن لاهور، اسلام آباد، ڪراچي تائين هر فڪر جي ماڻهن سندس ڳوٺ مٺو رستماڻي ۾ تعزيتي جلسا ڪري کيس خراج عقيدت پيش ڪئي جنهن ڪري اڃا به سندس ناماچاري ۾ وڌيڪ واڌ ٿي آهي. شيخ اياز جي هنن سٽي سان مضمون جي پڄاڻي ڪريان ٿو:

ڳڀو پاڻي ڍُڪ ۾ ٻوڙي جي کائين،

پنهنجي اوچي ڳاٽ کي مور نه جهڪائين،

ته تنهنجي سائين، ڏات ڏهوڻي ٿي وڃي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو