Home / پروفائيل / گلاب چانڊيو:  سياست کان اداڪاري تائين جو اڻکٽ سفر
above article banner

گلاب چانڊيو:  سياست کان اداڪاري تائين جو اڻکٽ سفر

 ناهيد اسرارWriter

“پنهنجو نالو قبر جي ڪُتبن تي لکرائڻ بدران ماڻهن جي دلين تي لکو، توهان جون يادگيريون ماڻهن جي ذهنن ۽ سندن داستانن ۾ زندهه رهڻ گهرجن جيڪي توهان جي باري ۾ هڪٻئي کي ٻڌائن” شينن الڊر

1964ع ۾ پنهنجي شروعات کان اڄ ڏينهن تائين پاڪستان ٽيليويزن تمام گهڻن اهڙن باصلاحيت فنڪارن کي جنم ڏنو آهي جن جي زبردست فني مظاهرن اسان جي دلين ۾ سندن نالا نقش ڪري ڇڏيا آهن. پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪڙو وقت اهڙو به هو جڏهن رات جو 8 بجي کان 9 بجي تائين شهر ويران ٿي ويندا هئا، رستن ۽ گهٽين ۾ ڊپ جو ماحول هوندو هو، ڇو ته اهو وقت پي ٽي وي اردو ڊرامن جو هوندو هو. اهو دور پاڪستاني ڊراما انڊسٽري لاءِ سونهري دور هو، جنهن ۾ ٺهندڙ تقريبن سمورن ڊرامن کي جيڪڏهن پاڪستاني آرٽ جو اثاثو چيو وڃي ته قطعي طور تي غلط نه ٿيندو. پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي باصلاحيت فنڪارن ۾ هڪ نالو گلاب چانڊيي جو پڻ هو، جيڪو ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي. اسي جي ڏهاڪي ۾ پنهنجي فني ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ گلاب چانڊيي تمام گهڻن اردو ۽ سنڌي ڊرامن ۾ پنهنجي ور اسٽائل اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. مرڪزي ڪردار طور سندس فني سفر جي باقاعده شروعات سنڌي ڊرامي “ٻيون شخص” کان ٿي جنهن ۾ ساڻس گڏ سڪينا سمون پڻ ڪم ڪيو. گلاب چانڊيو نه رڳو ٽيليويزن پر ٿيٽر، فيچر فلمن ۾ به پنهنجي فن جو جادو جاڳايو.

P-01

گلاب چانڊيي کي سندس ماهراڻي اداڪاري ۽ منفرد مڪالمي بازي جي ڪري پاڪستان جي ڊراما انڊسٽري ۾ خاص مقام حاصل رهيو. هونئن ته هُن پنهنجي ڪيريئر ۾ ننڍا وڏا سڀ ڪردار ادا ڪيا ليڪن سندس مقبوليت منفي ڪردارن سبب ٿي. “ماروي”، “چاند گرهن” “نوري جام تماچي” “ساگر ڪا موتي” “غلام گردش” ۽ “بي وفائيان” اهڙا مشهور ڊراما هئا جيڪي گلاب چانڊيي جي فني مهارت جو کليل ثبوت آهن. ان کانسواءِ هُن فلم “دشمن” ۽ “سرگم” ۾ پڻ ڪم ڪيو. سرگم فلم ۾ هُن اداڪار نديم، زيبا بختيار ۽ عدنان سميع سان گڏ ڪم ڪيو. سندس انهيءَ آرٽ جي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس 2016ع ۾ صدارتي حسن ڪارڪردگي جو ايوارڊ پڻ ڏنو ويو.

هونئن ته گلاب چانڊيو هر اداڪار سان سُٺا لڳ لاڳاپا قائم ڪري وٺندو هو پر شفيع محمد شاهه سان سندس جوڙي خاص اهميت رکندي هئي. مشهور ڊرامو “چاند گرهن” جاگيراداراڻي نظام ۽ غريب طبقي جي استحصال تي ٻڌل هڪ سيريل هئي جنهن ۾ گلاب چانڊيي ڳاڙهي بازار سان تعلق رکندڙ هڪ شخص جو ڪردار ادا ڪيو هو. سندس ڪردار منفي نوعيت جو هو جيڪو لالچي ۽ موقعي پرست انسان هجي ٿو، گلاب چانڊيو اُن ڪردار سان به خوف نڀايو ۽ کيس ڏسندي سچ جو گمان ٿيڻ لڳو. هڪ ٻئي ڊراما سيريل “نوري ڄام تماچي” ۾ هُن ظالم جاگيردار جو ڪردار ادا ڪيو، انهيءَ ڊرامي ۾ به سندس اداڪاري ڪمال جي هئي. هڪ سُٺي فنڪار جي اِها ئي خوبي هوندي آهي ته سندس ادا ڪيل ڪردار ڊرامي ۾ حقيقت جو رنگ ڀري ڇڏي ۽ گلاب اُن فن ۾ ڪمال رکندو هو.

گلاب چانڊيي جو تعلق نوابشاهه سان هو، 1976ع ۾ روزگار جي ڳولا کيس مختصر عرصي لاءِ ڪراچي وٺي آئي ليڪن ڪجهه عرصو ڪراچي ۾ قسمت آزمائڻ کان پوءِ هو واپس نوابشاهه موٽي ويو. گلاب چانڊيي جو تعلق انهن ماڻهن سان هو جيڪي 70 جي ڏهاڪي جي پڇاڙي ۾ ٿيندڙ سياسي ڇڪتاڻ کان متاثر ٿيا هئا. نوابشاهه پهچي هُن سياسي سرگرمين ۾ حصو ورتو ۽ ڀٽو حڪومت ختم ڪرڻ ۽ مارشل لا خلاف مظاهرن ۾ شامل رهيو، ان دوران ڪجهه عرصو جيل ۾ پڻ رهيو. ليڪن نوابشاهه واپسي کان ڪجهه عرصو پوءِ ئي سندس طبيعت ٻيهر ڪراچي ڏانهن مائل ٿي ليڪن هِن ڀيري هُن ٻيو ڪجهه ڪرڻ بدران اداڪاري جي شعبي ۾ قسمت آزمائڻ جو فيصلو ڪيو. سچ ته ڏاڍو زبردست فيصلو ڪيائين. جيڪڏهن هُو اهو فيصلو نه ڪري ها ته اڄ شايد پاڪستاني ڊراما انڊسٽري فن جي خوبصورت جوهر کان محروم رهجي وڃي ها.

اِهي شايد 70 جي ڏهاڪي ۾ سياسي ڇڪتاڻ جا ئي سبب هئا جنهن جي نتيجي ۾ اداڪاري کان سواءِ گلاب چانڊيي سياست ۾ پڻ قدم ڄمائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪراچي مان عام چونڊن ۾ حصو ورتو ليڪن ٻئي ڀيرا ڪامياب نه ٿي سگهيو. جيتوڻيڪ سندس بقول سياست ۽ شوبز ۾ گهڻو فرق نه هو پر پوءِ به جيترو نالو هُن اداڪاري جي شعبي ۾ ڪمايو، سياست ۾ هُو اها سڃاڻپ حاصل نه ڪري سگهيو.

P-02

بهرحال پنهنجي دل ۾ غريب طبقي لاءِ بهتري جي خواهش سندس دل ۾ سياست جي جوش کي ختم ٿيڻ نه ڏنو. سال 2016ع ۾ هُن پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ پنهنجي خراب صحت باوجود هُن عمران خان جي قيادت ۾ آزادي مارچ ۾ پڻ حصو ورتو.

گلاب چانڊيو هڪ قدآور شخصيت ۽ ڪمال جو آرٽسٽ هو، هڪ اداڪار کي پنهنجي ڪردار وسيلي سڃاتو ويندو آهي ۽ عام طور تي هُو جنهن قسم جا ڪردار وڌيڪ ادا ڪندو آهي ان مطابق شائقين سندس شخصيت کي حقيقي زندگي ۾ به ايئن ئي ڏسڻ چاهيندا آهن. گلاب چانڊيي جي حوالي سان به ماڻهن جو ڪجهه اهڙو ئي تاثر هو ته جيئن هُو ڪو منفي ۽ ولين ٽائيپ انسان آهي، ليڪن حقيقت اِها آهي ته هو انتهائي نرم مزاج ۽ انسان دوست شخص هو، هُو ڊرامن ۾ ادا ڪيل ڪردارن کان بلڪل مختلف انسان هو جيڪي سندس سڃاڻپ بڻيا.

گلاب چانڊيي جو ڳاڻيٽو انڊسٽري جي انهن نالن ۾ ٿيندو هو جيڪي پنهنجي ساٿين ۽ جونيئرز جي مدد ۽ حمايت لاءِ هر وقت موجود هوندا هئا.

سندس فني سفر، جدوجهد ۽ شخصيت انهن سمورن نوَن ايندڙن لاءِ مشعلِ راهه آهي جيڪي شوبز ۾ پنهنجو نالو ڪمائڻ چاهين ٿا. ليڪن تلخ حقيقت اِها به آهي ته شوبز جي دنيا هڪ عجيب ۽ نرالي دنيا آهي، هتي هر اڀرندڙ سج کي سلام ڪيو ويندو آهي ۽ جيڪي فنڪار بدلجندڙ لاڙن موجب پاڻ کي نه بدلائي سگهيا اُهي نظر اوجهل پهاڙ اوجهل وانگر کين اهڙي ريت وساريو ويندو آهي ڄڻ سندن ڪو وجود ئي ناهي.

پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جو هي انمول ستارو ڊگهي بيماري کان پوءِ دلگير ٿي پيو ۽ گمنامي جي حالت ۾ 61 ورهين جي ڄمار ۾ خالق حقيقي سان وڃي مليو ۽ پوئتي ڇڏي ويو پنهنجي فن جون لازوال يادگيريون، جيڪي دنيا رهڻ تائين سندس چاهيندڙن جي دل ۾ تازيون رهنديون.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو