Home / سياسي افيئر / ….۽ جڏهن سياسي ڪارڪنن کي ناڪي مُنشي بڻايو ويو!
above article banner

….۽ جڏهن سياسي ڪارڪنن کي ناڪي مُنشي بڻايو ويو!

محمد قاسم ميرجت

 M Qasim Mir Jat مونکي بهار ميرجت کان ٽنڊوالهيار، پوءِ ڪراچي، اڄ اسلام آباد تائين جيڪي عزتون، محبتون ۽ عهدا ماڻڻ ۾ جنهن اعليٰ ۽ عظيم انسان جو هٿ آهي ان جو ذڪر نه ڪرڻ نه صرف احسان فراموشي ٿيندي پر منهنجي نظر ۾ علم ۽ انسان دشمني ٿيندي. اهو مرد مجاهد نصرپور جو سخي، بهادر ۽ غريب پرور انسان حاجي محمد صادق ميمڻ هو جنهن ايس ايم هاءِ اسڪول ۽ هاسٽل قائم ڪري اسان جهڙن ٻهراڙي جي مسڪين ۽ بي پهچ شاگردن جي انگريزي تعليم، تربيت، رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو مفت انتظام ڪيو. ماڻهو مرندا آهن ته انهن لاءِ دعا گهري ويندي آهي ته خدايا مرحوم کي جنت نصيب ڪر مگر حاجي محمد صادق ميمڻ وفات به مديني پاڪ ۾ ڪئي ۽ دفن به جنت ۾ ٿيو. ڇوڪرن جي ٻن هاءِ اسڪولن هجڻ ڪري شاگردن لاءِ سهولت ٿي پئي پر گرلس هاءِ اسڪول فقط هڪ هو ۽ ان جي هڪ هٽي جو ننڍڙو مثال جنهن مان اوهانکي حاجي محمد صادق ميمڻ مرحوم جي ڪيل خدمت جي اهميت جو اندازو به ٿيندو.

1983ع ۾ جڏهن جذبن کي قرباني ڏيڻ جو سڏ ٿيو پوءِ جنهن ۾ جيتري حب الوطني ۽ انساني آجپي جو جذبو هو، اهو سِر تري تي رکي ميدان ۾ ڪُڏي پيو ۽ ڄڻ اياز جي سٽ ساڀيان ٿي پئي.

ڪو ڪيئن نه ڊوڙي مقتل ڏي، آ رت ۾ خوشبو ميندي جي.

مڙس ٿي ميدان ڪندڙ پهلوانن ۾ نه ذات نه ٻولي نه عمر نه پارٽي جو ڪو شرط يا ويڇو هو. نه صرف مرد پر سنڌي  سورميون به آمريت جي ڏاڍ ۽ ڏمر خلاف گهران نڪري نعرا هڻنديون، قومي گيت ڳائينديون، مارشل لا کي للڪارينديون مردن جون ٻانهن ٻيلي ٿيندي وڃي جيل ڀيڙيون ٿيون. انهن نياڻين مان سائين يوسف ڪيڙانو جي ڌيءَ ڪلثوم اٺون انگريزي پاس هئي پر سندن ڳوٺ جي ڀرپاسي ۾ ڪو هاءِ اسڪول ڪو نه هو. مون چيو سائين ڳڻتي نه ڪريو، ٽنڊوالهيار ۾ گرلس هاءِ اسڪول آهي، ٽيوشن جو انتظام يونس مڱڻهار ڪري ڏنو پر جڏهن داخلا وٺڻ وياسون ته اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي جيڪا لاهور جي هئي، اول ته هن اعتراض واريو ته ڇوڪري ٻئي ضلعي جي آهي. اسان کيس ياد ڏياريو ته امان تون لاهور مان اچي ٽنڊوالهيار ۾ هيڊ ماسرياڻي ٿي سگهين ٿي باقي اسانجي ڇوڪري ننگر (ٺٽي) ولايت مان آئي آهي انکي تون داخلا نه ڏيندينٰ. ان تي مائي ويتر ڪاوڙجي پئي ۽ چيائين “اول ته هي ٻهراڙي جون ڄٽ ڇوڪريون پڙهي ڄاڻن ڪونه. مٿان وري فرمائش ٿا ڪريو ته کيس سائنس ۾ داخلا ڏيان. هنن جو ڪم آهي وڃي ڇيڻان ميڙين، گاهه لابارو ڪن پوءِ شادي ڪري ٻار ڄڻين ۽ پالين هنن جو پڙهڻ سان ڪهڙو واسطو، باقي داخلا آءٌ ڪانه ڏينديس.” اهو 84-1983ع جو دور هو، ٽنڊوالهيار شهر ۾ جڏهن به ڪو اهڙو گڏيل مسئلو پئدا ٿيندو هو ته مختلف سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمن جا ڪارڪن مختلف ڌنڌن وارا ماڻهو گڏجي هڪ ٿي بيهندا هئا. صلاح مصلحت تي ماڻهو مڙيا، عبدالستار سريوال پريس ڪانفرنس ڪئي، وتايو فقير لائبريري وٽ مظاهرو ٿيو. نتيجي ۾ مائي جيڏانهن جي هئي اوڏانهن هلي وئي ۽ اسانجي ڇوڪري کي داخلا ملي وئي. انوقت اسان مختلف نالن، مختلف ذاتين، تنظيمن ۽ ڌنڌن سان هوندي به ڄڻ ته هڪ گهر جا ڀاتي هئاسون.

P-01

88-1987ع ۾ ٽنڊوالهيار تعلقي ۾ ٻن عوام دشمن، انسان دشمن قوتن جنم ورتو، هڪ طرف ٻهراڙي ۾ ڌاڙيل ٻئي طرف شهر ۾ ايم ڪيو ايم، ٻنهي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو. وڪيل ماڻهو شهر کان ٻاهر ڪيس کڻڻ کان ڪيٻايون ته ڪٿي رستي تي شام نه ٿي وڃي ۽ ڌاڙيلن جي ور نه چڙهي وڃون. هر شهر ۾ دهشتگردن جي سرشام کان فائرنگ جو سلسلو شروع ٿيو وڃي ان ڪري شام جو آفيس به کولي نه سگهون. فائرنگ سبب رات جاڳي گذاريون. انهن ٻنهي ناڪاري قوتن سان مهاڏو به اٽڪايوسين، ڊاڪٽر مٺڻ شاهه جي اڳواڻي ۾ سنڌين جو ميڙ به ٿيندو هو. منهنجي سڃاڻپ ۽ تعلق سنڌي عوامي تحريڪ سان هو، ان بهادر ۽ ڀلاري ساٿ جي ڪري ٽنڊوالهيار ۾ جيڪا عزت، محبت ۽ سگهه ملي اهو انقلابي رومانس جو عروج هو.

ڪڻا منجهه ڪرار هئا هيڪاندا سنگ ۾

ان عين شباب ۾ مونکي، منهنجي تنظيم راڄ نيڪالي ڏيئي ڇڏي، لطيف سائين فرمايو آهي ته:

جڏهن ڍولي ڍلياس ته ٿيس ڏهاڳڻ ڏيهه ۾

اندازو لڳايو ته جڏهن اُهي محبتي مڻيادار ماڻهو جن سان ڏهاڪن کان عزت، محبت ۽ احترام جو ناتو جڙيل هجي جن سان گڏجي ٽهڪ ڏنا هجن ۽ گڏجي ويڙهي هجي اُهي اوچتو ئي اوچتو منهن موڙي وڃن ۽ اکيون ڦيري ڇڏين پوءِ آڪاش انصاري جي سٽ جيان:

جڏهن توسان نيڻن جو ناتو ڇنو هو، تڏهن ڏور آڪاش ڪيڏو رنو هو

منهنجو ته خير هو، ٻارن کي ڳوٺ موڪلي يا انوقت ڳوٺ جهڙي ماحول ۾ قاسم آباد ۾ ٻارن کي رهائي آءٌ پنهنجو گذر سفر پيو ڪيان ها مگر وڏا ٻار جيڪي انقلابي نعرن هڻڻ، ڳوٺ ڳوٺ وڃي انقلابي تنظيم ڪاري ڪرڻ،انقلابي لانگ مارچ ڪرڻ، سنڌي چوڻي:

پنڻ کان پڙهڻ وسري ويو

سچ پچ ته ٻار جديد اعليٰ تعليم پرائڻ کان محروم ٿي ويا. پوءِ کڻي جو هنن محنت ڪري پوسٽ گريجوئيشن ڊگريون به حاصل ڪيون پر ايستائين ملڪ مان ميرٽ  جي جاءِ سفارش ۽ رشوت والاري ۽ ٻار وڏا به ٿي ويا جنهن ڪري سندن شاديون ڪرائي ڇڏيون. اهي پنهنجي ٻارن کي جديد تعليم ته ڏيارين پيا پر پاڻ سموري معاشري لاءِ ڪو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ کان رنڊايا ويا. اها حالت رڳو مون سان ڪا نه ٿي پر هزارين ڪارڪنن کي ڪوڙيون تهمتون مڙهي نيڪالي ڏني وئي ۽ هر ڪارڪن پويان ٻيو نه ته به سندس خاندان ته هو، اهڙي ريت هزارين خاندان جنهن رڻ ۾ رولايا ان جي باري ۾ ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍڻ ڪبيرو گناهه آهي. جڏهن گڏيل صلاح مصلحت سان هلندڙ پارٽي ماڻهن جي هٿن مان ڪلاشنڪوف کسي ڪتاب هٿن ۾ ڏنا. يونيورسٽين ۾ پڙهڻ جو ماحول ٺاهڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو، مارشل لا ۽ وڏيرا شاهي خلاف هر طبقي جي مردن، عورتن، ٻارن، شاگردن وڏيون قربانيون ڏنيون. ان جي عظيم انقلابي اڳواڻ ۽ مها ڏاهي جڏهن پلٽو کاڌو (يوٽرن) ورتو ته ڪارڪنن جي هٿن مان ڪتاب کسي ناڪي منشي بڻائي محصول وصول ڪرڻ جون بنديون هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيون. گڏيل صلاح مصلحت جي جاءِ تي فرد واحد جا فيصلا مڙهيا ويا. پڙهيل ڳڙهيل ڪارڪنن کي اقتداري ڌرين جي درن تي درٻاري طور ڀرتي ڪرايو، اهي پنهنجي دور جا انقلابي ڪارڪن اڄ جا خوشامدي ڪراچي کان پشاور تائين پنهنجي عظيم انقلابي اڳواڻ جي خاندان جي مفادن جي سيوا ۽ رکوالي ۾ مشغول آهن.

P-02

پر اڄ به ڪمال منهن جي پڪائي سان مقتول تنظيم ۽ نظريي جي مجهول مجاورن جو ساڳيو رينگٽ ته اهي هزارين ڪارڪن ۽ انهن جا خاندان ۽ اڪثر سنڌي عوام ٿڪجي پيا، لالچ ۾ اچي مقتول نظريي ۽ تنظيم سان غداري ڪئي ۽ وڃي ايجنسين جا ايجنٽ ٿيا.

ڇا اسلام آباد ۾ سنڌ جي هڪ سياسي پارٽي جي اڳواڻي، اسلام آباد ۾ سنڌي وڪيلن کي گڏ ڪري کين سرگرم ڪرڻ،سگا ۾ سرگرم رهڻ، سنڌين جي مظاهرن ۾ شرڪت ڪرڻ، ڪميونٽي جي سرگرمين ۾ عمر ۽ صحت آهر سڏ ۾ سڏ ڏيڻ پنهنجي گذريل سياست جو تسلسل نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ منهنجو مائٽ هڪ زميندار وٽ هارپو ڪندو هو. زميندار کانئس هارپو کسي کيس بيدخل ڪري ڇڏيو، انکان پوءِ ٻئي ڳوٺ ۾ دڪان جي ٻاهران دڪي تي گڏ ويٺا هئا ته زميندار پڇيو ته شاهه بيگ ڏي خبر هاڻ ڇا پيو ڪرين؟ چيائين مجيري سوچيان پيو ته عشق ڪريان. زميندار چيو ته هن عمر ۾ عشق ڪندين؟ شاهه بيگ ٿڌو شوڪارو ڀري چيو مجيري هيستائين ته تنهنجي ونگار کان ئي واندو ڪونه هوس ته عشق ڪٿان ڪيان ها، هاڻ واندو آهيان. سو آءٌ به جڏهن انقلابي هارپي کان بيدخل ٿيس ته هڪ ته سنجيدگي سان وڪالت ۽ انقلاب جي ڪاڪ مهل کان بچي ويل ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ڏانهن ڌيان ڏنو ۽ ٻيو ڪم کٽل واڻيو وهيون، سنڀالي جيان زندگي جو پوتاميل لکي اوهان آڏو رکيو اٿم. مرتضيٰ ڏاڏاهي چواڻي:

اسان حال دل جو اوهان سان پچاريو

اوهانجي آ مرضي جياريو يا ماريو.

مٿي ذڪر مان منهنجي مراد پنهنجي تعريف يا خود نمائي نه آهي مگر منهنجو مڪمل ايمان آهي ته اسان جيڪڏهن ذاتي توڙي قومي طرح ترقي ڪري بک، بيماري، محتاجي، جهالت ۽ هر قسم جي غلامي کان ڇوٽڪارو چاهيون ٿا ته مهرباني ڪري شهرن ۾ اچي پنهنجي اولاد کي جديد اعليٰ تعليم ۽ قديم تهذيب ۽ تمدن مان ورثي ۾ مليل شاندار انساني ڳڻن جي تربيت ڪريون، پوءِ گڏجي پيا نعرا هڻنداسون.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو