Home / ڪور افيئر / ۽ هاڻي خان صاحب جي بولتي بند آهي!
above article banner

۽ هاڻي خان صاحب جي بولتي بند آهي!

مظهر لغاري

Writer

نئين پارليامينٽ ۾ ڌريون جيڪي داءُ پيچ کيڏي رهيون هيون تن جا مجازي مطلب هاڻي ڪجهه ڪجهه سمجهه ۾ اچي رهيا آهن. اڻ سڌي ريت کيڏندڙ پهلوان به هاڻي سڌا سامهون آيا آهن جو هو جيڪي ڪجهه چاهين ٿا تنهن جو اظهار جيڪڏهن شرمائيندڙ عاشقن وانگر ڪيائون ته گهڻي دير ٿي ويندي ۽ هنن وٽ جيئن ته ٽائيم لائين موجود آهي تنهنڪري هو دير افورڊ نٿا ڪري سگهن. ايئن به آهي ته هنن کي جيڪي گهرجي ٿو سو حاصل ڪرڻ لاءِ هنن کي ڪجهه ڏيڻو به پوندو. اوهين سوچيو، گذريل ڏيڍ ٻن سالن کان ميان نواز شريف ۽ آصف زرداري پريشان هئا ته هنن سان ڪير ڳالهائڻ لاءِ ئي تيار ڇو ڪونهي. انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون ۽ ان سان گڏ بي يقيني به پوري ٿي. هاڻي ساڻن ڳالهايو پيو وڃي ۽ ويجهي مستقبل ۾ ڳالهه ٻولهه جو رشتو ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين ڪم نٿو نڪري ۽ ڪاڳر نٿو ڦاٽي.

فوجي ڪورٽن جي مشروط حمايت جو اشارو ڏيڻ کانپوءِ هاڻي نواز ليگ کي اندازو ٿيو آهي ته هنن ڪجهه تڪڙ ڪري ورتي آهي. پيپلز پارٽي سينيئر ليڊرن جي اجلاسن کان پوءِ اهو چوندي پئي آئي آهي ته اها فوجي ڪورٽن جي حمايت نه ڪندي. واري واري سان فرحت الله بابر ۽ بلاول ڀٽي به انهن ڪورٽن جي حمايت نه ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. ڏٺو وڃي ته ميان شهباز شريف جي ڀيٽ ۾ آصف زرداري بلف ماسٽر آهي. هو ڄاڻي ٿو ته ڪورٽن جي مخالفت ڪيڏي برڪت آهي. پيپلز پارٽيءَ جي مخالفت کي ڏسندي شايد نواز ليگ به ٻه وکون پوئتي موٽي اچي ۽ ايئن ڌر ڌڻي پريشان ٿي اگهه پار ڪرڻ شروع ڪن ته ”بتا تيري رضا ڪيا هي.“ زرداري هاڻي ڪجهه مطمئن آهي جو مس مس وڃي مالڪن کيس وٺ ڏني آهي. آصف زرداريءَ جي سياست کي سمجهندڙن کي خبر آهي ته هن پاران ڪورٽن جي مخالفت ڪو لوهه تي ليڪو ڪونهي. جيڪڏهن هن کي پنهنجو لال لڌو ته هو ”وسيع تر قومي مفاد ۾ ڪڙو ڍڪ پيئڻ“ وارو محاورو ورجائيندو ۽ ڳالهه هڪ پاسي ٿي ويندي.

P-01

هتي ماڻهن جي يادگيري هونئن ئي هڪ بريڪنگ نيوز کان ٻي بريڪنگ نيوز جي وچ واري وٿيءَ جيتري آهي.ڪجهه عرصي کان پوءِ ڪير ان ڳالهه جو پڇاڻو ڪندو ته پيپلز پارٽي هيئن ڇو ڪيو؟ هر ڪو ڄاڻي ٿو ته اهڙو ڇا آهي جيڪو پيپلز پارٽيءَ نه ڪيو آهي يا ڪري نٿي سگهي.نئين مهرباني به ان ڊگهي لسٽ ۾ شامل ٿي ويندي.

لڳي ايئن ٿو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت هر گذرندڙ ڏينهن پوئتي هٽندي irrelevant ٿيندي پئي وڃي. جيتوڻيڪ گهوٽ هو پاڻ آهن پر پوءِ به هو ايئن ايڪٽ ڪري رهيا آهن ڄڻ ڪنهن بيگاني جي شاديءَ ۾ آيل هجن.  خان سرڪار جي باري ۾ سمورا تجزئي نگار هاڻي جنهن هڪ لفظ تي متفق نظر اچن ٿا سو آهي:Incompetence  يعني نااهلي ۽ سا به انتها درجي جي نااهلي. جيڪي پارٽيون ۽ ليڊر هنن جي گڏيل حڪومت ۾ اچي ڀائيوار ٿيا آهن تن کي به لڳي ٿو ته هڪ ته هنن وڏي خواري کڻي اهو گهاٽي جو سودو ڪيو آهي ۽ ٻيو ته هنن کي ته پنهنجي پارٽنرز جي به عزت ڪرڻ ڪانه ٿي اچي. مثال طور خان سرڪار سينيٽ جي هڪ سيٽ جي لالچ ۾ اچي عطاءُالله مينگل سان ڪيل واعدو نه پاڙيو، نتيجي ۾ هو سرڪاري سيٽن تان اٿي اچي اپوزيشن بينچن تي ويهي رهيو آهي. هنن طئي ٿيل فارمولي جي خلاف ورزي ڪندي مسلم ليگ (ق) جي مونس الاهيءَ کي وفاقي وزارت ڪانه ڏني ته مسلم ليگ (ق) پنجاب سرڪار ۾ پنهنجي واحد وزير حافظ عمار ياسر کان استعيفي ڏياري ڌڻين تي دٻاءُ وجهڻ شروع ڪيو. مٿان وري فواد عرف فساد چوڌري اهو چئي چوڌري شجاعت ۽ مونس الاهيءَ کي ناراض ڪيو ته اها تحريڪ انصاف جي مهرباني آهي جو ان مسلم ليگ (ق) ۾ فارورڊ بلاڪ ڪونهي ٺهرايو. هو جنهن مهل چاهين مسلم ليگ (ق) ۾ فارورڊ بلاڪ  ٺهرائي سگهن ٿا.

مسلم ليگ (ق) جنهن جي اڳ ئي پنجاب جي چيف منسٽريءَ تي نظر آهي، تنهن هاڻي تحريڪ انصاف کان پنهنجي چئن ضلعن تي پورو ڪنٽرول طلب ڪيو آهي. اهي چار ضلعا آهن گجرات، بهاول نگر، اٽڪ ۽ چڪوال. اطلاع آهن ته تحريڪ انصاف اهو مطالبو مڃي ورتو آهي جنهن جي نتيجي ۾ انهن چئن ضلعن ۾ ترقياتي فنڊ، انتظامي بدليون ۽ مقرريون ۽ ٻيا اهڙا ڪم مسلم ليگ (ق) جي حوالي هوندا. هاڻي کان انهن ضلعن ۾ تحريڪ انصاف جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز اپوزيشن وارن وانگر روئي رهيا هوندا. مسلم ليگ (ق) انهن چئن ضلعن ۾ موجود پنهنجي تڪن اندر ڪم ڪرائي مستقبل جي اليڪشن لاءِ سيٽون پڪيون ڪرڻ چاهي ٿي.

ٻئي طرف ايم ڪيو ايم به ان مطالبي کي ايڪسيلريٽر ڏنو آهي ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ سندن سيل ڪيل آفيسون انهن حوالي ڪيون وڃن. ايم ڪيو ايم جي ته تباهي ئي تحريڪ انصاف لاءِ ٿي آهي يا ايئن چئجي ته ڪئي وئي آهي. پهريان ڪراچيءَ مان ايم ڪيو ايم جون سورهن کن سيٽون ڦري تحريڪ انصاف کي ڏنيون ويون، ان کان پوءِ حڪم ٿيو ته باقي جيتري به سگهه ايم ڪيو ايم وٽ بچي آهي تنهن سميت تحريڪ انصاف جي حڪومت جي حمايت ڪريو. هي زبردستيءَ جي شادي آهي سا به ان سان جنهن ايم ڪيو ايم کي شديد نقصان ڏنو آهي. ايم ڪيو ايم هن رشتي ۾ ڪيتري خوش هوندي، اهو سڀڪو سمجهي سگهي ٿو.

P-02

هاڻي اصل مالڪن کي به شايد حڪومت جي نااهليءَ جو اندازو ٿي ويو آهي جو اهي تجزئي نگار جيڪي هنن جا خودساخته ترجمان بڻيا پيا هلندا هئا تن به تقريبن هڪ ئي وقت گڏيل يو ٽرن وٺي حڪومت جي مخالفت وارو راڳ شروع ڪيو آهي. ايئن ڇو ٿيو آهي؟ امڪان ان ڳالهه جا آهن ته اصل مالڪن پنهنجي تجزئي کي درست ڪندي ان سوچ تحت يوٽرن ورتو آهي ته سڄي ڪل ڪائنات تحريڪ انصاف کي نه سمجهڻ گهرجي. انگريزي محاوري موجب سمورا انڊا هڪڙي باسڪيٽ ۾ رکڻ نقصان ڏيئي سگهي ٿو.  عمران خان پاڻ ته حڪومت ۾ آيو ڪونهي جو هن کي احساس هجي ته مخالف ڌر جي پارٽين ۽ ووٽن جي ڪا اهميت هجي ٿي. پر اصل مالڪ عمران خان جيترا بي وقوف ڪونهن. هنن کي ته احساس آهي ته کين مخالف ڌر جي پارٽين جي حمايت جي ضرورت آهي. جيڪڏهن سڄي دنيا سان ڦٽائي عمران خان کي ڪرسيءَ تي به هو پاڻ ويهارين، ان کان پوءِ ان ڪرسيءَ کي جيڪي خطرا درپيش آهن تن جو تدارڪ به هو ئي ڪن ته پوءِ خان ڇا ڪندو؟ نتيجي ۾ ميڊيا کي اشارو مليو آهي ته هاڻي گهٽ ۾ گهٽ خان سرڪار جي باري ۾ ميڊيا جي بولتيءَ تي ڪا بندش ڪانهي.

هوا جو رخ مٽيو آهي ته پهريون ڀيرو عمران خان جي بولتي پاڻهي بند ٿي وئي آهي. هڪ پاسي هن کي اندازو ٿي ويو آهي ته ڌر ڌڻي چاهين ٿا ته اسان جي آڱر ڇڏي پاڻ هلڻ سکي ۽ ٻئي پاسي هن جي چوڌاري سندس پنهنجي واعدن جي ڦٽاڪن جو انبار آهي جنهن مان ٿوري ٿوري دير ۾ ڪونه ڪو ڦٽاڪو ڦاٽندو رهي ٿو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو