Home / اسپيشل افيئر / سنڌ ڪلچر ڊي:  ڪوڙو تون ڪُفرسين…!
above article banner

سنڌ ڪلچر ڊي:  ڪوڙو تون ڪُفرسين…!

فدا حسين شيخ

Fida Hussain Shaikh

“افيئر” جي 30- نومبر 2018ع واري شماري ۾ عاجز جمالي جو مضمون “اچو ته امر جليل کي سنگسار ڪريون” پڙهيم. تڏهن خبر پئي ته سنڌي قوم سجاڳي جي آخري منزل تي پئي لامارا ڏي. خبر ناهي ته سوشل ميڊيا جي اهڙي انقلابي روش جو مواد ڪهڙو آهي، هن ڇا چيو ۽ اعتراض ڪهڙو هڻن جو آءٌ فقيري طبيعت سبب اڳيئي گهر جي ڪنڊ جهليو پيو روئندو آهيان، نه اهڙا وسيلا آهن ۽ نه انهن کي استعمال ڪري ڄاڻان پر پنهنجي بيوقوفي جي بنياد تي ٿورو گهڻو اندازو ڪري سمجهيم ته “ڪاڪا آچار” جي قوم پهريون ڀيرو ڪا عقل جي ٻانگ ڏيندي سنڌ جي ساڌو ۽ فقير منش ليکڪ “امر جليل” جي ضرور ڪا اهڙي چوري پڪڙي وڌي آهي جيڪا سندن برداشت کان مٿاهين آهي جنهن ڪري مٿس تير اندازي پئيڪري.

اهڙي تير بازي تي قلم کڻڻ ڪنهن مست الست کي ته بلڪل نه جڳائي پر ڳالهه نڪري پئي آهي ته پوءِ “يارن لاٿي رڻ جهڻ ساڍا روح به نه رهيا” جي مصداق دِلي مان ڪلاڪ اڌ منهن ڪڍڻ ضروري سمجهيم ۽ اهڙي مشڪري ڊي تي پنهنجي قوم کي واڌايون ڏيڻ به مناسب سمجهيم ته متان سنڌي ماڻهو ميار ڏين ته موالي نشي ۾ آهن. بقول سنڌ جي ڀلوڙ شاعر “سيد احسن الهاشمي”

ٻڌم اڄ ساقناني ڪوچي ۾، دلدار اٽڪي پيا

ويٺا هئا اڳيئي حياتي کان، بيزار اٽڪي پيا.

سو انهيءَ کان اڳ ۾ جو مشڪري يا ڪلچر ڊي جي وضاحت ۾ پوان پهرين“ڪاڪا آچار” جيڪو سنڌ جو وڏو ڏاهو هو انهي جي عقل جي جوهر جو هڪ مثال پيش ڪري اڳيان وڌان ٿو. “چون ٿا ته ڪجهه ماڻهن پهريون دفعو ڏيڏر ڏٺو ته پريشان ٿي ويا ته آخر هي آهي ڇا سو وٺي ڀڳا انهي وقت جي وڏي ڏاهي قاضي ڪاڪي آچار ڏانهن ته جيئن معاملو حل ٿئي، قاضي صاحب پاڻ پنهنجي سر واردات ڏسڻ آيو پر جڏهن Collective wisdom ڪم نه ڪيو ته پهريان کلڻ شروع ڪيائين ۽ پوءِ روئڻ. ماڻهن حيران ٿي پڇيس پهريائين کليا ٿي ۽ هاڻ روئو ٿا، آخر مسئلو ڇا آهي؟ قاضي (ڪاڪي آچر) وراڻيو ته بابا کلان انهي ڪري ٿو ته جي آءٌ مري ويس ته اوهان کي ڪير ٻڌائيندو ته هي ڪهڙو جانور آهي ۽ روئان انهي ڪري ٿو ته مونکي پاڻ پتو ڪونهي ته اهو ڇا آهي، منهنجي خيال ۾ سنڌي ۾ چوندا آهن ته ٽٽوءَ کي ٽارو تازي کي اشارو ڪافي آهي، باقي ڪلچر يا مشڪري ڊي واري مهم کي هر ڪو پنهنجي اک سان ڏسي ته بهتر ٿيندو.

.P-01

هونئن به جيڪا قوم چور، ڌاڙيل ۽ ڳنڍي ڇوڙ کي مهان سياستدان ۽ ليڊر سمجهي چاليهن سالن کان جئي جئي آوي آوي سان پئي ڪري پر جيڪو سنڌ جي حقن خاطر سڄا سارا ٽيهه سال جيل ڪاٽي قيدي جي حيثيت ۾ وڃي ڀونءِ داخل ٿئي انهي جي جنازي نماز ۾ به شريڪ نه ٿئي، انهن جي عقل جي اڏام تي جيترو گهٽ ڳالهائجي ايترو ئي بهتر پوءِ اهڙي صورتحال ۾ صرف مسخرن لاءِ ميدان ئي خالي رهڻو آهي جو منجهن غلامي ۽ آزادي جو فرق ڪرڻ جي توفيق رب تعاليٰ سلب ڪري ڇڏيندو آهي ۽ اجتماعي ڏاهپ جو درس ڏيندڙ عزت ۽ ذلت ۾ فرق ڪرڻ کان وانجهيل هوندا آهن، هنن جي اڏام، ڪاوش ۽ ڪوشش سڀ پنهنجي ڌنڌي وڌائڻ ۽ ڪمائڻ لاءِ هوندي آهي. بهتر ايئن هو ته امر جليل صاحب هٿ ڪنگڻ کي آرسي نه ڏيکاري ها. پر جي اهڙي جرئت جو مظاهرو ڪيو اٿس ته ست بسم الله جي آيانون. بدنيتي واري ڪاوش ۽ ڪوشش کي ڌرتي ڌڻي سڀ گڏجي اگهاڙو ڪن جو آءٌ ايمانداري سان انهي ڏينهن کي اسان جي ڪلچر جي روايتن جي ابتڙ سمجهان ٿو جو اسانجو ڪلچر دولهه دريا خان، دودي سومري ۽ 1968ع واري قومي تحريڪ کان وٺي ميلن ملاکڙي سان ڀرپور آهي ته پوءِ ڏچر ڏينهن عرف ايڪتا جي آڙ ۾  ڪنهن جو ڪم پيو ٿئي. سنڌ جو يا سنڌ دشمنن جو؟

هاڻ اچو ته ڏسون اصل ۾ ڪلچر آهي ڇا؟ ڪلچر لفظ انگريزي ٻولي جو آهي جنهن جو ترجمو سنڌي ٻولي ۾ ممڪن ئي نه آهي جو هي گهڻرکو لفظ آهي. هن ۾ هر آزاد قوم جون مجموعي خاصيتون يا جهول اچي وڃن ٿا. مطلب ته قوم جي اٿڻي ويهڻي، رسم رواج، عادتون، اتوار، خوشيون غميون، رهڻيون ڪهڻيون، منفي مثبت رويا، بهادري، بزدلي، امن، جنگ، گيت، سنگيت ٽپڻ جو نالو نه آهي پر هندستاني موسيقي جو بنياد آهي، گيت، وادن ۽ نرتڪ ٽيئي ملڻ گڏهن ٿيندي سنگيت. خوشحالي، بدحالي، آبادي، زراعت، گهر گهاٽ، ٿانو ٺڪر، هنر، ڌنڌا، ٻڌي يا اٻڌي، ڳالهيون پروليون، رانديون رونديون، ساز آواز، ميلا ملاکڙا، عيدون برادون، ڍنڍون درياهه ۽ ٻيلا، مال، ڍور ڍڳا، وسنديون، چرچا، خرچا شاديون مراديون، انهن سڀني کي ملائبو ته ڪلچر وڃي ڪا شڪل بيهندي پر منهنجي ادنيٰ راءِ ۾ جيڪڏهن ڪا قوم ڪلچر رکڻ جي دعويٰ ڪري ٿي ته ٻه ڳالهيون اشد ضروري آهن. هڪ ٻولي سلامت هجي، وڌندڙ ويجهندڙ هجي، ٻيو زراعت ترقي جا رستا طئي ڪندي هجي پر جي ٻيئي ٻولي ۽ زراعت تنزلي طرف گامزن هجن ته پوءِ ماتم ڪرڻ گهرجي بجاءِ جو ايڪتا ۽ مسڪري ڏينهن ملهائي مظلوم قوم جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪجي.

اسانجي ڪسمپرسي جي حالت ته ڏسو جو سنڌ جي وڏن شهرن مان سنڌي ٻولي کي نيڪالي مليل آهي. اها ڪا مهاجرن يا پنجابين ڪو نه ڏني آهي، اسان سنڌين پاڻ ڏني آهي. ڪراچي ۾ آءٌ جنهن بلڊنگ ۾ رهان ٿو انهي ۾ سٺ فليٽ آهن ۽ گهٽ ۾ گهٽ چاليهه پنجيتاليهه فليٽ مادر زاد سنڌين جا آهن پر اسانجا ٻار اردو ٿا ڳالهائين، اسڪولن ۾ اردو ٿي پڙهائي وڃي، حڪومت لڳاتار سنڌين جي رهي آهي، وري سنڌ جي زراعت کي ختم ڪرڻ لاءِ پهريون وار سنڌو ندي تي ٻئي ڪنهن نه ڪيو پر اسانجي اقتدار جي بکيي ڀُٽي صاحب ۽ ٻيو بينظير صاحبه ڪيو جو ڀُٽي صاحب پنجاب کي چشما لنڪ کولي ڏنو، مائي سڳوري ٿل ڪئنال ٺاهي ڏنو، هاڻ ڀاشا ٺهي نه ٺهي پر اهو سڄو راڳ ڪالاباغ لاءِ آهي جو ضرور ٺهندو ۽ ڪو نه ڪو سنڌي گماشتو ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو ٺيڪو کڻي ايندو. مزي واري ڳالهه اها به آهي ته ڪلچر ڊي ملهائڻ وارا وڏي اڪثريت سان انهي سنڌ دشمن سنڌي ڪلچر دشمن پارٽي کي زالين مردين ووٽ ڏيندي ٿڪجن ئي ڪونه ٿا. مرشد لطيف اهڙن ڪردارن کي اجهو هينئن اجاگر ڪيو آهي:

“ڪوڙو تون ڪفر سين، ڪافر ۾ ڪوٺاءِ،

هندو هڏ نه آهين جڙيو تون نه جڳاءِ

تلڪ تنين کي لاءِ، سچا جي شرڪ سان.”

انهيءَ کان به وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ ڳالهه اها آهي ته اهو ڪوڙو ڪلچر ڊي ملهائڻ ۾ نمايان ڪردار مڊل ڪلاس جا ماڻهو ادا ڪن ٿا، جنهن ۾ واپاري، شاگرد، وڪيل، ڪلارڪ، استاد، آبادگار وغيره اچي وڃن ٿا. سياسي ماڻهو ان جو فائدو وٺندي وڃيو منهن ڪڍن پر هو انهي ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ ۾ يا پوءِ پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائين ته انهن سنڌ جي ڪهڙي خدمت ڪئي آهي، پنهنجو احتساب ڪو نه ٿا ڪن پر اها ئي بي ايماني، رشوت ۽ ڪوڙي ٺيڪيداري، داداگيري، ڀتا خوري، پاڻي چوري جي بازار گرم رکيو اچن ته پوءِ اهڙن منحوس ماڻهن، جيڪي پاڻ سنڌ جي ڪلچر تي هڪ ڪارو داغ آهن انهن کي سال جي ڪنهن هڪ ڏينهن تي ٻٽاڪون هڻڻ، نچڻ ٽپڻ، شوبازي، سستي شهرت حاصل ڪرڻ سان سنڌ جو ڪلچر توانو ٿيندو يا غرق ٿيندو. ڇا ڪجي “شرم تم ڪو مگر آتي نهين.” باقي ڪنهن فقير صفت ماڻهو تي ڦونڊارجڻ سان ڪو به فرق نه پوندو.

P-02

اهي اجتماعي ڏاهپ وارا سنڌ جي ڪلچر سان واقعي وفادار آهن ته پوءِ انهي لکين ماڻهن جي ميڙ کي سنڌو درياهه تي ڪو به ڊيم نه ٺاهڻ جو مطالبو ڪرڻ يا قرارداد پاس ڪرڻ تي ڪهڙو نانگ ٿو کائي. چشمه لنڪ ڪئنال ۽ ٿر ڪئنال بند ڪرڻ لاءِ آواز اٿارڻ لاءِ ڪهڙو پيٽ ۾ سور ٿو پوين، بابا رڳو ڌول ڌڪڙ وڄائڻ، هو جمالو ڳائڻ، رنين آهرين هنبوشي هڻڻ مان ڪجهه به نه ورندو، ڪينسر جو مرض زڪام جي دوا سان ٺيڪ نه ٿيندو، رهندو وڌندو. اوهان کي جي ايترو سنڌ ماءُ جو لاچار آهي ۽ حلالي پٽ ٿيڻ جو گمان اٿو ته ماتا سان مشڪري ڊي بند ڪري صرف سنڌ جا مسئلا حل ڪرايو، هڪ پاڻي جو ٻيو تعليم جو، اهي جيڪي وزير وڙا اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پائي اچي هنبوشيون هڻن ٿا انهن کي ٽوپي هٿ ۾ ڏيئي اجرڪ چيلهه تي ٻڌي روانو ڪريو ته پهريائين شهرن ۾ سنڌي جو سبجيڪٽ لازمي ڪرايو، سنڌو ندي تان قبضا ختم ڪرايو پوءِ هيڏانهن منهن ڪريو جيڪڏهن ايئن ڪري وڃو پوءِ ڀلي اوهان فقير منش امر جليل تي ڪاوڙ ڪڍو نه ته جيئن مست الست امر جليل صحيح سمجهي ٿو انهي تي تنقيد جو ڪو به حق ڪنهن جو به نٿو ٺهي. پنهنجي هيروز کي عزت ڏيئي نٿا ڄاڻو ته گهٽ ۾ گهٽ کين بَد شد به نه چئو ۽ اهو هش ۾ خوش رهڻ جو سبق پاڻ وٽ ئي رکو.

“هيءُ منهن ڏيئي ٻن، تون وهه کائي نه مرين،

هي جي ملير ڄايون، توسين سڱ نه ڪن،

تون ڪيئن منجها تن، پاڻ ڪوٺائين مارئي.” (شاهه)

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو