Home / ايڊيٽوريل / ٿئي ڇا پيو؟
above article banner

ٿئي ڇا پيو؟

Title 31-Dec-2018

ڪا خبر ناهي! 2012ع ۾ عمران خان لاهور ۽ ڪراچي ۾ ٻه وڏا جلسا ڪري ملڪي سياست جي بيٺل پاڻي ۾ پٿر اڇلايو هو. ٻه وڏيون پارٽيون، پ پ ۽ نواز ليگ 1988ع کان (سواءِ مشرف جي مارشل لائي وقفي جي) واري واري سان ملڪ تي حڪومت ڪنديون رهيون هيون جن کي عمران خان جي جماعت هر بُرائي جي پاڙ ڪوٺيندي هڪ نئين سوچ ۽ نظرئي سان ميدان تي لٿي هئي. 2013ع جي چونڊن ۾ کين جيڪي ووٽ مليا سي پ پ ۽ نواز ليگ جون ننڊون ڦٽائڻ لاءِ ڪافي هئا. 2013ع  جي عام چونڊن ۾ پ پ توڙي نواز ليگ جي مک اڳواڻن جي گهرن جا ٻار توڙي عورتون کليو کلايو عمران خان جي حمايت ۾ نڪتا هئا. ڪراچي ۾ تحريڪ انصاف ايم ڪيو ايم جي ڳڙهه سمجهيو ويندڙ تڪن مان جيڪي ووٽ کنيا سي ايم ڪيو ايم جي لنڊن واري ليڊر جون ننڊون ڦٽائڻ جو سبب بڻيا جو نتيجي ۾ دنيا ڏٺو ته چونڊن جي ٽن ڏينهن کانپوءِ الطاف حسين نائن زيرو تي گڏ ٿيل ايم ڪيو ايم ليڊرن ۽ ڪارڪنن آڏو روئيندي اها شڪايت ڪئي ته عمران خان کيس گهٽ وڌ ڳالهائي ٿو پر پوءِ به کيس ڪراچي ۾ ووٽ مليا آهن ۽ پوءِ لائيو رڪارڊنگ ۾ ڪارڪنن فاروق ستار، واسع جليل ۽ ٻين ايم ڪيو ايم ليڊرن کي ڪُٽڻ شروع ڪيو. اها هئي 2013ع جي تحريڪ انصاف.

2018ع ۾ نيٺ تحريڪ انصاف کي اقتدار مليو .ان وچ ۾ تبديلي جو هوڪو ڏيندڙ تحريڪ انصاف پاڻ تبديلي جو سفر شروع ڪيو:”ڪرسي ڪي لئي ڪُڇ ڀي ڪريگا!!“ کڻي جو تحريڪ انصاف جي 2012ع جي جلسن کان ستت پوءِ اهي الزام لڳڻ شروع ٿيا هئا ته جنرل پاشا اڄڪلهه عمران خان جو مرشد ۽ مددگار آهي پر 2014ع ۾ طاهر القادري جي جوڙ ۾ سندس اسلام آباد جو ڌرڻو سڀ شڪ ۽ گمان لاهي ويو. شڪر آ جو اسٽيبلشمينٽ ورهايل هئي نه ته 2014ع ۾ هڪ نئون مارشل لا لڳندي ڏسون ها. اهي ته هاڻي خبرون پون پيون ته پلان موجب عمران خان ۽ طاهر القادري کي گڏجي ايترو هل هنگامو ڪرڻو هيو جو سياسي دٻاءُ ۾ اچي نواز شريف پنهنجي کل بچائڻ لاءِ فوج جي سربراهه، جنرل راحيل شريف کي گهر موڪلي ۽ نتيجي ۾ سندس ان عمل کي بهانو بڻائي ٻيا جنرل وري نواز شريف کي گهر موڪلي پاڻ ملڪ جا مالڪ ٿي ويهي رهن ها. ان ونگار ۾ عمران خان کي ڇا ملي ها سا پڪي خبر ناهي. شايد ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جو سربراهه ٿئي ها.ير، اها تحريڪ انصاف جيڪا ملڪ ۾ چڱائي چاهيندڙن لاءِ هڪ اميد جو ڪرڻو هئي سا اسٽيبلشمينٽ جي اشارن تي هلندڙ جماعت ٿي سامهون آئي. سياستدانن کي چور ۽ هر بُرائي جي پاڙ ڪوٺڻ اڌ سچ آهي. سڄو سچ اهو آهي ته ملڪ ۾ جيڪي به معتبر سياستدان هئا تن کي ماضي جي آمرن سياسي عمل مان ڪڍي ٻاهر ڪيو ۽ سندن متبادل طور جيڪي سياستدان آندا سي جڏهن اسٽيبلشمينٽ جي اشارن تي نچڻ جي عمر مان ٽپي پختا ٿيا ته اسٽيبلشمينٽ کين چور سڏي نوَن سياستدانن جي کيپ تيار ڪرڻ چاهي ٿي. مڪمل سچ اهو آهي ته سمورين ڪمزورين ۽ خرابين جو علاج سياسي نظام کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ ڏيڻ ۾ آهي. سڄو سچ اهو به آهي ته جي سياستدان چور آهن ته فرشتو به ڪوئي ناهي.تحريڪ انصاف جو اڌ سچ کين ووٽ ته ڏياري سگهيو پر تمام جلد پڪڙجي به پيو.

حقيقت اها هئي ته ملڪ جن بحرانن کي منهن ڏيئي رهيو آهي تنهن جو سبب سياستدانن جون خرابيون ناهن. ملڪ جي اڇي ڪاري جي مالڪ اسٽيبلشمينٽ پنهنجي پاليسين سبب ملڪ کي آڻي اُتي بيهاريو آهي جو هر ماڻهو مُنڌل آهي ته ملڪ جو ڇا ٿيندو؟هڪ مونجهه اها آهي ته؛ دوست ملڪن جي مدد سان پيرن تي بيهنداسين يا آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻو پوندو؟ ٻي مونجهه اها آهي ته ڇا تحريڪ انصاف جنهن ارڙهين آئيني ترميم کي برائي جي پاڙ سڏي ٿي تنهن ارڙهين آئيني ترميم کان اڳ ملڪ ۾ کير ۽ ماکيءَ جون نديون وهنديون هيون ڇا جو هاڻ پِنون پيا؟ ٽين مونجهه اها آهي ته نريندر مودي کي مرحبا چوندڙ نواز شريف غدار هيو ته کيس ڳالهين لاءِ منٿون ڪندڙ عمران خان ڪيئن محب وطن ٿيو؟ چوٿين مونجهه اها آهي ته جي مذهبي انتها پسندي پاڪستان لاءِ خراب آ ته پوءِ افغانستان ۾ روز دهشتگرد ڪارروايون ڪندڙ انتها پسند ڪيئن ”سٺا طالبان“ آهن؟

حڪومت کي آئي پنج مهينا ٿي ويا آهن. ان سڄي عرصي ۾ جيڪي به فيصلا ٿيا سي اڪثر واپس وٺڻا پيا. ملڪ ۾ پيسو ڪونهي، قرض جا آسرا آهن. جيڪو مليو سو کائي کپائي ڇڏيوسين. پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا هڪ مهيني جي امپورٽ جيترا مس بچيا آهن. ڊالر آسمان تي ۽ پئسو پٽ تي. ٻي مهانگائي پنهنجي جاءِ تي، هاڻ دوائون به مهانگيون ڪيون ويون آهن. معنيٰ غريب ماڻهو سئولو مري به نه سگهندو. ان سڄي لقاءَ ۾ رڳو اسان نه پر هر ماڻهو جي ذهن ۾ هڪ ئي سوال اچي ٿو ته ٿئي ڇا پيو؟ جواب شايد تحريڪ انصاف جي اڪابرن وٽ به نه هجي. نظر ته ايئن ٿو اچي ته کين تخت تي ويهاريندڙن سندن هيٺان تخت سورڻ شروع ڪيو آهي. کانئن غلطين مٿان غلطيون ڪرايون پيون وڃن. ڪٿي ايئن ته ناهي ته ملڪ جو اهو طبقو جيڪو آمريت بدران جمهوري سرشتي جو ته حامي آهي پر نواز ۽ زرداري بدران عمران خان جهڙو نالي ۾ نهال صاف سٿرو ماڻهو تخت تي ويٺل ڏسڻ چاهي پيو تنهن جي نظر ۾ عمران خان کي به ڪيرائي هڪ نئون سياسي سيٽ اپ آڻڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو