Home / اسپيشل افيئر / ڍنڍون: موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ فطري حل
above article banner

ڍنڍون: موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ فطري حل

ناصر علي پنهور

Nasir Panhwar

 ڍنڍن جو عالمي ڏينهن هر سال 2 فيبروري تي ملهايو ويندو آهي. 2 فيبروري 1971ع تي ڍنڍن جو عالمي معاهدو “رامسر ڪنوينشن” گڏيل قومن پاران ايران جي شهر رامسر ۾ پاس ڪيو ويو ۽ ان ڏينهن جي مناسبت سان ڍنڍن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هر سال 2 فيبروريءَ تي ڍنڍن جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو. هن سال جو موضوع آهي ڍنڍون ۽ موسمي تبديليون. گذريل 35 سالن ۾ سڄي دنيا ۾ آفتن ۾ واڌ ٿي آهي جن ۾ 90 سيڪڙو آفتون پاڻيءَ سان لاڳاپيل آهن.

گرين هائوس گئسون جيڪي موسمي تبديلين جو اهم ڪارڻ آهن تن کي گهٽائڻ ۾ ڍنڍن جو اهم ڪردار آهي، پاڻي جي حوالي سان ڍنڍون مختلف حوالن سان اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. ڍنڍون پاڻيءَ کي ذخيرو ڪرڻ، ضرورت وقت پاڻي جي فراهمي، پاڻيءَ جي وهڪرن کي بحال رکڻ ۽ حياتيءَ لاءِ گهربل پاڻي مهيا ڪن ٿيون، پاڻيءَ جي انتظام ۽ سمنڊ جي سطح ۾ واڌ سبب اڄ دنيا ۾ پاڻي جي صورتحال تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي. ماحولياتي فطري نظام طبعي، ڪيميائي ۽ بايو لاجيڪل عنصرن تي مشتمل آهي جيڪو ڍنڍن جي جوڙ جڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ جنهن جي ڪري ئي ڍنڍن مان مختلف ماحولياتي فائدا حاصل ٿين ٿا.موسمي تبديلين جي بين الحڪومتي پينل اها   اڳڪٿي ڪئي آهي ته موسمي تبديلين جي ڪري پاڻي جي وسيلن ۾ کوٽ ٿيندي، پاڻيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف شعبن جي وچ ۾ مقابلي جي ڪيفيت پيدا ٿيندي، مٺي پاڻي جي جيوت ۾ گهٽتائي ٿيندي ۽ سامونڊي چاڙهه ۾ اضافو ٿيندو. اهڙي صورتحال ۾ کنيل قدم ڍنڍن لاءِ مثبت به ٿي سگهن ٿا ته منفي به. مثال طور هائڊرو پاور ۽ بائيو فيول ۾ واڌاري جي ڪري ڍنڍن جي وجود کي خطرو ٿي سگهي ٿو. پاڻي جي اهڙي انتظام جنهن سان پاڻيءَ جي وهڪرن ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي ۽ ان سان ڍنڍن ۾ موجود نباتات ۽ حيوانات جا قسم گهٽ ٿي سگهن ٿا.

P-01

انساني آباديءَ لاڻي پاڻي جون وڌندڙ ضرورتون ۽ موسمي تبديلين جي ڪري برساتن ۾ کوٽ سبب ڍنڍن تي دٻاءُ ۾ واڌارو ايندو، جيئن جيئن آبادي ۾ اضافو ٿيندو تيئن پاڻيءَ جي واهپي ۾ واڌ ايندي ۽ آبي گدلاڻ پڻ وڌندي. عالمي سطح تي 1996ع کان 2013ع تائين پاڻي جي کپت ۾ اضافو ٿيو آهي، خاص ڪري زرعي شعبي ۾، جيڪو 92 سيڪڙو پاڻي استعمال ڪري ٿو.

ڍنڍن جي وجود کي اڄ وڏا خطرا آهن. جنهن ۾ زمين جي استعمال ۾ تبديلين ۽ گدلاڻ جي ڪري ڍنڍن جي طبعي صورتحال ۾ تبديلي اچي رهي آهي. ڍنڍن جي بهتر استعمال لاءِ ضروري آهي ته موثر پاليسي ۽ انتظامي ڍانچو ٺاهيو وڃي ته جيئن ڍنڍن جي تباهي جي بنيادي ڪارڻن کي منهن ڏئي سگهجي ۽ ان لاءِ مقامي، علائقائي ۽ قومي سطح تي بهتر حڪمراني جو هجڻ لازمي آهي ته جيئن ڍنڍن جي وڌيڪ تباهي کي نه رڳو روڪيو وڃي پر تباهي جي ان رجحان کي پوئتي ڌڪڻ لاءِ عملي قدم کڻي سگهجن.

پاڪستان ۾ ڪيتريون ئِي ڍنڍون تباهه ٿي چڪيون آهن جنهن جي مکيه سببن ۾ ڍنڍن جو غير پائيدار استعمال، صنعتي ۽ شهري گندي پاڻي جو ڍنڍن ۾ ڇوڙ ۽ مسلسل ڏڪار شامل آهن. پاڪستان رامسر معاهدي جو حصو آهي ۽ ان سلسلي ۾ رامسر جي ڏنل اصولن تي عمل ڪندي ڍنڍن جو تحفظ ممڪن بڻائي سگهجي ٿو.

صنعتي ترقي کان پوءِ پيدا ٿيندڙ ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ 19 هين صديءَ ۾ ئي ماحولياتي فطري نظام جي انتظامڪاري کي روايتي ثقافتن توڙي ماحولياتي پاليسين ۽ قانونن ۾ شامل ڪيو ويو. صنعتي دور ۾ به انساني ڀلائي ۽ ترقي فطرت تي دارو مدار رکي ٿي. جيتوڻيڪ گذريل ٽيهن سالن ۾ ڍنڍن جي ماحولياتي اهميت وڌي آهي پر اڃا به ڍنڍن کي معاشي پاليسي ۾ مڪمل طور شامل ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج آهي جنهن جي لاءِ ضروري آهي ته فيصله ساز ادارن توڙي سول سوسائٽي کي ڍنڍن جي اهميت بابت مسلسل تعليم ۽ آگاهي ڏيڻي پوندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو