Home / اسپيشل افيئر / 1940ع وارو ٺهراءُ: سنڌ کي ڪيئن ڦاسايو ويو؟
above article banner

1940ع وارو ٺهراءُ: سنڌ کي ڪيئن ڦاسايو ويو؟

زاد قاضي

Azad Qazi

 اڄ ڪلهه 1940ع واري قرارداد لاهور جو چوٻول آهي جنهن کي بعد ۾ قرارداد پاڪستان قرار ڏنو ويو، ان جي صداقت جو اندازو ان ڳالهه مان به ڪرڻ گهرجي ته ان قرارداد ۾ پاڪستان نالي ڪنهن رياست جو ذڪر ئي نه ڪيو ويو هو، انڪري اها ڪافي عرصي تائين قرارداد لاهور سڏبي رهي. اڳتي هلي پنجابي سياستدانن ۽ سندن قبضي گير اتحادي ڌرين محسوس ڪيو ته ان قرارداد کي لاهور تائين محدود رکڻ بدران ان کي قرارداد پاڪستان ظاهر ڪري، ان تي منصوبابندي هيٺ شامل تاريخي قومن جي جداگانه سڃاڻپ واريون جيڪي حقيقتون آهن انهن کي مليا ميٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهندي ۽ گڏيل قومي مفادن جي نالي ۾ ٻين کي آرام سان استعمال ڪري سگهبو. اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ڪري، رنجيت سنگهه جو گريٽر پنجاب وارو تصور پورو ٿي ويندو.

ياد رکڻ گهرجي ته جنهن دور ۾ سنڌ کي بمبئي کان آزاد ڪرائڻ واري جدوجهد هلي پئي، ان وقت به دور رس پنجابي سياستدانن، انگريزن ۽ ڪن ڏيهي سياستدانن معرفت ان مطالبي کي هٿي وٺرائي هئي ته سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪري پنجاب سان شامل ڪيو وڃي نه رڳو اهو پر ڌار صوبي ٿي وڃڻ کان ٽي سال پوءِ سنڌ جي بمبئي کان آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندڙ مسلم ليگي اڳواڻ محمد ايوب کهڙي 21 آڪٽوبر 1939ع تي جناح صاحب کي لکيو ته:

“گذارش ٿي ڪجي ته وائسراءِ کي مسجد منزل گاهه بابت سنڌ جي مسلمانن جي جذبات ۽ سنڌ حڪومت جي مسلمان رويي جي باري ۾ آگاهه ڪندا ۽ ان ۾ سندس مداخلت بابت زور ڀريندا ۽ اهو پڻ مطالبو ڪندا ته سنڌ کي پنجاب سان ملايو وڃي.” (سنڌ جي خودمختياري ۽ جاگيردارن جي موقعي پرستي ص 440)

P-01

محب وطن سنڌي سياستدانن جي ڪوششن ڪري، سڌي طرح سنڌ پنجاب جي حوالي ڪا نه ٿي ته وڏي اٽڪل سان گهمائي ڦيرائي آخرڪار ان کي پنجابين پنهنجي تيار ڪيل پنجوڙ ۾ ڦاسائي ورتو، ڦاسايائون به اهڙو جو ان سرڪڻ ڦاهيءَ ۾ پنهنجو پاڻ رضا خوشيءَ سان ڪنڌ ڏيڻ وارو حوالو به حاصل ڪري ورتائون. ان جي شروعات 23 مارچ 1940ع تي منٽو پارڪ لاهور ۾ ٿيل ان جلسي سان ٿئي ٿي جنهن ۾ قرارداد لاهور پيش ڪئي وئي هئي جنهن کي بعد ۾ قرارداد پاڪستان طور ظاهر ڪيو ويو. اها هڪ اهڙي قرارداد هئي جنهن جي متن ۽ مقصد بابت اڄ تائين اتفاق راءِ ٿي ڪو نه سگهيو آهي. اتفاق راءِ ٿئي به ڪيئن، ان وقت ئي ڪا به ڳالهه واضح طور ڪئي ڪانه وئي هئي. سنڌ لاءِ ته چون ٿا ته ان قرارداد پاس ڪرائڻ ۾ حصو ورتو هو، برابر ڦاٿي کان پوءِ ڦٿڪڻ ڪهڙو! پر پختون خواهه ۽ بلوچستان ته ان ۾ شامل ڪو نه هئا، انهن تي ڪيئن نه فوج ڪشي ڪري، هيسائي زوريءَ شامل ڪيو ويو، اهو به تاريخ جو حصو آهي پر پوءِ به جيڪي ٿي ويو ان ڳالهه کي قبول ڪندي شيخ عبدالحميد سنڌي، سائين جي ايم سيد، عبدالصد خان اچڪزئي ۽ شهزادي ڪريم جهڙا محب وطن پهرئين ڏينهن کان 1940ع واري قرارداد تي ايمانداريءَ سان عمل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا پر کين الزام تراشين ۽ غداريءَ وارين فتوائن کان سواءِ ڪجهه ئي ڪو نه مليو. سندن چيل ان ڳالهه ته ذڪر ڪيل قرارداد موجب شامل قومن کي برابري مليل آهي ان تي عمل ڪريو، ان جي ڀڃڪڙي نه ڪريو پر قابض قوتون اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ئي ڪو نه هيون. عبدالولي خان جيڪو پنهنجي والد خان بادشاهه سان هم خيال ۽ شانا بشانا هو، اهو به ڊگهي جدوجهد دوران تجربا ڪري، تڪليفون سهي آخرڪار ان 1940ع جي قرارداد واري ڳالهه تي آيو ۽ پنهنجي جدوجهد جا نت نوان بنياد رکڻ جي ڪوشش شروع ڪيائين. ان سلسلي ۾ انڊيا آفيس لائبريري جي رڪارڊ مان 1940ع جي قرارداد بابت دستاويزي ثبوت هٿ ڪري آيو، جن ۾ State نه پر States واري ڳالهه واضح ٿيل هئي. ان بنياد تي هُن Facts or Facts ڪتاب لکيو، کيس اميد هئي ته قابض قوم جا ڪرتا ڌرتا سندس ان ڪيل محنت جو قدر ڪندا ۽ ان ڳالهه کي اهميت ڏيندا پر ان حوالي سان کيس به مايوسيءَ جو منهن ڏسڻو پيو. ولي خان جي حوالي سان قابض قوم جي پاليسين ۾ ڪائي تبديلي ڪانه آئي. ان حد تائين جو 1970ع واري اليڪشن ۾ صوبائي سطح تي واضح طور کٽي اچڻ جي باوجود مختلف بهانا ڪري کيس سندس ساٿين سوڌو جيل حوالي ڪري غداريءَ جو ڪيس هلايو ويو. بعد ۾ اين ڊي پي جي پليٽ فارم تان مير غوث بخش بزنجو ميدان ۾ آيو، هڪ ڀيري اهڙو ئي فارمولا کڻي سائين جي ايم سيد کي راضي ڪرڻ لاءِ آيو هو. سائين سندس سڄي ڳالهه ٻُڌي، آخر ۾ کيس چيو هو: “اوهان جي اها ڳالهه کڻي مڃجي پر ٻليءَ کي گهنڊڻي ٻڌندو ڪير؟ اهو جيڪي ڪجهه چئو ٿا سو عملن ڪيئن ٿيندو؟” سيد صاحب جي ان هڪڙي جملي کيس لاجواب ڪري ڇڏيو هو. بزنجو صاحب پنهنجي ان دليل سان سيد صاحب کي راضي ته ڪو نه ڪري سگهيو پر سندس ورڪرن شاهه محمد شاهه، امان الله شيخ، قمر راڄپر ۽ ڪجهه ٻيا، جيڪي سيد جي مُهابي مير صاحب سان واقف ٿيا، انهن کي پنهنجو هم خيال ڪري ويو، انهن بزنجي صاحب واري سبق تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي پر وريو ڪجهه به ڪونه. آخرڪار بزنجو صاحب به پنهنجو وارو وڄائي ويو.

سنڌ ۾ رسول بخش پليجو صاحب وڏو داناءُ ۽ عملي جدوجهد واري سياستدان طور سڃاتو وڃي ٿو. 1968ع کان پاڻ سنڌي عوامي تحريڪ جي نالي سان عملي ميدان ۾ آيو. سنڌ جا حق ۽ صوبائي خودمختياري تائين پاڻ کي محدود رکيائين نه رڳو ايترو پر اصل تي وڏن جي راضپي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ خاص طور تي سيد جي فڪر خلاف لڳاتار جدوجهد ڪندو رهيو پر کيس ڪائي خاص مڃتا ڪانه ملي. اهڙي صورتحال ۾ آخرڪار قبوليت حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌي عوامي تحريڪ کي خيرباد ڪري قومي عوامي تحريڪ تائين پهتو پر ذاتي مفادن ۽ مراعتن کي ڇڏي ڪري، سنڌ جي قومي مسئلن واري حوالي سان ڪائي هڙ حاصل نه ٿي. پليجي صاحب جي ذهانت کان ڪو به انڪار نه ٿو ڪري سگهي، پاڻ نه رڳو 1940ع واري قرارداد جا فائدا بيان ڪندو هو پر ان تي عمل نه ڪرڻ جي نقصانن کان پڻ حڪمرانن کي آگاهه ڪندي نيڪ صلاحون ڏيندو رهندو هو. قومي تحريڪ جڏهن وڏي صوبي جي استحصالي ۽ سنڌ جي بيٺڪيت هئڻ جهڙا اصطلاح سنڌ جي عوام ۾ متعارف ڪرائڻ شروع ڪيا ته پاڻ ان خلاف وڏي اٽڪل ۽ جملي بازيءَ سان مخالفاڻي بازار گرم ڪندو رهيو پر پوءِ به کيس سنڌ جي حوالي سان ڇا هڙ حاصل ٿي، اها سڀني جي سامهون آهي. نه رڳو اهو پر گذريل دور لاءِ صدر پاڪستان ٿيڻ واري ڳالهه به قبول ڪري آقائن کي آگاهه به ڪري ڇڏيائين پر وريو ڪجهه به ڪونه! آقا ۽ غلام ۾ اهو ئي فرق هوندو آهي.

سائين جي ايم سيد ٻليءَ کي گهنڊڻي ٻڌڻ واري ڳالهه تجربن جي روشنيءَ ۾ ڪئي هئي، هاڻ جيڪي به اهڙي ڪوشش ڪرڻ واري ڳالهه ڪن ٿا ڀلي ڪن، ان مان سواءِ وقت وڃائڻ ۽ مقصد کي مبهم ڪرڻ جي ڪو کڙتيل نڪرڻو ڪونهي. ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه هڪ طرفي عشق ڪرڻ مثل آهي، جنهن لاءِ چوڻي آهي ته “اڳيان وارن کي جن نه ڪن، ادو عشق ۾ انڌو” 78 سال گذري چڪا آهن، ڏينهون ڏينهن غلاميءَ جا سنگهر سوگها ٿيندا پيا وڃن. اهو عمل قابض قوم وڏي دانائيءَ سان درجي بدرجي ڪندي رهي ٿي ۽ هتي جو وچن ورجائڻ واريون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. اهڙو وچن جنهن جي نه ڪائي حيثيت آهي نه ڪائي اهميت. حقيقت اها آهي ته پياري پاڪستان مان سڀ کان وڏو فائدو پنجاب کي پيو آهي، باقي ٻيا سندس جديد ڪالوني ٿيندا پيا وڃن. ڪير ان حقيقت سان سبق حاصل ڪري ٿو يا نه، اهو ان تي ڇڏيل آهي. هڪ ڀيري سائين جي ايم سيد سان 1940ع واري قرارداد جي حوالي سان سنڌ جي اڀريل مسئلن تي اتحادن بابت ڳالهه ٻولهه ٿي رهي هئي، پاڻ ڏاڍي ڌيرج سان چيائين “1973ع جي آئين جي بحاليءَ لاءِ هيتري مار کاڌَوَ، اوهان ڪهڙا به ننڍڙا مسئلا کڻو،

 اوهان جو دشمن سڀ ڪجهه سمجهي ٿو ايتري ئي مار کائيندؤ جيتري آزاديءَ جي جدوجهد لاءِ. هاڻ اوهان جو بچاءُ انهيءَ ۾ آهي ته اوهان پنهنجي آزاديءَ جو حق گهرو بچاءَ جو به صرف اهو ئي رستو آهي.”

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو