Home / ڪتاب / سنڌ ڊيلٽا پرڳڻو
above article banner

سنڌ ڊيلٽا پرڳڻو

نور  احمد جنجهيWriter

 سنڌ جنهن جي تهذيب  موهن جي دڙي کان  شروع ٿئي ٿي پر اها ڄاتل تاريخ جي ڪري ايئن ڳڻي وڃي ٿي نه ته ٿي سگهي ٿو سنڌ ان کان به آڳاٽي هجي. موهن جي دڙي کان هيٺ اڃا به ڪو ٻيو جڳاندر جهونو ڀڙو نڪري نروار ٿئي ڇاڪاڻ جو جن انگريز ماهرن هن دڙي جي کوٽائي ڪئي تن به دڙي جي قدامت کي اڳتي نه چوريو. هيستائين 2500 سنڌو قديم ماڳن جي نشاندهي ٿي آهي. ايڏي وشال ۽ قديم تهذيب جو سماج جنهن ماحول مان اُڀريو آهي تنهن ۾ هن ماٿريءَ جي جاگرافيءَ جي تمام وڏي اهميت آهي . ان اهميت کي نظر۾ رکندي ، ٽالمي جاگرافي لکي. البيروني پنهنجي مشهور ڪتاب ”الهند“ ۾ به  جاگرافيءَ تي لکيو ته ٻين عرب توڙي چيني سياحن به عمومي جاگرافيءَ جو احوال لکيو آهي ته خاص ماڳن مڪانن جي اُپٽار به ڪئي آهي.ان کانپوءِ انگريز لوڪن جيڪي ڪي سياح بڻجي آيا ته ڪي انگريز حڪومت جا عملدار هئا جن جو ڪم ئي هو علائقي جي ماحول جو اتو پتو ڪڍڻ ، جيئن قبضي ڪرڻ ۾ سهوليت ٿئي. انهن جون رپورٽون به اسان جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جا بنيادي ماخذ ٿي ڪم آنديون وڃن ٿيون ڇاڪاڻ ته تحقيقي ڪم ۾ اهڙو مواد بهتر۽ تُز ڄاڻ مهيا ڪري ٿو. اهڙن ڪتابن ۾ برٽن جون رپورٽون، اليگزينڊر ڪننگهام جو ڪتاب،  راورٽيءَ جو مهراڻ، مئڪمرڊو جون رپورٽون ، ميجر هيگ جو ڪتاب ۽ ڪجهه ٻيا ڪتاب شامل آهن. مئجر هئگ جو ڪتاب ”دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“ هڪ اهڙو يادگيرو آهي جنهن ۾ مذڪوره آفيسر پنهنجي  مشاهدن کي قلمبند ڪيو آهي.  ڪتاب جو ليکڪ ميجر جنرل مالڪم رابرٽ هيگ (ايم آر اي ايس)  1830 ۾ پيدا ٿيو. هو آزاديءَ واري جنگ  جنهن کي انگريزن غدر سڏيو هو تنهن کان هڪ سال پوءِ يعني 1858 ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني سروس ۾ داخل ٿيو . کيس سنڌ ۾   ڀُون ڪڇ (سروي ) ۽ کڻت (سيٽلمينٽ ) جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪري مقرر ڪيو ويو. 1880 ۾ سنڌ ڪور ۾ سندس مقرري ليفٽيننٽ  ڪرنل طور ڏيکاري ويئي. هو 1881ع ۾ نوڪريءَ تان ساڳي عهدي تي ئي لٿو پر کيس اعزازي طور هڪ درجو مٿي ڏيئي ميجر جنرل ڪيو ويو. نوڪريءَ تان لهڻ کانپوءِ هو سئيزرلينڊ وڃي رهيو جتي هي ڪتاب ”انڊس ڊيلٽا ڪنٽري “ لکيائين. هن کي سنڌي ٻوليءَ جي سموري ڄاڻ هئي ۽ هن سنڌ جي مٽيهاڻي ميدان جي 45 تعلقن جي ڀُون ڪڇ (سروي ) جون رپورٽون ڇپرايون جيڪي اصل ۾ تعلقن جا گزيٽيئر هيون. ڀون ڪڇ ۽ کڻت واري ڪم لاءِ حيدرآباد ۾ تپيداري سکيا جي  اسڪول قائم ڪرائڻ جو ڪريڊٽ به هن ڏانهن وڃي ٿو .

P-01

هن ڪتاب  ۾ ڏهه مُکيه باب آهن ۽ ست ضميما آهن . جئمس مئڪمرڊو جا لکيل ٻه مضمون به شامل آهن جيڪي رائل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي جرنل مان  کنيل آهن. سڀني کان اهم اسم جيڪو هن ڪتاب ۾ شامل آهي ۽ ڪتاب جي اهميت کي اڳرو ڪري ٿو سو آهن هن ڪتاب ۾ شامل ست نقشا جن ۾  سڪندرجي ڏينهن ۾  ڪراچيءَ جي سامونڊي ڪناري جو جو نقشو، پٽاليني جو اسڪيچ نقشو،  سنڌو ڊيلٽا، 1795 ۾  سنڌ ..مڪران  کان ايراني نار تائين وارو سامونڊي ڪنارو ، 1800 ع جي ايشيا ۽ افريڪا،اريٽوسٿينز پاران جوڙيل  200 ق م  جو دنيا جو نقشو، 1540ع جا ٽالمي ۽ ٻين جا جوڙيل نقشا آهن . انهن نقشن مان  سنڌو ڊيلٽا جي پروڙ پوي ٿي . ڊيلٽائن جو تهذيبن جي ميل ميلاپ تي ڪهڙو ، ڪيئن ۽ ڪٿي ڪٿي اثر آهي ان جو به اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

ڪتاب جو پهريون باب سنڌو ڊيلٽا جي جاگرافي ۽ آبي ڪڇ ويئٽ جو اسڪيچ پيش ڪري ٿو. شروعات ۾  مقامي اصطلاحن کي لکندي ، هيٺين سنڌو ماٿريءَ کي ٽن حصن ۾  ڄاڻيندي ، سرو ( مٿيون پرڳڻو  )، وچولو (وچيون پرڳڻو ) ۽ لاڙ ( لاهيءَ وارو يا لڙيل پرڳڻو ) ڪوٺي ٿو. هن باب ۾ پراڻ ، ريڻ ، گوني ، ڦُليلي ، گونگڙو ، سيرمنهن ، پڃاري ، ڦٽو ، مهباڻ ، بگهاڙ ، کارو ، راهو ، وغيره جو ذڪر ڪري ٿو.

ٻيو باب سنڌو ڊيلٽا جي  سڪندر مقدوني واري چڙهائيءَ دوران جي تصوير بيان ڪري ٿو جنهن ۾ هو سڪندر سان گڏ آيل ليکڪن جي احوال تي ڀاڙي ٿو ۽ نالا به اهي ئي ڏئي ٿو جيڪي يونانين ڏنا آهن. هن بابت ۾ ٻين سان گڏ گسري  ڇاڙ جو ذڪر ڪري ٿو جيڪا هاڻي گذري ٿي پيئي آهي.ڪياماڙي،  منوڙي ، ڪلفٽن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ڪلفٽن انگريز سڏين ٿا جڏهن ته مقامي ماڻهو ان ”هوا بندر“ ڪوٺين ٿا. هن باب ۾ هو نيئرڪوس، ايريئن ۽ اسٽرابو جي حوالن سان سنڌ ڊيلٽا بابت لکي ٿو. يوناني ليکڪن کانپوءِ آڳاٽن مغربي ليکڪن پاراڻ ڊيلٽا جو پيش ڪيل وچور لکي ٿو.هن باب ۾ هندستان جي تاريخن، چچ نامي ، هيون سانگ جي سفرنامي جي حوالن سان ڊيلٽا جو احوال لکيو ويو آهي جنهن ۾ ديبل بابت بحث پڻ آهي . ان کانپوءِ واري باب ۾ سيوستان يا سيوهڻ واري مهم جو احوال آهي . ان ريت هن ڪتاب جا باقي باب به ڀلوڙ احوال پيش ڪن ٿا جنهن ۾ سنڌ جي ڊيلٽا واري حصي بابت ڄاڻ آهي. ميجر هيگ جي ٻين تحقيقي ڪم ۾ ”ابن بطوطا سنڌ ۾ “ ۽ ”برهمڻ آباد ۽ منصوره جا ماڳ “ آهن .هيءُ ڪتاب  پهريون دفعو 1894ع ۾ لنڊن ۾ ڇپيو هو جنهن کي ٻيهر 1972ع ۾ انڊس پبليڪيشنس وارن ڇپرايو ۽ ٽيون ڇاپو اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ ، ڪراچي ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هي ڪتاب ڊيلٽا بابت تحقيق ڪندڙن، جاگرافيءَ جي شاگردن توڙي سنڌ اڀياس جي پارکن لاءِ ڪارائتو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو