Home / سياسي افيئر / A peek into the history: ايم آر ڊي تحريڪ، قومپرستن ۾ ڀڃ ڊاهه جو ڪارڻ
above article banner

A peek into the history: ايم آر ڊي تحريڪ، قومپرستن ۾ ڀڃ ڊاهه جو ڪارڻ

علي نواز ٻٽ

Writer

1983ع ۾ ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ هلي ته جيئي سنڌ محاذ اندر اختلاف اڳ ۾  ئي هلندڙ هئا، جيڪي عطاءُ الله انڙ ۽ عبدالخالق جوڻيجي وچ ۾ ذاتي رنجش کان شروع ٿيا ۽ اڳتي هلي اصولي ۽ نظرياتي رنگ اختيار ڪري ويا. انهيءَ ۾ عبدالخالق جي نوڪري هوندي قائم مقام چيئرمين ٿيڻ جڏهن ته عطاءَ الله انڙ جيئي سنڌ محاذ لاءِ نوڪري ڇڏي هئي، ٻيو سوڍا سنگت جو مسئلو هئو. 1982ع ۾ آئين تي بحث هلندڙ هئا، عطاءُ الله وارا مخالفت تي سندرو ٻڌي بيٺل هئا، عبدالواحد آريسر تجويز رکي ته هن مسئلي جو ڪو حل ڪڍجي، انهيءَ سلسلي ۾ سڪرنڊ ۾  مير محمد پيرزادي ۽ مٺل ملاح وٽ مکيه دوستن جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ صلاح بيٺي ته اهڙي گڏجاڻي ڪجي جنهن ۾ عطاءُ الله وارا به هجن ۽ ڪجهه وڌيڪ دوست هجن ۽ پوءِ دليل ديرو ۾ گڏجاڻي رکي وئي، چونڊ ماڻهن جي فهرست تيار ڪري انهن کي اطلاع ڪيو ويو، پنجويهه ٽيهه دوست گڏ ٿياسون، سڄي رات مهي ولوڙ ٿي ڪو به نتيجو نه نڪتو. انهيءَ سان جيئي سنڌ محاذ اندر انتشار کي هٿي ملي وئي، جماعت ٽن گروپن ۾ ورهائجي وئي، (1) لبرل گروپ جنهن جو اڳواڻ عبدالواحد آريسر هيو، (2) ڪميونسٽ گروپ جنهن جو اڳواڻ فيض الله پيرزادو هيو، ليڪن هو نيشنل ڪائونسل جو ميمبر نه هيو، ان ڪري محاذ ۾ سندس نمائندگي منظور سامٽيو وارا ڪري رهيا هئا، (3) صوفي گروپ جنهن جي نمائندگي عطاءُ الله انڙ ڪري رهيو هيو. نيشنل ڪائونسل جي اجلاس ۾آئين تي بحث ٿيو، جيئي سنڌ محاذ انهيءَ اجلاس ۾ “جي –ايم –سيد رهبر آهي” وارو نُڪتو تبديل ڪري “جي – ايم – سيد جو نظريو رهبر آهي” پاس ڪيو، بحث کان اڳ ۾ باغي بجاراڻي اهو نُڪتو سائين جي – ايم – سيد جي آڏو اٿاريو هيو، جنهن تي سائين جي – ايم – سيد چيو ته “فرد فاني آهي، نظريو مستقل آهي، ان ڪري اهو صحيح آهي”، انهيءَ سان نيشنل ڪائونسل ۾ نُڪتي کي تبديل ڪرڻ جو ماحول ٺهي پيو هيو، ليڪن عطاءَ الله وارا پنهنجي ڳالهه تي قائم هئا، ليڪن آئين اڪثريت سان پاس ٿي ويو هيو! اهو نُڪتو 1982ع ۾ جيئي سنڌ محاذ ٻيهر تبديل ڪري آئين ۾ “ جي – ايم – سيد رهبر آهي” لکيو. 1982ع ۾ آئين پاس ٿيڻ کان پوءِ هڪ تجويز تي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالواحد آريسر سينٽرل ڪميٽي ۽ ضلعي باڊيون ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو ۽ وقتي سينٽرل ڪميٽي سيد قائم الدين شاهه جي چيئرمينيءَ ۾ قائم ٿي.

P-01

هن نئين صورتحال عطاءُ الله وارن لاءِ ڪافي آساني پيدا ڪري ڇڏي ۽ انهن عبدالواحد آريسر، مير مولا بخش لغاري  ۽ انهيءَ گروپ خلاف پنهنجي پروپئگنڊا کي تيز ڪري ڇڏيو. هنن ان وقت جي شاگرد قيادت کي به پاڻ سان ملائي ورتو ۽ جيئي سنڌ محاذ لاءِ  ڏکيائين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. 1983ع جي ايم – آر – ڊي تحريڪ ڇا هلي آريسر مخالف گروپ جي عيد ٿي وئي. سائين جي – ايم – سيد وٽ ته مختلف ماڻهو اچڻ لڳا ته ايم – آر – ڊيءَ جي تحريڪ جي حمايت ڪريو، ٻيو وري خود جيئي سنڌ محاذ ۾ شامل ڪجهه دوست سائين تي بار وجهڻ لڳا ته ايم – آر – ڊيءَ جي حمايت ڪريو، ڪن ته پنهنجو فارمولو به پيش ڪيو، جنهن کي سائين جي – ايم – سيد رد ڪيو، انهن دوستن ۾ اسان جو دوست عبدالخالق جوڻيجو به شامل هيو. هي دوست عبدالواحد آريسر کي به سائين جي – ايم – سيد وٽ وٺي ويا هئا، انهن ڏينهن ۾ صحافين جي به سن ۾ ڀرمار هئي، ڪي ته رات به اتي رهي پوندا هئا، ڀلا ڇو نه رهن، سيد جو دستر خوان کليل هيو، ماني به پاڻ سان گڏ کارائي ته ٻيو ڇا گهرجي، صحافي جنهن ڪم سان ويندا هئا اهو ضرور پورو ڪندا هئا. اهڙن ئي صحافين سان ڳالهائيندي سائين جي  ايم  سيد ايم – آر – ڊيءَ جي تحريڪ کي ڪفن چورن جي تحريڪ سڏيو هيو ۽ جيڪو اڳتي هلي وقت ثابت ڪيو.

P-02

سائين جي – ايم – سيد جو موقف واضح هيو ته “اسان کي ايم – آر – ڊي وارن دعوت نه ڏني آهي جو اسان شامل ٿيڻ يا نه ٿيڻ تي غور ڪريون، ٻيو هن تحريڪ ۾ سنڌ جو ڪو به مسئلو شامل نه آهي، ٽيون اهو ته جيڪڏهن اسان ايم – آر – ڊيءَ جي حمايت ڪئي ته سرڪار هن تحريڪ ۾ شامل ماڻهن مٿان تشدد ڪندي، باقي ڪارڪن بنا اعلان جي انهيءَ ۾ شامل ٿين ۽ انهيءَ کي قومي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪن”، ٻيو سائين اهو چيو ته “وڃي تياري ڪريو جتي هي تحريڪ ختم ٿيندي پاڻ اتان کان شروع ڪنداسين”. انهيءَ لاءِ سائين ڪجهه ڪاميٽيون به ٺهرايون هيون، جنهن ۾ هڪ ڪميٽيءَ جو ڪم سنڌ جي مڪمل سروي رپورٽ تيار ڪرڻ هو. جڏهن ايم – آر – ڊيءَ جي تحريڪ ۾ جيئي سنڌ جا نعرا لڳا ته رياست ماڻهن مٿان تشدد ڪيو، جنهن تي سائين جي – ايم – سيد بيان جاري ڪري عالمي قوتن کي اپيل ڪئي ته تشدد کي بند ڪرايو وڃي. ٻئي پاسي مئڊم حميده کهڙو به سن اچڻ وڌائي ڇڏيو هيو، مئڊم هڪ فارمولو کڻي آئي هئي، جنهن ۾ ظاهر ڪيل هيو ته اوهان هندستان سان ڪهڙي صورت ۾ رهڻ پسند ڪندا “فيڊريشن يا ڪنفيڊريشن” وغيره.

سائين جي – ايم – سيد هن مسئلي تي جيئي سنڌ جي مک اڳواڻن ۽ ڪجهه ٻين ماهرن کي صلاح لاءِ گهرايو، اهو بحث ڪيترائي ڏينهن هليو،سائين مئڊم حميده کهڙو جي سامهون سوال اٿاريو ته “ڪنفيڊريشن ته پوءِ رڳو هندستان سان ڇو، اها ساڳي ڪنفيڊريشن پاڪستان ۾ ڇو نه”. ڪنفيڊريشن کان پوءِ “ڪنڊو مينيم” جو ٽرم آندو ويو، ٿورائي مئڊم جي حمايتي هئي ۽ گهڻائي مخالفت ۾ هئي، اها ڳالهه به سائين جي – ايم – سيد جي سامهون آندي وئي ته اهو فارمولو پاڪستان سرڪار ته نه موڪليو آهي، جنهن تي سائين جي – ايم – سيد چيو ته “جنهن به موڪليو آهي،اوهان بحث ڪريو ته پاڻ کي ڪنهن سان گڏ رهڻ گهرجي ۽ ڪهڙي ڪنڊيشن ۾” ڪيترن ئي ڏينهن جي بحث ۽ مختلف موقف ٻڌڻ کان پوءِ سائين پنهنجي راءِ ڏني ته “اسان پنهنجي آزاديءَ جي پروگرام ۾ ڪا به تبديلي نه ڪنداسون”.

ايم – آر – ڊي جو مسئلو ته پوءِ به بحث هيٺ ايندو رهيو، عبدالخالق جوڻيجو مختلف وفد وٺي سن ويندو رهيو، آخر سائين جي – ايم – سيد کين سخت تنبيهه به ڪئي. عبدالواحد آريسر جي خلاف حبيب الله ناريجو ۽ ڀائو قمر ڀٽي به سندرا ٻڌي ميدان تي لهي آيا  ۽ سمورا اچي مئڊم جي چوڌاري گڏ ٿيا. انهيءَ صورتحال ۾ اهو سوال جيئي سنڌ محاذ اندر پيدا ٿيو ته مخالف گروهه سان ڪهڙي حڪمت عمليءَ تحت منهن ڏجي ۽ جماعت کي ڪيئن بهتر ڪجي. هڪ دفعو ٻيهر جيئي سنڌ محاذ جي سينيئر ورڪرن کي گڏ ڪيو ويو پر هن دفعي عطاءُ الله وارن کي اطلاع نه ڪيو ويو ڇو ته اهي ئي مخالفت جو اهم ٽولو هئا ۽ پوءِ مختلف جاين تي گڏجاڻيون ٿيون. سڪرنڊ، ڪراچي، انهن ۾ وري هڪ سب ڪميٽي ٺاهي وئي، جنهن جون به ٻه ٽي گڏجاڻيون ٿيون، آخري گڏجاڻي 1983ع جي آخر ۾ منهنجي ڳوٺ ٻٽ سرائي ۾ ٿي، جنهن ۾ عبدالخالق جوڻيجو ۽ عبدالواحد آريسر شريڪ نه ٿيا، هن گڏجاڻيءَ ۾ فيض پيرزادو اچي رپورٽ ڪئي ته “آءُ عبدالواحد آريسر سان مليو ٿو اچان، جنهن چيو آهي ته سائين جي – ايم – سيد کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪريو آءُ اوهان سان گڏ آهيان.” مون ۽ هڪ اڌ ٻئي دوست اعتراض واريو، ليڪن اڪثريت ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو، جڏهن عبدالواحد آريسر سان سندس ڳوٺ وڃي مون ۽ جڳديش اها ڳالهه ڪئي ته عبدالواحد آريسر چيو ته “آءُ ته گهر واريءَ وٽ به سائين جي – ايم – سيد جي نالي سان سڃاتو وڃان ٿو، مون اهو ناهي چيو، فيض الله پيرزادي غلط بياني ڪئي آهي”. عبدالواحد آريسر جڳديش کي چيو ته “وڃي استعيفائون روڪرايو، ليڪن دوستن استعيفائون ڏئي ڇڏيون، جيئي سنڌ محاذ، جساف ۽ سنڌي پورهيت سنگت جا 500 ورڪر جيئي سنڌ محاذ کي ڇڏي ويا.

انهن دوستن تي ڪميونزم جو اثر هيو، سڀ ته ڪميونسٽ نه هئا ليڪن هڪڙو حلقو هيو، جنهن کي اندروني طرح، فيض الله پيرزادو ۽ جڳديش آهوجا معرفت محترم عبدالخالق جوڻيجو جي آشيرواد حاصل هئي، جيڪو پڻ ايم – آر – ڊي واري مسئلي تي ڪاوڙ ۾ هيو ۽ عبدالواحد آريسر جو تمام ويجهو سمجهيو ويندو هيو ان حد تائين ته عبدالخالق جوڻيجي جي ڳالهه کي عبدالواحد آريسر جي ڳالهه سمجهيو ويندو هيو. انهن مسئلن جي ڪري 1984ع ۾ عبدالخالق سينٽرل ڪميٽيءَ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي، انهي صورتحال جيئي سنڌ محاذ لاءِ اڃا به وڌيڪ مسئلا پئدا ڪيا ۽ جيئي سنڌ محاذ ڪجهه وقت لاءِ انتشار جو شڪار ٿي ويو،عطاءُ الله گروهه جي دوستن ڪوشش ڪئي ته مئڊم حميده کهڙو جي ذريعي عبدالواحد آريسر کي محاذ جي قيادت تان هٽائجي پر اها ڳالهه سائين جي – ايم – سيد وٽ قبول نه ٿي ۽ اڳتي هلي سائين جي – ايم – سيد مئڊم حميده کهڙو کي عورتن جي ونگ جو سربراهه مقرر ڪيو. اهڙي ريت ايم – آر – ڊيءَ جي اثرن جي ڪري جيئي سنڌ محاذ ٽٽي ويو. عبدالخالق جوڻيجي استعيفيٰ ڏيندڙن کي جڳديش معرفت روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر منهنجي سامهون جڳديش کيس چيو ته “دوست استعيفائون واپس وٺڻ لاءِ تيار نه آهن”. اهڙي ريت هڪ سٺو گروپ جيئي سنڌ محاذ، سنڌي پورهيت سنگت ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن کي ڇڏي ويو، پر عبدالخالق بنيادي ميمبر شپ تان استعيفيٰ نه ڏني ۽ هو جيئي سنڌ محاذ ۾ ئي رهيو، جماعت ۾ ڀڃ ڊاهه جي ڪري جيڪو ڪم سائين جي – ايم – سيد ايم – آر – ڊيءَ جي تحريڪ جي پڄاڻيءَ تي ڪرڻ ٿي چاهيو اهو ڪري نه سگهيو.

ايم – آر – ڊيءَ جي تحريڪ جي حوالي سان هي ڳالهيون نوٽ ڪرڻ جون آهن.

 (1) جڏهن سائين جي – ايم – سيد کي معلوم ٿيو ته سن ويجهو محترمه بينظير ڀٽو مٿان حملو ڪيو ويندو ته سائين پنهنجو ماڻهو موڪلي محترمه کي اها ڄاڻ ڏني هئي ۽ پوءِ آزمودي خاطر محترمه بينظير ڀٽو پنهنجون خالي گاڏيون روانيون ڪيون هيون جن مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ٿي هئي.(2) جڏهن محترمه بينظير ڀٽو رينجرز جو ڪڙو ٽوڙي 70 ڪلفٽن مان لياري وئي هئي ته سائين جي – ايم – سيد کيس گلدستو ڏياري موڪليو هيو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو