Home / ڪور افيئر / Kashmir, Nuclear War Flash Point  پاڪستان – ڀارت تڪرار: اصل مسئلو ڇا آهي؟  
above article banner

Kashmir, Nuclear War Flash Point  پاڪستان – ڀارت تڪرار: اصل مسئلو ڇا آهي؟  

 رزاق کٽي

 Razak Khati

دنيا ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته ڪشمير ئي هن خطي ۾ نيوڪليئر جنگ جو فليش پوائنٽ آهي، جيڪڏهن هندستان يا پاڪستان جي وچ ۾ جنگ شروع ٿي وڃي ٿي ته اها ايٽم بم جي استعمال تائين پهچي سگهي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾  دنيا جي اڌ آبادي سڌي ريت متاثر ٿيندي، ان ڪري عالمي طاقتون نٿيون چاهين ته حالتون ان طرف وڃن.

گذريل ستر سالن کان والاريل ڪشمير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگ جو سبب رهيو آهي. هندستان جي انتظام هيٺ والاريل ڪشمير جي آبادي پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير کان ٽيڻي آهي، هي ئي اهو علائقو آهي، جيڪو پاڻين جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي، هندستان پنهنجي انتظام هيٺ ڪشمير کي “ اٽوٽ انگ” قرار ڏئي ٿو، جڏهن ته پاڪستان پاران شروع کان والاريل ڪشمير ۾ هلندڙ جدوجهد جي حمايت جي ڪري پاڪستان لاءِ تمام گهڻي حمايت موجود آهي، ان ڪري پاڪستان “ ڪشمير بني گا پاڪستان ” جي نعري جي حمايت ڪندو رهيو آهي. ان باوجود ڪشميرين جو وڏو انگ ٻنهي ملڪن جو حصو ٿيڻ بدران هڪ آزاد رياست طور پنهنجي سڃاڻپ چاهي ٿو.

هن وقت ڪشميرين جي جدوجهد هڪ دفعو وري اهڙي نهج پهتي آهي، جتان مرڻ يا مارڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه رستو ناهي، هندستان جو وزيراعظم مودي تشدد ذريعي ان تحريڪ جي شدت کي وڌيڪ تيز ڪري ، ان جا نتيجا پنهنجي حق ۾ استعمال ڪرڻ چاهي ٿو. پلواما واري حملي بعد نه رڳو والاريل ڪشمير ۾ پر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جيتوڻيڪ هن وقت ٻنهي سرحدن  کان خاموشي آهي، پر اها خاموشي  ڪنهن به وقت ڌماڪن ۽ بمباري ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي. اهو ئي سبب آهي ته دنيا جون مختلف طاقتون هن خطي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهين ٿيون، جيئن هن خطي ۾ امن قائم ٿئي، چيو وڃي ٿو ته نوبل انعام واري لالچ ممڪن آهي ته ڪي نتيجا ڏئي سگهي !

indiapak-660_022819061643_030119123514

اٽل بهاري واجپائي، سيڪيولر هندستان ۾ بي جي پي جهڙي شدت پسند پارٽي جو پهريون وزيراعظم هو،  نريندر مودي  جڏهن انهي ئي پارٽي پاران هندستان جو وزيراعظم ٿيو، تڏهن ان ڳالهه جو احساس ٿيو ته واجپائي مذهبي هندو هوندي به شدت پسند نه هو، شايد ان جو سبب اهو  هو ته هڪ ته هوشاعر هو ۽  ٻيو هو تاريخ سان انسيت رکندڙ هو. واجپائي ٻه ڀيرا ڪوشش ڪئي ته سندس حڪومت هوندي ڪشمير جو مسئلو حل ٿي وڃي. هو ٻه ڀيرا مختصر وقت لاءِ ۽ هڪ ڀيرو پنجن سالن لاءِ هندستان جو وزيراعظم رهيو. پنهنجي حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ 2003ع ۾ هن مولانا فضل الرحمان کي به چيو هو ته “ اوهان حڪومت کي چئو ته جيستائين منهنجي حڪومت آهي، ڪشمير مسئلو حل ڪرائي وٺو، اهو موقعو شايد وري نه اچي” هن ڪشمير جو مسئلو پنهنجي شرطن تي حل ڪرائڻ ٿي چاهيو، شايد اهو ئي سبب هو ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ اهو نٿي چاهيو.

فيبروي 1999 ۾ هو جڏهن لاهور آيو هو ته ان وقت ان ڳالهه جا امڪان پيدا ٿيا هئا ته هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جيڪا نفرت واري وڇوٽي آهي اها گهٽبي، پر پوءِ ڪارگل ٿيو ۽ وڇوٽي هڪ جنگ ۾ تبديل ٿي وئي، ايٽمي جنگ جي خوف سبب عالمي قوتن جي مداخلت بعد ڪارگل خالي ڪيو ويو. ان بعد 12 آڪٽوبر 1999ع آيو، نواز شريف گرفتار ٿيو، ۽ مشرف ملڪ جو چيف ايگزيڪيٽوبڻجي ويو ، صدر رفيق تارڙ کي جنرل پرويز مشرف معزول ڪيو. 20 جون 2001 تي ملڪ جي سپريم ڪورٽ جنرل پرويز مشرف کي باوردي صدر بڻايو ۽ ٻئي مهيني هو 14 جولاءِ تي هندستان جي شهر آگري ويو. آمريڪا تن ڏينهن ۾ چاهيو پئي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪشمير واري مسئلي کي حل ڪرائي وٺجي، جيئن ايٽمي جنگ جي خطري کي هميشه لاءِ ختم ڪرائي ڇڏجي، مشرف ٻن ڏينهن کانپوءِ آگرا مان ناڪام واپس موٽي آيو.  واپسي تي واجپائي کان  هن جي مشيرن مشرف جي باري ۾ پڇيو ته هُن جو چوڻ هو ته “ هو تاريخ جي ادراڪ کان اڻ واقف آهي”

abhinandan returns pti-1551469460

ان بعد نائين اليون ٿي ويو، عالمي صورتحال تبديل ٿي وئي، پاڪستان هڪ نئين جنگ ۾ شامل ٿي ويو. جيڪي مجاهد يا طالبان پيدا ڪيا ويا هئا، پاڪستان جي لاتعلقي سبب اهي پاڪستان جا دشمن بڻجي ويا. ڪشمير جي محاذ تي جيڪي مجاهدن لاءِ ٽريننگ ڪيمپون هيون، ان طرف ڌيان گهٽجي ويو.

جيش محمد والاريل ڪشمير ۾ موثر جهادي تنظيم رهي آهي، جنهن جو سربراھ مولانا مسعود اظهر آهي، پنجاب ۾ جنم وٺندڙ مسعود اظهر پهريون ڀيرو پرتگال جي پاسپورٽ تي والاريل ڪشمير ۾ داخل ٿيو هو، شعله بيان هجڻ جي ڪري هو جلد ئي سرينگر جي چوڪن ۾ تقريرون ڪندي پاپولر ٿي ويو. هندستاني فوج خلاف هٿيار بند جدوجهد جي ڪري هن کي 1994 ۾ هندستان جي فوج دهشتگردي جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ، جيل ۾ هو انتظاميا کي چوندو هو ته هو گهڻو عرصو جيل ۾ نه رهندو، هن جي ساٿين جيل اندر سرنگ کوٽي، پر هو ٿولهه سبب ان مان نه نڪري سگهيو، ۽ ڳالهه کلي وڃڻ سبب هنن مٿان سختي وڌي وئي. ان بعد 1999 ۾ نيپال جي گادي واري شهر کٽمنڊو مان دهلي ويندڙ انڊين ايئر لائين جي مسافرجهاز کي ٽن هائيجڪرن  اغوا ڪيو، جن ۾ چون ٿا ته مولانا مسعود اظهر جو ڀاءُ به شامل هو، هائيجيڪر جهاز اغوا ڪري سڌو ڪابل کڻي ويا، جتي ملا عمر جي حڪومت هئي، جهاز ۽ ان جا مسافر 8 ڏينهن يرغمال رهيا، ان بعد هندستان هائيجڪرن جي مطالبي تي مولانا مسعود اظهر سميت ٽن قيدين کي آزاد ڪري ڪابل پهچايو. هڪ سال بعد مولانا مسعود اظهر جيش محمد جو بنياد رکيو. هڪ سال بعد آڪٽوبر 2001ع ۾ والاريل ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي مٿان خود ڪش حملو ڪيو ويو جنهن ۾ 30 ماڻهو مارجي ويا، انهي حملي جو ذميوار جيش محمد کي قرار ڏنو ويو .ٻن مهينن بعد ڊسمبر ۾ دهلي ۾ هندستاني پارليامينٽ جي عمارت مٿان حملو ڪيو ويو، جنهن جي ذميواري جيش محمد قبول ڪئي، ان بعد هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگي صورتحال پيدا ٿي وئي، ٻنهي ملڪن جون فوجون آمهون سامهون اچي ويون، پاڪستان مولانا مسعود اظهر کي گرفتار ڪري سندس گهر ۾ نظربند ڪري ڇڏيو. پر هڪ سال بعد لاهور جي عدالت ثبوت نه هجڻ جي ڪري مسعود اظهر کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. نائين اليون کانپوءِ پاڪستان جڏهن هڪ نئين جنگ ۾ شامل ٿي چڪو هو ته مسعود اظهر خاموشي اختيار ڪئي ۽ هن پاڻ کي ميڊيا ۽ عوام کان پري ڪري ڇڏيو،هن جي تنظيم والاريل ڪشمير ۾ ئي ڪارروايون ڪندي رهي. 2016 ۾ والاريل ڪشمير ۾ هڪ فوجي اڏي تي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ 7 هندستاني فوجي مارجي ويا، هندستان ڪوشش ڪئي ته ڪنهن به صورت ۾ عالمي سطح تي مولانا مسعود اظهر کي دهشتگرد قرار ڏياري پر چين ان ۾ وڏي رڪاوٽ رهيو آهي.

INDO-PAK-WAR-SCENARIO-2030

جيتوڻيڪ جيش محمد مٿان  گڏيل قومن، هندستان ۽ پاڪستان به پابندي لڳائي آهي، گذريل سال هندستان ڪوشش ڪئي ته گڏيل قومن پاران مولانا مسعود اظهر کي دهشتگرد قرار ڏيارڻ لاءِ قرارداد پاس ڪرائي ، پر چين انهي قرارداد کي ويٽو ڪري ڇڏيو، چيو وڃي ٿو ته هندستان سان خراب لاڳاپن ۽ پاڪستان سان ويجهڙائپ پنهنجي جاءِ تي پر چين هن خطي ۾ انهن جهادي ڌرين سان مڪمل طور مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ في الحال تيار ناهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپ ۽ سنڪيانگ ۾ جيش محمد جي اثر سبب في الحال هن هڪ طرف پاڪستان تي اڳڙي رکي ته ٻئي طرف جيش محمد سان به لاڳاپا وڌيڪ خراب ڪرڻ نٿو چاهي.

پيپلزپارٽي جي حڪومت اچڻ ساڻ بمبئي حملن جي واقعن هڪ دفعو وري خطي ۾ باھ ڀڙڪائي ڇڏي. انهي واقعن جو الزام به پاڪستان ۾ پابندي پيل جهادي ڌرين مٿان لڳو، نواز شريف پنهنجي دور ۾ ڪوشش ڪئي ته هندستان سان معاملا ٺاهجن ، پر هن سڀن کي گڏ کڻي هلڻ بدران پنهنجي مرضي هلائڻ چاهي،نتيجي ۾ صورتحال نه رڳو هن جي هٿن مان نڪري وئي پر سڄي ڄمار لاءِ ملڪ جي اعلي عدليه هٿان هو پارلياماني سياست لاءِ نااهل به ٿي ويو. نواز شريف جو به اهو مسئلو هو ته ڪتاب ڪڏهن به هن جا ساٿي نه رهيا. شايد اهو ئي سبب هو ته هن حالتن جو اندازو پنهنجي اقتدار جي اک سان لڳايو هو. هن چاهيو ٿي ته پهرين هندستان سان ڪاروباري لاڳاپا وڌائجن ان بعد ڪشمير جي معاملي به ڏسجي، پر پاڪستان جي اسٽيبشلمينٽ  اهو نٿي چاهيو. هاڻ جڏهن هڪ دفعو وري ٻنهي ملڪن جون فوجون آمهون سامهون آهن ته ان موقعي تي آخر پاڪستان جي رياست ۽ آمريڪي صدر ٽرمپ کي اهڙي ڪهڙي خاطري آهي ته هن خطي ۾ ايٽمي جنگ جو فليش پوائنٽ بڻيل ڪشمير وارو معاملو جلد حل ٿيڻ طرف وڃي رهيو آهي، ٽرمپ پاران ان قسم جو واضح اظهار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جي اهم ماڻهن آف دي رڪارڊ اهڙيون ڳالھيون ڪيون آهن. گذريل 28 سالن دوران هندستان جي زيرانتظام ڪشمير ۾ 70 هزار ماڻهو آزادي واري جدوجهد جو ٻارڻ بڻجي چڪا آهن، هن وقت والاريل ڪشمير ۾ آزادي واري تحريڪ عروج تي پهچي چڪي آهي، ۽ هر نوجوان بارود بڻيل آهي، جيڪو هندستان جي فوج مٿان ڦاٽڻ چاهي ٿو. هو موت جي پرواھ ان ڪري نٿو ڪري ته ذلت جي انتقام لاءِ هو پنهنجي حياتي کي معمولي شيءَ سمجهي ٿو.

والاريل ڪشمير جي آبادي سوا ڪروڙ  تائين  آهي جنهن  ۾ 77 سيڪڙو مسلمان آهن، تعداد جي لحاظ کان هندستان جي آرمي دنيا جي ٻيو نمبر وڏي آرمي آهي جنهن جو انگ لڳ ڀڳ 14 لک آهي، جنهن مان  پنج کان ست لک مستقل ۽ ريزرو فوج والاريل ڪشمير ۾ مقرر ٿيل آهي. مبينا طور پاڪستان هندستان سان سڌي ويڙھ بدران نان اسٽيٽ ايڪٽر پيدا ڪري جهادين جي صورت ۾ والاريل ڪشمير ۾ لاٿا هئا، اهو سلسلو ڪارگل کان پوءِ تائين به جاري رهيو. اهڙي ريت هندستان به پاڪستان اندر دهشتگردي جي پويان ملوث رهيو آهي، افغانستان اندر وڏي پئماني تي موجود هندستاني قونصليٽ ان سڄي معاملي کي ڏسندا رهيا آهن. پاڪستان جڏهن پنهنجي ئي پيدا ڪيل کٿابين مان آهستي آهستي هٿ ڪڍيا ته اهي نه رڳو ان جا مخالف ٿيا پر هندستان ۽ ايران جي هدايت تي معاوضي عيوض ڪم ڪندا رهيا، پاڪستان ۾ جنرل ضيا کانپوءِ ڏهن سالن دوران چئن سولين حڪومتن ڪوشش ڪئي ته هندستان سان لاڳاپا بهتر ٿين، پر اهي سولين حڪومتون ڪامياب نه ٿي سگهيون. راجيو گانڌي پاڪستان آيو ته بينظير ڀٽو جي ڪمزور حڪومت مٿان اهو الزام مڙهيو ويو ته هن هندستان جي باغي سِکن جون فهرستون راجيو گانڌي جي حوالي ڪيون، ان سڄي مهم جي پويان ان دور جي حڪومت مخالف سياسي اڳواڻ ميان نواز شريف اهم ڪردار ادا ڪيو، ميان نواز شريف نه رڳو محترمه بينظير ڀٽو کي سيڪيورٽي رسڪ قرار ڏنو پر ملڪ سان غداري ڪرڻ جو به الزام هنيو. اڃا ڪو گهڻو وقت نه گذريو هو ته 1998ع ۾ هندستان اندر ڀارتيا جنتا پارٽي جو وزيراعظم اٽل بهاري واجپائي بس ذريعي لاهور پهتو هو، پاڪستان ۾ سويلين حڪمرانن جي سدائين اها خواهش رهي آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هندستان سان لاڳاپا بهتر ٿين، جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگي تڪرار جو سبب بڻيل ڪشمير جو مسئلو حل ٿئي ۽ هن خطي ۾ امن اچي ۽ کربين رپيا هٿيارن بدران عوام جي ترقي تي خرچ ٿين، پر اهو معاملو ڪڏهن به حل طرف نٿو وڃي. نواز شريف به اها ڪوشش ڪئي، اٽل بهاري واجپائي لاهور آيو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جيڪا وڇوٽي هئي ان ۾ ڪجهه گهٽتائي آئي. لاهور پڌرنامو ان دور جو انتهائي اهم دستاويز هو جيڪو ڪارگل ايڊوينچر بعد بي اثر ٿي ويو.

هندستان ۽ پاڪستان 1998 ۾ هڪ ٻئي پويان ايٽمي ڌماڪا ڪيا، آمريڪا جي ان وقت جي صدر گهڻي ڪوشش ڪئي ته هندستان کانپوءِ پاڪستان ايٽمي ڌماڪن جا تجربا نه ڪري، پر پاڪستان وٽ ايئن ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه گس نه هو، پاڪستان 28 مئي تي بلوچستان جي علائقي چاغي ۾ ايٽمي ڌماڪن جا تجربا ڪري ايٽمي قوت هئي جو اعلان ڪيو، نتيجي ۾ آمريڪا پاڪستان مٿان پابنديون هڻي ڇڏيون.  پاڪستان اڃا انهي مان گذري رهيو هو ته ان دوران پاڪستان ۾ نواز شريف ڪوشش ڪئي ته هندستان سان لاڳاپا نارمل ٿيڻ گهرجن ، نواز شريف جڏهن اهي ڪوششون شروع ڪيون ته ان وقت جي آرمي چيف جنرل پرويز مشرف هندستان جي زيرانتظام ڪارگل جي چوٽين مٿان قبضي جي رٿابندي ڪئي ،

19 فيبروري 1999اٽل بهاري واجپائي دهلي کان بس ذريعي لاهور پهتو، واهگا بارڊر تي ميان نواز شريف وزيراعظم جي حيثيت ۾ هندستان جي وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. واجپائي پاڻ سان گڏ هندستاني فلم جي اداڪار ديو آنند، شترو هن سنها، جاويد اختر ،ستيش گجرال ،ڪلديپ نائر  ۽ ٻيون ڀارتي اهم شخصيتون به ساڻ وٺي آيو هو. ٻن ڏينهن بعد لاهور  پڌرنامو جاري ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي حڪومتن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته امن ۽ ترقي کي  شمله معاهدي روح تحت جاري رکيو وڃي. پر اهي ئي ڏينهن هئا جڏهن هندستان جي ڪارگل چوٽين تي پاڪستان جي فوج چڙهائي جو فيصلو ڪري رهي هئي، ان سلسلي ۾ ان وقت جي آرمي چيف جنرل پرويز مشرف جو چوڻ هو ته هن ڪارگل تي چڙهائي جي باري ۾ وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي هئي، جڏهن ته نواز شريف جو چوڻ هو ته کيس ان سڄي صورتحال جي ان وقت خبر پئي جڏهن واجپائي فون ڪري ٻڌايو ته پاڪستان جي فوج ڪارگل جي چوٽين تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، ٻه ايٽمي قوتن جي وچ نئين ڇڪتاڻ شروع ٿي چڪي هئي، ٻنهي ملڪن جون فوجون آمهون سامهون اچي چڪيون هيون، آمريڪي صدر بل ڪلنٽن وچ ۾ پئي معاملو ختم ڪرايو، پر ان دوران تمام گهڻو انساني حياتين جو نقصان ٿي چڪو هو. هي سڄو قضيو جون تائين جاري رهيو، واجپائي هندستان اندر هيرو بڻجي چڪو هو، آڪٽوبر ۾ جنرل مشرف نواز شريف جي حڪومت مٿان قبضو ڪري ان کي گرفتار ڪري چڪو هو.

dc-Cover-v3dt3qbaktl5f6j5ubje5bsq61-20170605022514.Medi

هن وقت ڪشمير واري معاملي تي ٽرمپ ۽ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ پاران جنهن خواهش جو اظهار ڪيو پيو وڃي ان موجب ڪشمير مسئلي جي حل جا ٻه آپشن آهن، پهريون آپشن گڏيل قومن جي اها قرارداد آهي، جنهن تحت ٻنهي ملڪن جون فوجون پوئتي هٽنديون ۽ گڏيل قومن کي ان جو انتظام ڏنو ويندو، جڏهن ته ٻيو چناب فارمولا آهي، چناب فارمولا موجب چناب درياءَ جتان گذري ٿو اهو ئي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سرحد بڻبو، چيو وڃي ٿو ته ڪشميري اڳواڻن کي به اهو فارمولا قبول آهي، جنهن تحت ڄمون وارو علائقو هندستان ڏانهن هليو ويندو، جڏهن ته باقي علائقو پاڪستان ڏانهن اچي ويندو، ڄمون ۾ جيڪا آبادي پاڪستان اچڻ چاهي ته اها هن طرف اچي سگهي ٿي، جيڪڏهن هو اهم معاملو ان فارمولا تحت حل ٿي وڃي ته خطي ۾ ستر سال پراڻو جنگي تڪرار ختم ٿي ويندو. اطلاع آهن ته اتر ڪوريا واري معاملي تي ٽرمپ امن جو نوبيل انعام حاصل ڪرڻ چاهيو ٿي، پر هن جون ڪوششون اڃا تائين ڪامياب نه ٿي سگهيون آهن. ان ڪري هو هن خطي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو، اهو ئي سبب آهي ته امن جو نوبيل انعام جو ذڪر نڪري پيو آهي. هن خطي ۾ فيصلائتي ايٽمي جنگ کان اڳ ۾ دنيا جون قوتون پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهين ٿيون، جيڪڏهن نوبيل انعام جي لالچ ۾ اهو مسئلو مستقل بنيادن تي حل ٿي وڃي ته اها انتهائي ٿورڙي قيمت هوندي. انهي نوبيل انعام ۾ پاڪستان مان عمران خان ۽ هندستان جي قيادت به حصيدار ٿي سگهي ٿي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو