Home / ڪور افيئر / Pak-India Colfilict: جنگ جو خطرو ٽري ويو….!
above article banner

Pak-India Colfilict: جنگ جو خطرو ٽري ويو….!

 عرفان علي ٺٽوي

Irfan Thatvi

ڀارت پاڪستان جي علائقي اندر گهڙي آيو ۽ ان کي پلوامه حملي جو رد عمل ۽ دهشتگردي خلاف ڪارروائي قرار ڏنو، پاڪستان، ڀارت جي ٻيون ڀيرو پاڪستان جي سرحدن ۾ داخل ٿيڻ وقت سندس ٻه جهاز ڪيرايا. انهيءَ صورتحال ۾ اهو ڏسڻو پوندو ته اُن ويڙهه ۾ ڌرين ڇا حاصل ڪيو ۽ ڇا وڃايو؟ يقيني طور تي انهيءَ صورتحال ۾ ظاهري طرح ڀارت جو پلڙو ڀاري نظر اچي ٿو ڇو ته پلوامه ۾ ڀارت جي رزرو پوليس تي حملي کي عالمي طور تي دهشتگردي قرار ڏنو ويو حالانڪه اهو علائقو ڪشمير جو حصو آهي جنهن کي پاڪستاني، والاريل ڪشمير ۽ ٻيا ملڪ ڀارت جي انتظام هيٺ آيل ڪشمير چون ٿا. پاڪستان جو موقف آهي ته ڀارت قابض آهي ۽ ڪشميري آزادي جو جدوجهد ڪري رهيا آهن ۽ ڀارتي قبضي ۽ ظلم خلاف رد عمل ۾ انهن هٿيار کڻي ورتا آهن. گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۽ انساني حقن جي هاءِ ڪمشنر پلواما حملي نندا ڪئي.

سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ پاڪستان جو دوست ملڪ چين به مستقل ميمبر آهي، ياد رهي ته پلواما ۾ حملو 14 فيبروري 2019ع تي ٿيو ليڪن سيڪيورٽي ڪائونسل جو مذمتي بيان 21 فيبروري تي جاري ڪيو ويو. جڏهن ته ان ئي سيڪيورٽي ڪائونسل ايران ۾ زاهدان خاش روڊ تي پاسدارانِ انقلاب جي بس تي آپگهاتي حملي جي مذمت اڳئين ئي ڏينهن يعني 14 فيبروري تي ڪري ڇڏي هئي. اهو به ياد رهي ته هن وقت گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي ڏهن غير مستقل ميمبرن ۾ ٻه مسلمان ملڪ انڊونيشيا ۽ ڪويت به شامل آهن. پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي ملڪن جي ميڊيا ان حوالي سان پنهنجي پنهنجي ملڪن جي ڪاميابي جا ڳڻ ڳايا. ڀارتي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي مذمتي بيان ۾ جيشِ محمد طرفان پلوامه حملي جي ذميواري قبول ڪرڻ جي ذميواري شامل آهي ۽ چين سميت سيڪيورٽي ڪائونسل جي سمورن ميمبرن طرفان گڏيل بيان چين جي پاليسي ۾ تبديلي جو اظهار آهي. سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ آمريڪا پڻ پلوامه حملي جي سخت مذمت ڪئي. ڊگهي عرصي کان پاڪستان انهن ٽنهي ملڪن جو ساٿ ڏيندو پيو اچي پر انهن ٽنهي ملڪن جو واضح جهڪاءُ ڀارت واري پاسي نظر اچي ٿو. پلوامه حملي جي مذمت ۾ سيڪيورٽي ڪائونسل کي هڪ هفتو لڳي ويو ان جو سبب به شايد اهو هجي ته چين کي پنهنجي راءِ تبديل ڪرڻ ۾ راضي ڪرڻ تي ڀارت ۽ ان جي اتحادين کي ايترو وقت لڳي ويو هوندو. 26 فيبروري تي پاڪستان جي صوبي خيبرپختونخواهه جي علائقي بالاڪوٽ تائين ڀارتي ايئرفورس جا فوجي جهاز اندر گهڙي آيا، سندن دعويٰ آهي اُتي هنن دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي حملو ڪيو. پاڪستان جو موقف آهي ته ايئرفورس جا جهاز جيئن ئي مٿي اُڏاڻا ته ڀارتي جهاز ڀڄي ويا ۽ ويندي ويندي پي لوڊ اڇلائي ويا. ڀارتي، اسرائيلي ۽ اولهه جي سُڌ سماءَ جي ذريعن موجب ڀارت، اسرائيلي ساخت جا گائيڊيڊ بم استعمال ڪيا.

imran6-750x369

ڀارت پاڪستان جي جاگرافيائي حدن، آزادي ۽ خودمختياري جي ڀڃڪڙي ڪئي جيڪا عالمي قانون جي لحاظ کان ممنوع ۽ مذمت جوڳو قدم هو، ليڪن گڏيل قومن، آمريڪا ۽ سعودي عرب سميت ڪنهن به ملڪ ڀارتي جارحيت جي مذمت ڪرڻ مناسب نه سمجهي. بس سڄي دنيا هڪ ئي وقت اهو مطالبو ڪندي رهي ته صبر صبر! ڀارت پنهنجي دعويٰ جو ڪو به ثبوت پيش نه ڪري سگهيو ليڪن پاڪستانين کي انهي حقيقت جو ادراڪ ٿي ويو ته سندن مادرِ وطن ۾ ڀارتي جهاز گهڙي آيا هئا. ڀارت سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو مذاق اڏائيندو رهيو هو، پاڪستان کي توهين ٿي هئي ان ڪري سڄي قوم جائز خواهش کي مدنظر رکندي اڳئين ئي ڏينهن يعني 27 فيبروري تي پاڪستان ڏينهن جي روشني ۾ ڀارتي ايئر فورس جا ٻه جهاز ڪيرائڻ جي خبر دنيا کي ٻڌائي. اڀي نندن نالي ڀارتي پائليٽ کي گرفتار به ڪيو ويو ليڪن پوءِ کيس ڀارت حوالي ڪيو ويو. اهي جهاز پاڪستاني فضائي حدن ۾ ڪيرايا ويا هئا. ايئن پاڪستان پنهنجي ريڊ لائن تي ڪا به مصلحت ڪرڻ کان صاف انڪار جو پيغام ڀارت سميت سڄي دنيا کي ڏنو. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو لهجو انتهائي غير مهذب ۽ چيڙائيندڙ هجڻ باوجود پاڪستان نه رڳو رد عمل کي مضبوط رکيو بلڪه جنگجو لٻاڙ کان به پرهيز ڪيو.

پلوامه حملي کان پوءِ انٽرنيشنل ڪميونٽي ۽ عالمي راءِ عامه واضح طور تي ڀارت سان همدردي ڏيکاريندي رهي، آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪل پومپيو، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي شيخ حاڪمن بابت خبرون اينديون رهيون ته اُهي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي اعليٰ اختيارين سان رابطي ۾ آهن. پوءِ ڀارت جي اين ڊي ٽي وي جي ويب سائيٽ تي پهرين مارچ 2019ع تي خبر آئي ته ڪيئن آمريڪا، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات پاڪستان تي دٻاءُ وجهي ڀارتي پائليٽ اڀي نندن کي ڀارت حوالي ڪرڻ تي مجبور ڪيو. آمريڪي پرڏيهي وزير ڀارت جي دراندازي کي دهشتگردي تي ٻڌل قدم قرار ڏنو. هُن ڀارتي اختيارين کي ٿڦڪي ڏني ۽ پاڪستاني اختيارين کي ڊڪٽيشن ڏني ته صبر جو مظاهرو ڪيو. مذڪوره ٽنهي ملڪن ڀارت طرفان پاڪستاني حدن ۾ ڪارروائي جي مذمت نه ڪئي بلڪه گڏيل عرب امارات ميزبان ملڪ جي حيثيت سان اسلامي ملڪن جي بين الاقوامي تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 46 هين اجلاس ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج کي دعوت ڏئي گهرايو. پاڪستان ان جي مخالفت ڪئي، اعتراض ۽ احتجاج ڪيو ليڪن او آءِ سي جي بانيڪار ميمبر ملڪ پاڪستان جي هڪ به نه ٻڌي وئي ۽ ڀارت جيڪو او آءِ سي جو نه ته ميمبر آهي ۽ نه ئي آبزرور، ان جي پرڏيهي وزير کي گيسٽ آف آرنر جي حيثيت سان افتتاحي سيشن ۾ گهرايو ويو ۽ کيس خطاب جو موقعو پڻ ڏنو ويو.

او آءِ سي اجلاس جي افتتاحي سيشن ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ جي نيت سان شرڪت نه ڪئي، البته پرڏيهي وزارت جي ڪجهه اختيارين شرڪت ڪئي. اڳوڻي سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني ڌيان ڇڪرايو آهي ته او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جي پڄاڻي تي جيڪو 50 نڪاتي ابوظهبي گڏيل اعلان جاري ڪيو ويو ان ۾ ڪٿي به ڀارت جي پاڪستان ۾ دراندازي جو ذڪر ناهي ڪيو ويو جڏهن ته اجلاس ۾ جيڪي قراردادون ڪشمير ۾ ڀارتي دهشتگردي جي حوالي سان منظور ڪيون ويون اُهي پاڪستان جون پيش ڪيل هيون. ياد رهي ته او آءِ سي جي فورم تي به ڪشمير کي والاريل ڪشمير نه چيو ويندو آهي، پاڪستان جي سرڪاري خابرو اداري اي پي پي او آءِ سي جي ٽوئيٽر بيان جي خبر جاري ڪئي هئي ته او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽريٽ 26 فيبروري تي ڀارت طرفان لائين آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي جي رد عمل ۾ بانيڪار ميمبر ملڪ خلاف ان ايڪشن جي مذمت ڪئي آهي جڏهن ته معاملو لائن آف ڪنٽرول کان به اڳتي يعني انٽرنيشنل بارڊرز جي ڀڃڪڙي جو01abhi7 هو جنهن جو ڪٿي به ذڪر ناهي ڪيو ويو.

پاڪستان في الحال هڪ دفاعي محاذ تي ڪامياب ٿيو آهي ليڪن اڃا تائين پاڪستان عالمي دٻاءَ جو شڪار آهي ۽ دنيا ڀارت سان گڏ بيٺل آهي. ڀارت پلوامه حملي بابت جيڪي دستاويز موڪليا آهن ان ۾ پابندي مڙهيل جيش محمد جي پابندي مڙهيل ڪجهه ماڻهن جا نالا شامل آهن. هاڻي ٿي رهيو آهي ته پاڪستان اهڙن ماڻهن ۽ تنظيمن خلاف سخت ڪارروايون ڪري رهيو آهي جيڪي ڀارت جي نظر ۾ دهشتگرد آهن ۽ انهن تي گڏيل قومن جون پابنديون به مڙهيل آهن، جيئن حافظ سعيد ۽ ان سان لاڳاپيل ڪجهه تنظيمون. پابندي مڙهيل جيش محمد جي سربراهه مسعود اظهر جي ڀاءُ ۽ پٽ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، مذڪوره تنظيم جي مسجدن، مدرسن ۽ آفيسن کي سيل ڪيو پيو وڃي يا حڪومت پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺي رهي آهي. ٻئي طرف فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس پاڪستان کي گري لسٽ ۾ وجهي بليڪ لسٽ ڪرڻ جي پڻ ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.

مودي جي حماقتن کان پوءِ به پاڪستان هن خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اهو ڀارت ئي آهي جنهن خواجه اجمير شريف جي عقيدتمندن کي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي ۽ پاڪستان ڀارت جي هندو ۽ سک ياترين کي مندرن ۽ گردوارن تي اچڻ کان ڪڏهن به منع ناهي ڪيو. سمجهوتا ايڪسپريس، دوستي بس سروس جاري رهڻ اهي سڀ بهتر لاڳاپن جي خواهش جو عملي ثبوت آهن. ڀارت پاڪستان سان واپار ڪرڻ تي 200 سيڪڙو ڊيوٽي مڙهي ڇڏي آهي پر پاڪستان واپارين جي دٻاءُ باوجود ڀارت جي ان ناانصافي جو برابر جواب ناهي ڏنو. جيتوڻيڪ اڀي نندن کي جلدي ۾ آزاد ڪرڻ تي پاڪستاني ناراض آهن ليڪن مجموعي طور تي پاڪستان نريندره مودي جي ڀارت کي نهايت سوبر انداز ۾ جواب ڏئي عالمي لاڳاپن جي جديد تاريخ لکي ڇڏي آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته او آءِ سي به ڀارت کي باني ملڪ پاڪستان تي ترجيح ڏئي اسلامي دنيا جي پاڻ ۾ لاڳاپن جي سلسلي ۾ ڪو سٺو مثال قائم ناهي ڪيو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو