Home / ويندي ويندي / آمريڪا رڳو آمريڪين جو ناهي!
above article banner

آمريڪا رڳو آمريڪين جو ناهي!

ويندي ويندي

01

آمريڪا جون وچ مدي واريون چونڊون هر پنجين سال اينديون ۽ وينديون آهن.جيئن ته آمريڪي صدر  خودمختيار ٿي فيصلا ڪندو آهي. ڪانگريس توڙي سينيٽ کان پڇي به ڪونه. سو وچ مدي وارين چونڊن جي نتيجن سان ڪا خاص دلچسپي نه هوندي آهي. مڙئي هڪ رسم آهي جيڪا ادا ڪئي ويندي آهي.

پر ڊونالڊ ٽرمپ جي صدر ٿيڻ کانپوءِ آمريڪا جو سياسي وايومنڊل ئي تبديل ٿي ويو آهي. هڪ طرف ڊونالڊ ٽرمپ آهي جيڪو اڇي چمڙي ۽ ڳاڙهن ڳٽن وارن ميٽرڪ پاس آمريڪين جو محبوب آهي، جيڪو گاريال آهي. داداگيري جي سياسي ٽور سان معاملا هلائي ٿو. ٻئي پاسي ڊيموڪريٽ پارٽي آهي جنهن ۾ سلڇڻا ۽ وڻ وڻ جي ڪاٺي گڏ آهن. 2018ع جي وچ مدي وارين چونڊن جا نتيجا هي سٽون لکڻ وقت اچڻ لڳا آهن. ڊيموڪريٽ پارٽي ڪانگريس ۾ سرسي حاصل ڪري چڪي آهي. پنجن رياستن ۾ ريپبلڪن پارٽي کان گورنري کسجي چڪي آهي. باقي سينيٽ ۾ اڃا ريپبلڪن جي سرسي آهي.

هي وچ مدي واريون چونڊون ان لحاظ کان به تاريخي آهن جو پهريون ڀيرو ٻه مسلمان مايون ڪانگريس ۾ سوڀاريون ٿيون آهن. هڪڙي مائي جو خاندان ايٿوپيا کان لڏي اچي آمريڪا ويٺو، مائي مٿي تي حجاب اوڍي ٿي پر سندس ڪپڙي لٽي سان آمريڪي ووٽر جو ڇا وڃي؟ کيس ووٽ ڏيئي ڪانگريس پهچايو اٿئون. ٻي مائي فلسطيني آهي، کيس به ڊيموڪريٽ پارٽي سوڀارو ڪرايو. ٻه اصلوڪيون جن کي اسان ريڊ انڊين سڏيندا آهيون، آمريڪي مايون به ڊيموڪريٽس جي ٽڪيٽ تي ڪانگريس ۾ کٽي آيون آهن. ڪانگريس ۾ ڊيموڪريٽ جي ليڊر مائي، نينسي پلوسي اڳي ئي ٽرمپ لاءِ ڪات ڪهاڙا تکا ڪيو وتي ٿي. سو هاڻ ٽرمپ وڏي ڏچي ۾ اچي ويو. ڪانگريس ڀل صدر جي عهدي آڏو ڪجهه نه هجي پر صدر کي عهدي تان لاهڻ لاءِ مواخذي جو مرحلو شروع ڪرڻ جو بهرحال کيس اختيار آهي.

ڪانگريس اها به جاچ ڪري سگهي ٿي ته ڊونالڊ ٽرمپ کي سوڀارو ڪرائڻ لاءِ روسي صدر پيوٽن ڪهڙيون حرفتون ڪيون يا ڊونالڊ ٽرمپ جي اميگريشن پاليسي کي ٻنجو ڏيئي سگهجي.

آمريڪي وڏو جگر رکندڙ ماڻهو آهن. ٽرمپ جهڙي ماڻهو جي سياست جي آمريڪي سماج ۾ پذيرائي ڪونهي. پر آمريڪا جي وچولي رياستن ۾ رهندڙ  اڇي چمڙي وارن آمريڪين کي ڀئو آ ته ٻين نسلن جا ماڻهو جيڪي گهڻو تڻو ڊيموڪريٽ پارٽي جا ڀرجهلا آهن سي سندن نوڪرين جو حق غصب ڪندا. ٽرمپ سندن ان خوف کي ووٽ جي طاقت ۾ تبديل ڪري صدارتي چونڊون کٽي آيو پر جنهن ريت آمريڪي ماڻهو ٽرمپ تي ڏمريل آهن تنهن مان لڳي ٿو ته 2020ع جي صدارتي چونڊن ۾ ٽرمپ ڌوپجي ويندو.

هونئن به ڊونالڊ ٽرمپ جهڙا ماڻهو آمريڪي صدارتي منصب تي نه ٿا سونهن. آمريڪا جيئن ته سپر پاور آهي تنهن ڪري سندس صدارتي ڪرسي تي ويهندڙ شخص جا فيصلا رڳو آمريڪي سماج تي نه پر پوري دنيا جي ماڻهن تي اثرانداز ٿين ٿا. ڊونالڊ ٽرمپ آمريڪا کي عالمي ماحولياتي بچاءُ جي ٺاهه مان ٻاهر ڪڍي ٿو ته ان سان دنيا جو نقصان آهي. ايران سان کنئوس ڪري ٿو ته سڄو وچ اوڀر متاثر ٿئي ٿو.چين سان ڦڏو ڪري ٿو ته سڄو ايشيا ۽ آفريقا متاثر ٿئي ٿو.

ان ڪري واشنگٽن ۾ ويهندڙ شخص لاءِ هونئن ته بهتر اهو ٿيندو ته آمريڪي ماڻهن سان گڏوگڏ پوري دنيا جي ماڻهن کان به راءِ ورتي وڃي ته چڱو پر جي سياسي طريقئه ڪار جي تقاضا ان ريت نه آهي ته پوءِ آمريڪي ماڻهن کي پاڻ اها همٿ، اخلاقي حمايت رستي ڏياريون ته اهي ڪنهن به ڌُوپار بدران سمجهدار ماڻهو کي واشنگٽن جي تخت تي رسائن. ڊونالڊ ٽرمپ جهڙا دماغ هاڻ عجائب گهرن جي زينت هجڻ کپن. ايڪويهين صدي سهپ ۽ برابري جي صدي آهي.

ان عام آمريڪي جي صدي آهي جيڪو دنيا کي پنهنجو وطن سمجهندي ايٿوپيا جي هڪ ڪاري، مسلمان عورت کي چونڊرائي ڪانگريس موڪلي ٿو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو