Home / ايڊيٽوريل / احتساب جي آڙ ۾ پارليامينٽ ۽ سياست جا پَرَ ڪپڻ جي شروعات!
above article banner

احتساب جي آڙ ۾ پارليامينٽ ۽ سياست جا پَرَ ڪپڻ جي شروعات!

 Titleاسان پنهنجي حياتي ۾ کوڙ حڪومتون ايندي ۽ ويندي ڏٺيون پر جيڪا جُٺ تحريڪ انصاف حڪومتي وهنوار سان ڪري رهي آهي سا ڪنهن به حڪومت نه ڪئي. ايئن ٿو لڳي ته تحريڪ انصاف اڃا تائين مخالف ڌر ۾ ويٺل پارٽي آ جيڪا هر برائي جي پاڙ پاڻ کان سواءِ هر ٻي پارٽي ۾ ڳولي ٿي. مثال طور هي پهرين پارٽي آهي جيڪا پاڻ سياسي پارٽي هوندي به سندس وزيراعظم توڙي هيٺين مشينري ملڪي تباهي جو سبب سياسي پارٽين کي ڪوٺي ٿي.

جيڪا قرض کي وڏو مرض ڪوٺيندي ڪوٺيندي پاڻ ڪستو کڻي ٿي. جيڪا سنڌ ۾ اي ڊي خواجه جي آءِ جي طور بدلي تي صداءِ احتجاج بلند ڪندي ڪندي پاڻ واري اچڻ تي مهينن اندر ٻه آءِ جي تبديل ڪري چڪي آهي. سندس وزير کليو کلايو سنڌ حڪومت کي گهر موڪلڻ جي لٻاڙ هڻن ٿا. آءِ ايم ايف آڏو هٿ ٽنگين ٿا. تيل، گئس ۽ بجلي مهانگي ڪن ٿا. وچ اوڀر ۾ ايران ۽ سعودي وچ ۾ جاري سرد جنگ ۾ پنهنجو وزن سعودي جي پُڙ ۾ رکن ٿا. هڪ کان هڪ نامي گرامي سياستدان پنهنجي صف ۾  شامل ڪري ٻين کي چور سڏين ٿا. آسيه بي بي جي بي ڏوهه ثابت ٿيڻ باوجود سندس نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وجهن ٿا ۽ لبيڪ پارٽي پاران فساد ڪرڻ تي پهرين فسادين جا وڊيو هٿ ڪن ٿا ۽ پوءِ سندن مان هٿ ڪڍن ٿا.

سندن چونڊ واعدن ۾ هڪ واعدو پهرين سئو ڏهاڙن ۾ تبديلي ايندي ڏيکارڻ جو واعدو ٿيل هيو، جيڪو في الحال واعدو ئي رهجي ويو ته پوءِ تبديلي ڪهڙي آئي؟

هاڻ ٻڌون ٿا ته  پنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ويٺل پڪا پوڙها ملڪي مسئلن جو حل صدارتي سرشتي ۾ ڳولين پيا. هاڻوڪو سياسي سرشتو جنهن کي پارلياماني سرشتو سڏجي ٿو تنهن ۾ وزيراعظم  قومي اسيمبلي ۾ چونڊجي اچڻ بعد اڪثريتي بنياد تي حڪومت جوڙي وهنوار هلائيندو آهي جڏهن ته صدارتي سرشتي ۾ صدر جي چونڊ سڌي ٿيندي آهي جيڪو وڻيس ته پارليامينٽ کي کنگهي وڻيس ته نه. تحريڪ انصاف پلان ۾ اڃا تائين ته پوري ريت شامل ناهي پر سندس اڳواڻ عمران خان جي اڳوڻين قلابازين کي ڏسندي ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه ٿو لڳي ته تحريڪ انصاف ان راءِ کي قبول ڪري وٺندي. ٻي ڳالهه جيڪا پنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ويٺل پڪا پوڙها ڪري رهيا آهن سا ارڙهين آئيني ترميم جو خاتمو آهي. ارڙهين آئيني ترميم صوبن کي ڪي به پٽ ڪونه پهرايا. تعليم، صحت، زراعت وغيره جا جيڪي کاتا جنهن ريت صوبن ۾ هلندا هئا سي هلندا رهيا.

ان آئيني ترميم کانپوءِ اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو وڌي 57 سيڪڙو ٿيو. هاڻ وس وارن کي اصل اعتراض اهو ڪونهي ته صوبا تعليم يا صحت وغيره جهڙا کاتا پاڻ ڇو هلائي رهيا آهن جو اهو ته اُهي اڳي ئي هلائي رهيا هئا. اصل اعتراض صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ مان ملندڙ حصي تي آهي. تحريڪ انصاف جي حڪومت آءِ ايم ايف، چين ۽ سعودي کان اوڌر پاڌر وٺي واندي ٿي اچي ارڙهين آئيني ترميم ۾ هٿ وجهندي.

ايندڙ ڪجهه مهينا ان ڪري به اهم آهن جو ملڪ جي ٻن وڏين پارٽين کي نيب ۽ ايف آءِ اي رستي نڪ ۾ نڪيل وجهڻ جي ڪوشش ٿيندي. زرداري صاحب جيل وڃڻ جون ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون آهن.

نواز شريف مان هاءِ ڪورٽ هٿ ڪڍيا پر سپريم ڪورٽ ۾ سندس ڀاڳ نه هلندو. شهباز شريف اڳي ئي نيب وٽ آهي. سنڌ ۾ به نيب جون ڪارروايون تيز ٿيڻ بابت اڳڪٿيون ٿي رهيون آهن. ان صورتحال ۾ پهرين مرحلي ۾ ته جنرل مشرف جي سياسي انجنيئرنگ مان سبَق پرائيندي ”نيب زدو“ ڳوليا ويندا ۽ ان ريت پ پ ۽ نواز ليگ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري آئيني ترميمون پاس ڪرايون وينديون. جي اهو پلان ڪامياب نه ٿيو ته پلان بي هيٺ ”نظريه ضرورت“ جو جن جياربو. وسيع تر قومي مفاد ۾ ارڙهين آئيني ترميم ختم ڪري صدارتي نطام آندو ويندو. صوبن خاص طور سنڌ ۾ گورنر راڄ هڻي پ پ جي فائين ٽيوننگ ڪئي ويندي.

پر ان طرح ڪيسيتائين ملڪ هلائبو؟ ايوب خان جي مارشل لا، ون يونٽ جي غاصباڻي اسڪيم کي ٽيڪ وٺائڻ لاءِ لڳائي وئي هئي.

ون يونٽ ايوب جي وڃڻ جي مهينن اندر ٽٽي ويو. جنرل ضيا جو نظام مصطفيٰ ساڻس گڏ ويو. مشرف جو اين آر بي ۽ مڪاني ادارن جو نظام به ساڻس گڏ ويو ته پوءِ عمران خان کي ڪيئن يقين آهي ته سندس سياسي پلان جٽاءُ ڪندو؟

هن ملڪ جي مسئلن جو حل سياست کي نندڻ بدران وڌيڪ کليل سياست ۾ آهي. پارليامينٽ جو ڪردار محدود ڪرڻ بدران ان جي اختيارن کي وڌائڻ ۾ آهي. صوبن جا پر ڪٽڻ بدران سندن تاريخي حيثيت تسليم ڪرڻ ۾ آهي.

پر افسوس جو طاقت جو نشو انسان کي فرش تان عرش تي رسائي سندس پيرن هيٺان سڀ ڪجهه ڪڍي ٿو ڇڏي. جڏهن چين ۾ عمران خان تقرير ڪندي سياستدانن ۽ سياسي ادارن کي ملڪي تباهي جو ذميوار قرار ڏيئي رهيو هيو تڏهن ڪنهن اهو چيو ته تحريڪ انصاف جنهن ٽاري (سياست) تي آکيرو (حڪومت) اڏيو آهي تنهن کي ئي ڪٽڻ جون ڳالهيون ڪري ته پوءِ ڳالهائڻ لاءِ باقي ڇا بچي ٿو؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو