Home / اسپيشل افيئر / ايل بي او ڊي: برباديءَ جا پيرا کڄن ٿا!
above article banner

ايل بي او ڊي: برباديءَ جا پيرا کڄن ٿا!

 ابوبڪر شيخ

 Abu Bakar Shaikh

گذريل ڊگهي عرصي کان بدين ۽ ٺٽي واري ڊيلٽائي پٽي، قدرتي آفتن جي وڪڙ ۾ آهي، انهن قدرتي آفتن سبب هن علائقي جي جيڪا حالت ٿي آهي اُها ڪنهن کان به لڪل ڪونهي، پر انهيءَ خستگي واري لينڊ اسڪيپ ڏسڻ کان پهرين يا انهيءَ موجوده حالتن کي ڏسڻ کان اڳ جيڪڏهن هڪ سرسري نظر، انهيءَ ڊيلٽائي پٽيءَ جي ماضيءَ تي وجهجي، ته ماضي ۽ حال جو شايد بهترين تجزيو ڪري سگهبو. ماضيءَ ۾ سمنڊ جي ڪٺار ڪري هتي بندرگاهن جو هڪ سلسلو ڦهليل هو، جيڪو هتي جي مقامي شين کي ڏورانهن ڏيهن تائين پهچائيندو هو ۽ اسانکي گهربل شيون وري ڏيساور مان اينديون هيون. ولاسو، مانڌر ۽ ڪيٽي بندر وارا علائقا باغن، سارين ۽ ڍنڍن ڍورن جي ڪري مڇي جي اُپت ۾ مشهور هئا، گاه ۽ مال جي چاري جي ڪري، چوپايو مال گهڻي تعداد ۾ هو، جيمس برنس، جاتي کان هڪ سئو اُٺن جو قافلو ڏٺو هو، جيڪو نج سنڌي گيهه سان لڏيل هو ۽ ڪڇ طرف وڃي رهيو هو، هن علائقي جو ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ سان واپار ۽ رت جو رشتو رهيو آهي.

01

1819ع ۾ هن پٽيءَ ۾ جيڪو زوردار زلزلو آيو اُن هن پٽيءَ جي سڄي طبعي حالت کي تبديل ڪري ڇڏيو، انهيءَ تبديلي ڪيترين وسندين کي ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيو ۽ ڪيترن ئي بندرگاهن کي ويرانيءَ جي ور چاڙهي ڇڏيو، پر حيات جو ڪم آهي اڳيان وڌڻ ۽ پنهنجي جياپي لاءَ نوان رستا ڳولهي لهڻ ۽ زندگي پنهنجا رسات ڳولهي لڌا، نوان نجهرا قائم ٿيا ۽ بندرگاهون وري آباد ٿي سامان جي آوت جاوت جو مرڪز بڻيون. 1886ع ۽ 1903ع وارن زلزلن به هتي جي طبعي حالتن ۾ ڪجهه طبعي حالتن کي تبديل ڪيو انهيءَ سان گڏ اسان وٽ اهو رڪارڊ به موجود آهي ته، 1864ع کان 1889ع جي قليل عرصي ۾، هن پٽيءَ تي 54 ننڍا وڏا طوفان آيا. 1887ع ۾ هن پٽيءَ هڪ وڏي خوشحالي به ڏٺي. پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ 1964ع ۾، هتي هڪ سگهارو طوفان آيو، جنهن هن پٽيءَ کي انتهائي وڏو نقصان ڏنو. ماضيءَ جا گزيٽيئر اسان کي ٻڌائين ٿا ته، هن ڊيلٽا تي قدرتي آفتون اينديون رهيون آهن گڏوگڏ اهي انهيءَ حقيقت جي غمازي ڪن ٿا ته، فطرت ۽ انسان جو پاڻ ۾ ڪروڙين سالن جو مضبوط رشتو آهي ۽ انهيءَ رشتي جيڪا وقت سر برباديون ڏنيون آهن ته اُنهيءَ سان گڏ سندس جهوليءَ ۾، انيڪ ترقيون ۽ عنايتون به سندس جهول ۾ وڌيون آهن. 1986ع کان پهرين هيءَ پٽي ڍنڍن ڍورن، زرخيززمينن ۽ پنهنجي شاهوڪار سامونڊي ڪنارن جي ڪري مشهور هُئي. 1986ع ۾ ليفٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين وارو ميگاپراجيڪٽ، اهو چئي شروع ڪيو ويو ته؛”… هن پراجيڪٽ جي اختتام کانپوءِ، بدين واري ساحلي پٽيءَ جي زندگي تبديل ٿي ويندي، ماحوليات ۽ فصلن تي انهيءَ جا انتهائي مُثبت اثر مرتب ٿيندا ۽ معاشي طور تي هي علائقو شاهوڪار ٿي ويندو.“  اصل ۾ هي پراجيڪٽ نوابشاه، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص جي زمينن جي جيڪا زميني واٽر ليول وڌي هئي، اُن کي گهٽ ڪرڻ ۽ اهو پاڻي ٽيوب ويلن ذريعي ڪڍي، ان جي اخراج جو منصوبو هو، جيئن انهن ضلعن جي زمين کي ٻيهر ايگريڪلچر لاءَ مناسب بنائي سگهجي. انهيءَ پراجيڪٽ جي Need Assessment ڪرڻ وقت، فقط انهن ضلعن جي زميني حالت بهتر ڪرڻ ۽ پراجيڪٽ کانپوءِ جيڪي مُثبت نتيجا ملڻا هئا اُنهن تي نظر رکي ويئي، اها ئي پهرين ۽ بنيادي غلطي هئي جنهن کي نظرانداز ڪيو ويو… ڪنهن به اهو سوچڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي ته، جنهن منصوبي سان 5 لک 16 هزار هيڪٽرن تي ڦهليل ”ڪلچر ايبل ڪمانڊ ايريا“ (CCA) کي زرعي فائدو پهچندو اُن ايريا جو نڪتل لوڻياٺو پاڻي جتي خارج ڪيو ويندو، اُتي ڪهڙا منفي اثرات مرتب ٿيندا.

02

هن پراجيڪٽ تي ڪم جي شروعات 1974ع ۾ ٿي پر زمين تي ڪم 1984ع کان شروع ٿيو، شروع ۾ هن تي 8 ارب 59 ڪروڙ 35 لک 20 هزار روپيه اچڻو هو، پر جيئن جيئن هي پراجيڪٽ اڳيان وڌندو ويو، هن جون غلطيون ظاهر ٿينديون ويون ۽ واپڊا پنهنجين غلطين کي لڪائڻ لاءِ لنڪ پراجيڪٽ ڪڍندي ويئي، پراجيڪٽ جي اختتام تي هن 41 ارب 58 ڪروڙ روپيا خرچ اچي چڪو هو. جڏهن ته ورلڊ بئنڪ 1 ارب 2 ڪروڙ 10 لک ڊالرن جي خرچ ٿيڻ جو اندازو لڳايو هو جيڪو اصل اندازي کان 30 ڪروڙ 82 لک ڊالر وڌيڪ هو.

ڊيلٽا جي ساحلي پٽيءَ تي ليفٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين جا منفي اثر؛

ڊيلٽائي پٽيءَ جو پنهنجو هڪ ڌار ڪلچر هجي ٿو، ڇو ته هتي ننڍيون وڏيون ڍنڍون ۽ ڍورا هجن ٿا جنهن ڪري اُپت جا ذريعا انهن ڍنڍن ڍورن سان لاڳاپيل هجن ٿا، انهيءَ لاءِ انهن جون عادتون، زبان جا لهجا، ريتون رسمون ۽ لوڪ ادب انهي  زمين مان ڦُٽي نڪتل آهي گڏوگڏ هتي جي مقامي ماڻهن جو سمنڊ کان هزارين سالن جو مضبوط رشتو رهيو آهي، ته انهن حقيقتن جي بنياد تي انهن جا پنهنجا رويا آهن.ماضيءَ ۾ هتي، چوپائي مال جي گاه جي گهڻائي،  زمينن جي آبادي ڪري، هتي چوپايو مال گهڻو رهيو، جنهن ڪري کير ۽ مکڻ جي واپرائڻ ڪري صحت بهتر رهندي هئي ۽ اُپت جو ذريعو پڻ هو.

03

ليفٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين جي شروعات ٿي ته، هن پٽيءَ جا ملوڪ ڏينهن لڏڻ لڳا، زمين جي زرخيزي ختم ٿيڻ لڳي، زمين جي پاڻيءَ جي ليول وڌڻ لڳي، اُهي زمينون جيڪي سارين جا چهچ ساوا فصل اُپائينديون هيون اُتي لُوڻ جا قلم ڦُٽڻ لڳا، مٿان سون تي سُهاڳو اهو ٿيو جو ڪوٽڙيءَ کان هيٺ مٺي پاڻيءَ جي آمد بند ٿي، ته سمنڊ جي کاڌ ۾ اضافو ٿيو، هيل تائين بدين ۽ ٺٽي جي لکين ايڪڙ زرخيز زمين سمنڊ جي نظر ٿي ويئي آهي. ڊيلٽا جي هي سامونڊي ڪٺار جيڪا هزارين سالن کان Natural Disasters جا سُور سهندي آئي هئي اُها هن Man Made Disaster اڳيان هار کائي ويئي، ڇو ته هن بربادي ۾ پاڻ ۾ ڪو قدرتي رشتو نه هو، ايل.بي.او.ڊي ۾ فقط زمينن جو لوڻياٺو پاڻي نٿو اچي بلڪ شهرن جا گٽر، ڪارخانن جا ڪيميڪلن سان ڀريل اخراج وارو پاڻي Natural Environment لاءِ هڪ بربادي جي پيغام کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي، خاص ڪري سمنڊ ۾ جيڪي تمرن جا جهنگل آهن، مڇي ۽ جهينگهن جي نرسرين کانسواءِ سمنڊ جي سڄي ايڪو چين لاءَ تباهي جو ڪارڻ بنيل آهي، اهو ئي سبب آهي جو، سمنڊ جي ساحلي ڪنارن تان مڇي ۽ جهينگي جي جهلڻ ۾ انتهائي قسم جي گهٽتائي ٿي آهي. پاڻ اهو پهرين به چئي چڪا اهيون، هن ڊيلٽآئي پٽي جو پنهنجو ڌار مزاج اهي، هتي جي (Bio-diversity) جنهن ۾ ڍنڍون ڍورا، مڇيءَ جا ناياب نسل، مقامي وڻ، پکي ۽ جانور شامل آهن، هن ميگا فيليور پراجيڪٽ، انهيءَ سڄي قدرتي نظام کي تباه و برباد ڪري ڇڏيو آهي. رڙي فاريسٽ ۽ بوهڙڪي فاريسٽ جيڪي هن پٽيءَ جا وڏا ٻيلا ۽ جهنگلي جيوت جا Protection Area هئا، اُهي هاڻي مڪمل طور تي برباد ٿي چڪا آهن.

طبعي حوالي سان اسين سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورھايون ٿا، اتر، وچولو ۽ لاڙ، لاڙ جون طبعي حالتون سنڌ جي ٻن طبعي پٽين کان مختلف آھن. اھم اھو ته ھيءَ سڄي پٽي سنڌو درياءَ جي ڇوڙ مان جڙيل آھي، جيئن ته ھي بيلٽ قديم وھڪرن جو مرڪز رھيو آھي، انھيءَ ڪري ھتي قدرتي طور انيڪ ڍنڍون ۽ ڍورا آھن، انھن سون جي تعداد ۾ ننڍيون وڏيون ڍنڍون ھئڻ ڪري ھتي جو ڪلچر انھيءَ ماحول جي حساب سان تخليق ٿيو ۽ جوان ٿيو. ھن پٽيءَ جي قديم تاريخ کي ھڪ طرف رکندي آءُ فقط انھيءَ ثقافت جي ڳالھه ڪندس جيڪا ھتي جي رھاڪوئن جي گذر سفر جي ذريعن جو ڪارڻ ھئي ۽ ھنن جي طبيعت جوڙڻ جو سبب بڻي.

  1. ماھيگيري (ڍنڍون، ڍورا ۽ سمنڊ)
  2. زراعت
  3. چوپايو مال

انھن ٽنھي اھم وسيلن جي زندھ رھڻ جو مرڪزي نقطو پاڻي آھي ۽ اھو به ذھن ۾ رکڻ کپي ته اُپت جا اھي ذريعا ڪنھن به حالت ۾ مصنوعي نه جوڙيا ويا آھن. اھي پنھنجي ھڪ قدرتي نظام تحت جـُڙي جوان ٿيا آھن ۽ اھي ھڪ ٻئي سان بلڪل ائين سلھاڙيل آھن جيئن اسان جي جسم جو نظام ھڪ ٻئي سان سلھاڙيل آھي. لاڙ جي انھيءَ زميني تصوير کي سمجھڻ لاءِ اھو سٺو مثال سمجھڻ کپي.

ماضيءَ ۾ جڏھن پاڻي جي فراواني ھئي اُن وقت جي ماحول ۽ خوشحالي جو ذڪر اسين پھرين ڪري چڪا آھيون، پر جڏھن کان مٺي پاڻيءَ جي کوٽ ٿي، درياءَ تي بند ٻڌي پاڻي روڪيو ويو، ڪوٽڙيءَ کان ھيٺ گھربل پاڻيءَ ڇڏڻ نالي ماتر ڪيو ويو، ايريگيشن سسٽم جيڪو انگريزن جوڙايو، پر اسان جا صاحب لوڪ انھيءَ کي ھلائي به نه سگھيا، جنھن ڪري بنيادي زمينون غير آباد ٿيڻ لڳيون، پاڻي جي کوٽ ڪري زير زمين مٺي پاڻيءَ جا ذخيرا ختم ٿيڻ لڳا، مٿان سون تي سھاڳي جو ڪم آئوٽ فال ڊرين ڪيو. مٺي پاڻي جي قلت ڪري زير زمين پاڻيءَ جا نار خالي ٿيا، جن جي جاءِ سمنڊ جي کاري پاڻي ورتي. ھڪ قائم قدرتي نظام کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو، زراعت گھٽ ٿي ته اُن جو سڌو اثر چوپائي مال تي پيو، ڇو ته جڏھن مال لاءِ چارو نه ھوندو ته، رڍون، ٻڪريون، ڳئون ۽ مينھون ڪيئن جي سگھنديون. ايگريڪلچر ۽ چوپايو مال جو آھستي آھستي ختم ٿيڻ ھتي جي رھاڪوئن لاءِ معاشي جياپي لاءِ تمام وڏو ڌڪ ھو. 30 سيڪڙو زراعت ۽ 30 سيڪڙو چوپائي مال جي جيئندڙ ماڻھن لاءِ زندگي انتھائي ڏکي ٿي پئي، باقي بچيو سھارو ڍنڍن ۽ ڍورن جو، جنھن تي 40 کان 45 سيڪڙو مقامي ماڻھو جيئندو ھو. ايل بي او ڊي، مٺي پاڻيءَ جي کوٽ، طوفانن ۽ ڏڪرن گڏجي انھن کي به موت ڏئي ڇڏيو، ڇو ته اھي ڍنڍون ئي ھيون جن جي ڪنارن تي پيدا ٿيندڙ پن ۽ ڪاني ھتي جي گھر ٺاھڻ لاءِ استعمال ٿينديون ھيون، ڍنڍن مان ان کان سواءِ مڇي نه رڳو مارڪيٽ ۾ وڪبي ھئي بلڪ ھتي جي مقامي ماڻھو جي خوراڪ جو انتھائي اھم ذريعو ھئي. انھيءَ کان سواءِ ڪـُم، ڪوڻيون، لوڙھيون، پاٻوڙا توڙي ٻـُور مقامي فروٽ طور استعمال ٿيندو ھو، بلڪه اڪثر وڏين ڍنڍن مان اھي قدرتي نعمتون مارڪيٽ ۾ به وڪرو ٿينديون ھيون، جنھن مان پڻ ناڻو ڪمائي سگھبو ھو. ان کان سواءِ پن ۽ ڪانيءَ مان جيڪي پکا ٺاھي مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيندا ھئا اُن جي ڪمائي مان ھزارين خاندان پلبا ھئا. واھن ۽ واٽرن جي ڪنارن تي ٻٻرن جي وڻڻ مان نه رڳو تتل ڪاڙھي ۾ ڇانو ملندي ھئي بلڪ انھيءَ جي ٻوري چوپائي مال جي انتھائي اھم ۽ صحت مند خوراڪ ھوندي ھئي. خالي پيل پٽن تي لاڻا ۽ ليون ٿينديون ھيون، ڏير (ھڪ قسم جو گاھه جيڪو پٽ تي وڇائي ويھڻ ۽ گھرن جي ڇتين تي برسات کان بچڻ لاءِ تھه ڪري ٻڌبو ھو) ٿيندي ھئي. انھيءَ سڄي ماحول ۾ جھنگلي جيوت پنھنجي پوري قدرتي ماحول ۾ اُپجي ۽ نپجي رھي ھئي. تتر، سھا، گدڙ، جھنگلي ٻلا ۽ ٻيا ڪيترائي جانور ھئا جيڪي قدرتي نظام کي برقرار رکڻ لاءِ انتھائي ضروري ھوندا آھن. ماڻھن جي ڪيل غلط فيصلن ڪري اھو سڀ ڪجھھ برباد ٿي چڪو، ائين سمجھجي ته صدين جي جوڙيل ھڪ ڪلچر کي تباھي ۽ بربادي جي اوڙاھه ۾ ڌڪيو ويو.

04

اُھا پٽي جيڪا صدين کان قدرتي آفتن کي سھندي آئي ھئي بلڪ زندگيءَ کي جوان ڪري رھي ھئي، اُن کي ماڻھن جي ھٿ سان ٺاھيل برباديءَ برباد ڪري ڇڏيو. برباديءَ جي انھيءَ ڪھاڻيءَ جو اھو وچ آھي.

بدين ۾ ٻه وڏا مشھور ٻيلا ھئا، ھڪ رڙي ٻيلو ۽ ٻيو بوھڙڪي ٻيلو. اھي ٻيلا ڪيترن ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل ھئا، ڪنھن زماني ۾ انھن اندر جھنگلي جيوت پنھنجي جوڀن تي ھئي جو وقت جا وزير اتي ھفتن جا ھفتا ڪئمپون ڪري شڪار ڪندا ھئا، پر ھاڻي اتي ويراني کان سواءِ ٻيو ڪجھ به ڪونھي. ھڪ تازي سروي موجب ھتي زراعت جا 33 نسل، جڙي ٻوٽين ۽ گاھ جا 77 نسل، مقامي وڻن جا 12 نسل، مقامي پکين جا 21 نسل، مقامي جاندارن جا 32 نسل پنھنجي پڄاڻي تي پھچي چڪا آھن.

جڏھن ڪنھن علائقي جي ماحوليات برباد ٿي وڃي ته انھيءَ برباديءَ ۽ تباھيءَ جا مقامي رھندڙن تي جيڪي اثر پوندا اُھي ڪنھن به حالت ۾ مثبت نه ھوندا، بلڪھ انتھائي انتھائي ناڪاري ھوندا. ھڪ قدرتي نظام ۾ بگاڙ جو نتيجو ڪيترو خراب ٿيندو آھي اُن جو مثال ھن ڊيلٽائي پٽيءَ کان سواءِ ٻيو ڪھڙو پيش ڪري سگھجي ٿو. ماڻھو اھڙين خراب حالتن ۾ رھن ٿا جن جو اندازو نٿو لڳائي سگھجي. اُپت جا ذريعا ھنن جا اخري پساھن ۾ آھن. ايل بي او ڊي جي اُٿلي پوڻ جو خطرو ھر وقت ھنن جي ذھنن تي سوار رھي ٿو. ڪنھن زماني ۾ ھي ماڻھو سانوڻ جو وڏي چاھت سان شديد انتظار ڪندا ھئا، پر ھاڻي قصو انھيءَ جي بلڪل اُلٽو آھي، ڇو ته جڏھن ھي سانوڻين جو انتظار ڪندا ھئا تڏھن سمنڊ کي رستو ڏيکاريندڙ اھو آئوٽ فال ڊرين جو وجود نه ھو، ھاڻي جي برساتون پون ٿيون ته برساتون نقصان گھٽ ڪن ٿيون پر انھيءَ سم نالي کي پوندڙ گھارن جو پاڻي نقصان وڌيڪ ڪري ٿو.

ھاڻي جڏھن سم نالين ۾ لوڻياٺي پاڻيءَ کان سواءِ شگر ملن ۽ ٻين فيڪٽرين جو ڪيميڪل سان ڀريل اخراج اچڻ لڳو آھي، انھيءَ زھر سان ڀريل  پاڻيءَ  اھو ڪم ڪيو آھي جو انھيءَ مان خارج ٿيندڙ بدبوءِ ماڻھن کي ساھه، ڦڦڙن جي بيمارين، اکين جي بيمارين ۽ چمڙيءَ جي انيڪ بيمارين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي. انھيءَ پاڻيءَ ته انھيءَ Vegetation کي به برباد ڪري ڇڏيو آھي جيڪا لوڻياٺي پاڻيءَ تي سم نالن جي ڪنارن تي ٿيندي ھئي. اھو زھريلو پاڻي ھر حيات لاءِ موت جو پيغام آھي، پر جيئن انھن ڪارخانن ۾ جيڪي Treat Plant لڳائڻا ھئا ۽ تمام ضروري به ھئا، پر جيئن ته اھي مھانگا آھن انھيءَ لاءِ ھڪ سرمائيدار لکين رپيا انھن تي لڳائڻ بجاءِ وزيرن کي ڪجھه ڏئي ڪم ھلائڻ لاءِ راضي ڪندو. ڪارخانن مان نڪرندڙ اھو زھر ماحوليات لاءِ ڪيترو به خطرناڪ ڇو نه ھجي، ماڻھن انھيءَ سان ڪيترين بيمارين ۾ ڇو نه مبتلا ٿين، جھنگلي حيات انھيءَ پاڻيءَ سان ڀلي مري وڃي پر Treat Plant ناھي لڳائڻو.

ھاڻي وارو آھي ايريگيشن نظام جو، ڪلھوڙا دور کان انگريزن جي حاڪميءَ تائين ھي نظام دنيا جو ھڪ بھترين ۽ لاڀائتو نظام ھو، ھاڻي به ھي دنيا جو ايريگيشن جو وڏو نظام آھي، پر بھتر نه. ڇو ته ھڪ نظام ٺاھي ڇڏڻ ۽ ان کي ھلائڻ ٻه ڌار ڌار شيون آھن. ھي نظام ٺھيو ضرور پر بھتر طريقي سان ھلي نه رھيو آھي. Cyclone 2A ۾ جڏھن سنڌ جي ديلٽائي پٽيءَ جو سڄو آبپاشي نظام ريٽجي ويو ته انھيءَ ريت کي فوري طور تي ڪڍڻ لاءِ ڪي به تڪڙا ۽ عملي اُپاءُ نه ورتا ويا، جڏھن ته انھن اُپائن جي انتھائي سخت ضرورت ھئي، جنھن جو نتيجو اھو نڪتو ته انھيءَ علائقي ۾ مٺي پاڻي جي سخت اڻاٺ پيدا ٿي. انھيءَ اڻاٺ ھن پٽيءَ تي تمام خراب اثر مرتب ڪيا.

”چولري ويئر“ جيڪا 7 ڪروڙ، 87 لک روپين جي خرچ سان جولائي 1997ع ۾ تيار ٿي، هيءَ لوه، اسٽيل ۽ سيمنٽ جي 1800 فٽ ڊگهي ۽ سمنڊ جي سطح کان ساڍا چار فوٽ اونچي ديوار هئي، جنهن متعلق اهو چيو ويو هو ته، هيءَ مضبوط ديوار 20 سالن تائين ڪارآمد رهندي، پر 22 مهينا ئي گذريا هئا جو Cyclone 2A ۾ وڏي ڌماڪي سان ٽٽي ويئي، اهو سڀ وقت ۽ پئسي جي زيان کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪو نه هو، غلط پلاننگ  جو نتيجو مقامي ماڻهن ۽ ماحوليات کي سهڻو پيو…. اها سڄي بربادي محض انهي ڪري ٿي جو KADHAN PATAJI OUT FALL DRANجو سڄو منصوبو، فطري طور غلط هو ۽ انهيءَ جو وهڪرو، فطرت جي بلڪل اُلٽو رکيو ويو آهي، (اوڀر کان اولهه طرف، جڏهن ته قدرتي وهڪرو اُتر کان ڏکڻ طرف آهي). مئي کان آگسٽ تائين هن پٽيءَ ۾ اولهه جون انتهائي تيز هوائون لڳن ٿيون، جنهن ڪري سمنڊ انتهائي خطرناڪ حالت ۾ هوندو آهي، هيءُ اها ئي موسم آهي، جڏهن انهيءَ پٽيءَ ۾ سارين جي فصل جي آبادي ٿيندي آهي ۽ اتفاقن برساتن جي به اها ئي موسم آهي. اهڙي خطرناڪ موسم ۾ جيڪڏهن هيءَ ڊرين 4000 هزار ڪيوسڪ جو اخراج وارو پاڻي کڻي سمنڊ طرف وڌندو، ته سمنڊ جيڪو هونئن ئي اولهه کان اوڀر طرف آهي، ته انهن ٻنهي سگهارن پاڻين ۾ ٽڪراءَ ٿيڻو آهي ۽ سڄي سال High Tide  ۽ Low Tide جو سلسلو جاري رهي ٿو.

سائيڪلون 2A جي بربادي؛

سائيڪلون ٽو اي، هن ڊيلٽائي پٽيءَ لاءِ 1964ع کانپوءِ سڀ کان وڏو Natural Disaster هو، پر پاڻيءَ جي سگهه ۽ ٽڪراءَ ڪري ٽائڊل لنڪ ۾ 56 کان وڌيڪ گهارا پيا، جن ٻرندڙ تي گاسليٽ وارو ڪم ڪيو، آسمان تان پاڻي گهٽ وسيو، پر ٽائڊل لنڪ جي انهن گهارن سوين ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا، ماڻهو فقط پنهنجي جان بچائي ڀڄي نڪتا. انهيءَ بربادي هن پٽيءَ کي نئون ارضياتي روپ ڏنو، ننڍيون وڏيون ڍنڍون ڍورا ريت سان ڀرجي ويا، ايريگيشن جو سڄو نظام ڊانواڊول ٿي ويو، انهيءَ سڄي اڻ مٽجندڙ بربادي تي واپڊا پنهنجي اسٽيٽمنٽ جاري ڪندي چيو ته؛”… اسين اهو مڃيون ٿا ته سائيڪلون دوران ٽائڊل لنڪ کي 56 گهارا پيا، پر فصلن کي ڪو نقصان نه پهتو …“

سوڪهڙو؛

سائيڪلون کانپوءِ، سنڌ جي ڊيلٽائي پٽي کي هڪ ڊگهي سوڪهڙي کي منهن ڏيڻو پيو، پاڻيءَ جي شديد کوٽ، سائيڪلون ڪري قدرتي وسيلن جي ٿيل برباديءَ جي ڪري، هڪ وڏي لڏپلاڻ ٿي، جنهن ۾ ڊيلٽا جا سوين ڳوٺ ويران ٿي ويا، جيڪڏهن ائين کڻي چئجي ته، لاڙ پٽ جي اها ٻيو نمبر وڏي لڏپلاڻ هئي، هڪ سروي مطابق 7800 ننڍا وڏا ڳوٺ ويران ٿي ويا، پاڻي جي کوٽ ۽ گندي پاڻيءَ جي استعمال ڪري، موت جي شرح 13 سيڪڙو تي وڃي بيٺي، خوراڪ جي کوٽ ڪري، ٽي.بي، جي مرض ۾ وڏو اضافو ٿيو، اُپت جا ذريعا 80 سيڪڙو تائين گهٽجي ويا، انهن پنجن سالن ۾ انهيءَ ڊيلٽائي پٽي جي 12 لک زرعي زمين، سمنڊ جي اڳيان وڌڻ ۽ کاڌ ڪري برباد ٿي ويئي.

2003 وارو برساتي سلسلو؛

ڊگهي سوڪهڙي کانپوءِ 2003ع ۾ آسمان وسيو ۽ دل کولي وسيو، اهو هو ته Natural Disaster پر ايل.بي.او.ڊي ۾ پيل گهارن، هن تباهي کي Man Made Disaster ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، ايل.بي.او.ڊي جي گهارن مان آيل پاڻيءَ، 75 ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو، 2 لکن کان وڌيڪ ماڻهو ٻن مهينن تائين، ڪئمپن ۾ دربدر رهيا، 2 بلين کان وڌيڪ معاشي نقصان ٿيو، 32 ماڻهو بي وقتائتي موت جي نظر ٿي ويا، 50 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ زرعي زمين سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي ويئي، 10 هزارن کان وڌيڪ ماهيگير پنهنجا روزگار جا وسيلا وڃائي ويٺا.

2006 وارو برساتي سلسلو؛

2006ع ۾ هن سم نالي، ميرپورخاص تي نظر عنايت ڪئي، گهارن لڳڻ ڪري ميرپورخاص جا 38000 هزار ماڻهو بي گهر ٿيا، مرچن ۽ ڪپهه جي فصلن کي وڏو نقصان پهتو، بدين ۾ ”چولري ويئر“ 1999ع ۾ ٽٽي جيڪا هيل تائين ڪو نه ٺهي آهي، جنهن جي ڪري سمنڊ جي پاڻي جي ڳوٺن تائين آوت جاوت جاري آهي.

2011ع وارو برساتي سلسلو؛

هن سال آگسٽ ۾ پوندڙ برساتي سلسلي، 1936ع ۾ پوندڙ برساتي سلسلي جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، هن سال 296 ملي ميٽر، برسات پيئي، جنهن ڪري ضلعي جون 19 ديهون مڪمل پاڻيءَ هيٺ اچي ويون، انهن ديهن جا هزارين ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ آيا جن جا لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، لکن ايڪڙن تي، ڦٽين، سارين، مرچن، ٽماٽن جو فصل برباد ٿي ويو، ايل.بي.او.ڊي کي 47 گهارا پيا، جڏهن ته ٻين واهن ۽ سم نالن ۾ پيل گهارن جو تعداد ٻه سئو کان وڌيڪ آهي.

بربادي طرف هڪ ٻيو قدم؛

ورلڊ بئنڪ جيڪا 1960ع کان پاڪستان جي آبپاشي نظام ۾ زوري زبردستي شامل ٿي، تڏهن کان پاڪستان Mega Projects جي سحر ۾ ورتل آهي، ليفٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين جي بربادين کي ڏسي آخرڪار اهو مڃي ورتو ته؛”… ايل.بي.او.ڊي جي ٽائڊل لنڪ واري ڊزائننگ ۾ غلطي هئي…“ LBOD جي هن Mega Failure Project جي غلطي مڃيندي، هڪ نئون پراجيڪٽ Sindh Coastal and Inland Community Development Project شروع ڪري رهيو اهي، جنهن جي لاڳت 103 ملين ڊالر آهي، انهيءَ پراجيڪٽ جي مطالعي مان لڳي ٿو ته، ڊيلٽا جي بنيادي اهم مسئلن کي قطعي نظرانداز ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڳالهيون ايل.بي.او.ڊي جي ريماڊلنگ جون به ٿي رهيون آهن، چيو اهو پيو وڃي ته، هن جي پاڻي کڻي اچڻ جي موجوده گنجائش جيڪا 4 هزار ڪيوسڪ آهي اُن کي وڌائي 18000 هزار ڪيوسڪ ڪئي ويندي، انهيءَ فيصلي جو سنئون سڌو مقصد اهو آهي ته، انهيءَ سامونڊي ڪٺار کي هر حال ۾ برباد ڪرڻو آهي، جڏهن ته، RBOD جو ڪم به جاري آهي ۽ جڏهن آر.بي.او.ڊي جو پاڻي سنڌو درياءَ سان ملي، سمنڊ ۾ وڃي نيڪال ٿيندو ته، انڊس ڊيلٽا وٽ برباد ٿي وڃڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه بچندو.

انڊس ڊيلٽا تي ميگا پراجيڪٽس جا پوندڙ منفي اثر؛

اسان کي خبر آهي ته، انڊس ڊيلٽا، هن ملڪ جي سڀ کان وڏن تمر جي جنگلن جو علائقو آهي ۽ انڊس، دنيا جي ستين نمبر وڏي ڊيلٽا آهي، هن ڊيلٽائي خطي جي ڪل آبادي 2262058 آهي، جنهن مان 128،720 ڪراچي جي ساحلي جي، 1113194 ضلع ٺٽي ۽ 1136044 بدين جي ڪٺار تي وسندڙ آهي. اسين سمجهون ٿا ته، هن خوشحال پٽيءَ جي بربادي جو سبب اهي ميگا پراجيڪٽس آهن،  جيڪي زمين جي اصلي مسئلن ۽ ضرورتن کي نظرانداز ڪري پنهنجي من ماني سان جوڙيا وڃن ٿا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو