Home / بلوچستان / بلوچستان جا اڻ نبريل مسئلا ۽ مونجهارن: جو شڪار تحريڪ انصاف حڪومت!
above article banner

بلوچستان جا اڻ نبريل مسئلا ۽ مونجهارن: جو شڪار تحريڪ انصاف حڪومت!

عباس ناصر

wrtier

سردار اختر مينگل قومي اسيمبلي جي فلور تي شڪايت ڪئي آهي ته حڪومت وزيراعظم جي چونڊ ۾ عمران خان لاءِ پارٽي جي حمايت عيوض بلوچن جا اهم مسئلا حل ڪرڻ لاءِ بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل (بي اين پي ايم) سان ڪيل معاهدي جي پاسداري نه پئي ڪري. 6 نُڪاتي معاهدي ۾ لاپتا ماڻهن جي واپسي ۽ جبري گمشدگين کي روڪڻ، قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد، وفاقي ملازمتن ۾ بلوچستان جي 6 سيڪڙو ڪوٽا ۽ بلوچستان مان افغان مهاجرن جي پنهنجي وطن ڏانهن واپسي شامل آهي. قومي اسيمبلي جي فلور تي ڳالهائيندي بلوچ اڳواڻ چيو ته کيس تمام گهڻي ڳڻتي آهي ته متفقه نُڪتن تي ڇو ڪا اڳڀرائي نه ٿي آهي ۽ اهو ته حڪومت کي واضح ڪرڻ گهرجي ته اُها پنهنجي واعدي جي پاسداري ڪري سگهندي يا نه.

بلوچن جي بيچيني جي هڪ ٻئي اُهڃاڻ طور بلوچستان اسيمبلي گڏيل طور تي ٺهراءُ منظور ڪيو آهي ته صوبي جي وسيلن تي ڪوئيٽا کي ڪنٽرول ڏنو وڃي. اهو ٺهراءُ تڏهن پيش ڪيو ويو جڏهن اِهي اطلاع آيا ته پاڪستان حڪومت بلوچستان کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواءِ سعودي عرب کي سينڊڪ ۽ ريڪوڊڪ جي کاڻين ۾ معدنيات ڳولڻ جا حق ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي. اها قرارداد بي اين پي مينگل جي صوبائي اسيمبلي ميمبر ثناءُالله بلوچ پيش ڪئي هئي، ظاهر آهي اها قرارداد منظوري تائين اڳواٽ لائحه عمل هو ڇو ته حڪومت طرفان اهڙي ڪنهن آڇ جي ڪا تصديق موجود ناهي. پنهنجي طرفان حڪومت گورننس جي مسئلن ۾ ڦاٿل نظر اچي رهي آهي جنهن جي ڪري معاملا حل ڪرڻ ۾ کيس ڪا مدد نه پئي ملي. سعودي وفد جي دوري جو مقصد ڇا هو؟ انهيءَ حوالي سان مختلف اعلان ۽ پوءِ انهن مان ڪجهه فيصلن، مثال طور سعودي عرب جي سي پيڪ منصوبن ۾ شموليت ۽ رياض کي واپس ورتل ادائيگي تي تيل مهيا ڪرڻ جي درخواست واپس وٺڻ سان وڌيڪ مونجهارا ئي پيدا ٿيا آهن. فيصلي تائين پهچڻ ۾ اها ناڪامي ۽ ان مان جنم وٺندڙ مونجهارا تجربو نه هجڻ جو واضح مظهر آهن ۽ اسان کي اميد آهي ته جڏهن وقت سان گڏ ڪابينا جا اهم ميمبر وڌيڪ تجربيڪار ٿي ويندا ۽ پنهنجي فيصلن تي اعتماد ڪرڻ لڳندا ته شيون بهتري ڏانهن هلي پونديون..

01

ليڪن اها ڳالهه اهم آهي ته بلوچستان جو مسئلو ۽ ان جي ڳڻتي کي وزيراعظم بنا دير جي حل ڪري، صوبي ۾ انساني حقن جي صورتحال ۽ ٻيا اهم مسئلا وزيراعظم جي دل جي ويجهو آهن جن کي آئون ڪوئيٽا جي سندس ماضي ۾ ڪيل دورن ۽ بيانن کان وٺي ڄاڻان ٿو. ڳالهه ٻولهه ۽ اهم مسئلن تي اڳڀرائي لاءِ گنجائش هاڻي به موجود آهي ليڪن اُها ڪا گهڻي ناهي، رياست طرفان غير منصفاڻي رويي جو شڪار ٿيڻ باوجود اختر مينگل جهڙن سياستدانن ملڪ جي آئيني ۽ قانوني دائري ۾ رهندي پنهنجي خدشن جو اظهار ۽ پنهنجا مطالبا پيش ڪيا آهن. رياست کي به هاڻي اهو احساس ڪرڻ گهرجي ته اهڙو آپريشن جنهن ۾ سيڪيورٽي فورسز خلاف انساني حقن جي لتاڙ جا سنگين الزام مڙهيا ويا آهن ۽ اهڙي صورتحال جنهن ۾ ڪجهه دهشتگردن بلوچ ڪاز جي نالي تي غريب ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن کي به ناهي ڇڏيو هميشه جاري نٿو رهي سگهي.

گذريل جولاءِ جي عام چونڊن ۽ ان کان اڳ ۾ مارچ ۾ سينيٽ چونڊن تي رياست طرفان اثرانداز ٿيڻ ۽ ايئن خاص طور تي بلوچستان ۾ ٿيڻ ان جو عملي مظهر آهي. بلوچستان مان جيڪي سينيٽر مارچ ۾ چونڊيا ويا (۽ پوءِ ننڍين چونڊن ۾ چونڊيا ويا) انهن ۾ انوارالحق ڪاڪڙ جهڙا قابل ماڻهو به شامل هئا جيڪي صوبائي حڪومت جا ترجمان هوندا هئا ۽ انهن اُتي ڪريڪ ڊائون جو تمام گهڻو دفاع ڪيو هو. غير معروف صادق سنجراڻي کي نه رڳو بلوچستان مان سينيٽر چونڊرايو ويو پر کيس سينيٽ چيئرمين پڻ بڻايو ويو. ان کان پوءِ سرفراز بگٽي جو وارو اچي ٿو جنهن وٽ مختصر عرصي لاءِ پر اهڙي موقعي تي گهرو وزارت جو قلمدان هو جڏهن آپريشن جاري هو ۽ جڏهن دراندازي کي چيڀاٽڻ لاءِ ظالم ترين ۽ انتهائي سخت گير قدمن جي بچاءَ جي ڳالهه ايندي هئي ته سرفراز بگٽي هميشه اڳيان اڳيان نظر ايندو هو.

02

چيو وڃي ٿو ته اڪثر پاڪستاني سياستدانن پنهنجي سياسي سفر جي شروعات فوج جي جهولي ۾ ويهي ڪئي آهي. جيڪڏهن ان عرصي کي ڏٺو وڃي جڏهن ملڪ سڌي يا اڻسڌي ريت آمراڻي حڪومت جي هٿ هيٺ رهيو ته ان ڳالهه تي ڪا حيرانگي نه ٿي ٿئي. ليڪن جيڪا ڳالهه اهم آهي اُها اِها آهي ته ڪنهن به ريت ڪجهه سياستدانن جي ارتقا ٻين کان مختلف رهي آهي، مثال طور ذوالفقار علي ڀٽو شايد پنهنجو ڪيريئر فيلڊ مارشل ايوب خان جي ڇانوري هيٺ شروع ڪيو ليڪن پوءِ هو پنهنجي پيرن تي بيهي رهيو. هُن “اسٽيٽسڪو” کي چئلينج ڪيو ۽ ان دوران زبردست عوامي حمايت حاصل ڪئي ۽ شهرت جي اهڙي بلندي تي پهتو جنهن تائين پنجن ڏهاڪن ۾ به شايد ڪو سياستدان پهتو هجي. حقيقت ۾ سندس مقبوليت تڏهوڪي چيف آف آرمي اسٽاف کي ايترو ته پريشان ڪري ڇڏيو جو نه رڳو کيس هٽايو ويو بلڪه هڪ فريبي ٽرائل کان پوءِ ڦاسي پڻ ڏني وئي. نواز شريف کي ڏسو جنهن جو سياستدان طور واحد مقصد جنرل ضياءُالحق جي فوجي حڪومت جو جونيئر پارٽنر بڻجڻ ۽ بينظير ڀٽو کي اقتدار ۾ اچڻ کان روڪڻ هو ۽ هُن اهو ڪافي حد تائين ڪيو به سهي. پر اسان سڀ اهو به ڄاڻون ٿا ته نواز شريف ڪيئن وقت سان گڏ تبديل ٿيو آهي خاص طور تي تڏهن جڏهن کيس پنهنجي مقرر ڪيل آرمي چيف جنرل پرويز مشرف هٽائي ڇڏيو هو جنهن کان پوءِ کيس ڪيترن سالن تائين ملڪ کان ٻاهر رهڻو پيو هو.

جڏهن به اسان رياست جي غلطين جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اسلام آباد/راولپنڊي جي حامي هڪ بلوچ اڳواڻ جي پهرين بلوچ حقن جي تحريڪ جي مرڪزي ڪردار ۾ جبري تبديلي ۽ پوءِ ان مقصد لاءِ جان جو نذرانو ڏيڻ فهرست ۾ سڀ کان مٿي ايندو. اهو سڌي رستي تان هٽڻ ناهي، اهو سمورن بلوچ سياستدانن ۽ اسيمبلي ميمبرن جي ذميواري آهي ته اُهي پارليامينٽ ۾ جيئن به پهتا هجن پر سندن وفاداريون پنهنجي عوام سان هجڻ گهرجن. اُهي ماڻهو جيڪي غير مقبول مقصدن کي طُم طراق سان بيان ڪرڻ جي صلاحيت ۽ جذبو رکن ٿا انهن کي اهو سمجهڻ جي ضرورت آهي ته بلوچ حقن تي سندس خاموشي ممڪن آهي ته کين اقتداري ايوانن ۾ اضافي پوائنٽس ڏياري پر اهڙي روش کي بلوچ شايد ڪڏهن به معاف نه ڪندا.

هائو! توهان مونکي انهن ماڻهن جي اُٿي بيهڻ جي اميد رکڻ تي تنقيد جو نشانو بڻائي سگهو ٿا ليڪن آءُ مايوسي جي سمونڊ ۾ ٻُڏڻ بدران پُراميد رهي ترڻ پسند ڪندس.

ليکڪ انگريزي اخبار “ڊان” جو اڳوڻو ايڊيٽر ۽ تجزئي نگار آهي

                                 Dawn   ©

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو