Home / بلوچستان / بي اين پي مينگل تحريڪ انصاف کان الڳ ٿي ويندي؟
above article banner

بي اين پي مينگل تحريڪ انصاف کان الڳ ٿي ويندي؟

عابد مير

Abid Mir

پاڪستان ۾ 2018ع ۾ ٿيل عام چونڊن جي نتيجي ۾ بلوچستان جي مشهور قومپرست جماعت بلوچستان نيشنل پارٽي صوبائي اسيمبلي جون 10 ۽ قومي اسيمبلي جون چار سيٽون کٽي هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ طاقتور سياسي قوت طور ايوان ۾ پهتي. تڏهن اسان وٽ اهو بحث هلي پيو ته بي اين پي کي حڪومت سازي ۾ حصو وٺڻ گهرجي يا اپوزيشن بينچن تي ويهڻ گهرجي. مون ان وقت به لکيو هو ته بي اين پي کي مخالف ڌر جي بينچن جي چونڊ ڪرڻ گهرجي ان ۾ ئي سندس سياسي جيئاپو آهي. اهڙي ريت پوءِ صوبائي سطح تي پارٽي اهو ئي فيصلو ڪيو ليڪن مرڪز ۾ پنهنجي چئن سيٽن سان پي ٽي آءِ حڪومت کي سهارو ڏنو ۽ ان جي عيوض پنهنجا ڇهه نُڪتا پيش ڪيا. چيو ويو ته بي اين پي طرفان حڪومتي حمايت انهن ڇهن نُڪتن سان مشروط هوندي، جيڪڏهن انهن تي عمل نه ٿيو ته پارٽي تحريڪ انصاف حڪومت جي حمايت تي نظرثاني ڪندي ۽ پوءِ ٿيو ايئن ته وزيراعظم عمران خان حڪومت جي پهرين مهيني ۾ ئي افغان مهاجرن کي شهريت ڏيڻ جو اعلان ڪري اختر مينگل جي ڇهن نُڪتن جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون. جنهن کان پوءِ بي اين پي، تحريڪ انصاف جي حڪومت بابت محتاط رويو اختيار ڪندي نظر اچي ٿي.

منهنجي خيال ۾ بي اين پي طرفان تحريڪ انصاف جي حڪومت جو حمايت جو فيصلو ڪرڻ هڪ سياسي غلطي هئي جنهن جو احساس پارٽي کي هاڻي يا پوءِ ٿي ويندو تنهن هوندي به اها هڪ سياسي مجبوري پڻ هئي. باخبر صحافين چواڻي بلوچستان ۾ جيئن ته شروع کان ئي خبرون اينديون رهيون ته ڄام ڪمال جي حڪومت کان تحريڪ انصاف جي صوبائي قيادت خوش ناهي، سندن ڪوشش رهي ته پهرين ته باپ پارٽي جي حڪومت نه ٺهي، پي ٽي آءِ، بي اين پي ۽ ٻين پارٽين سان گڏجي حڪومت قائم ڪري وٺي. پر چيو وڃي ٿو ته فيصلي ساز قوتن ان جي اجازت نه ڏني.

01

سردار يار محمد رند زبردستي جي اُن “رشتي” مان گهڻو خوش ناهي ۽ پنهنجا سمورا چينل استعمال ڪندي هو شايد سال کن ۾ ڄام ڪمال ۽ سندس پارٽي جي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري مسند شايد پاڻ سنڀالي وٺي. اهو به ٻڌڻ ۾ آيو هو ته اسلام آباد ۾ سردار رند ۽ اختر مينگل جي ملاقاتن دوران اهو طئي ٿيو هو ته سردار رند ۽ بي اين پي گڏجي صوبي ۾ حڪومت سازي ڪندا، ان ڪري مرڪز ۾ بي اين پي کي تحريڪ انصاف جي حمايت ڪرڻي پوندي. ان سلسلي ۾ معاملا ڪجهه اڳتي پڻ وڌيا هئا، بي اين پي پنهنجي اتحادي جماعت متحده مجلس عمل کي گڏ وٺي هلڻ ٿي چاهيو جيڪا ڳالهه مقتدر قوتن لاءِ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه هئي ان ڪري اهو ڏاند چاڙهي نه چڙهي سگهيو. ان ڪري بي اين پي پنهنجي حمايت کي ڇهن نُڪتن سان مشروط ڪري ورتو ۽ پنهنجي سياسي ساک بچائي ورتي ليڪن ظاهر آهي ته جنهن نوعيت جا اُهي نُڪتا آهن، هڪ عام سياسي ڪارڪن ۽ مبصر به سولائي سان اندازو ڪري سگهي ٿو ته ان جي پورائي تحريڪ انصاف حڪومت ۽ وزيراعظم عمران خان جي وس جي ڳالهه ناهي. اختر مينگل ۽ سندس جماعت طرفان بس رڳو مطالبا رکي خانه پوري ڪئي وئي، بي اين پي جو تحريڪ انصاف سان اتحاد غير فطري هو جيڪو بهرحال جلد ختم ٿيڻو آهي ۽ اهو وقت گهڻو پري ناهي.

منهنجو محتاط اندازو آهي ته بي اين پي ويجهڙ ۾ ٿيل ننڍين چونڊن کان پوءِ ايندڙ مهيني ٻن ۾ تحريڪ انصاف حڪومت کان الڳ ٿي ويندي جنهن جا مختلف سبب ٿي سگهن ٿا.

اهو سوال اُٿاري سگهجي ٿو ته جڏهن بي اين پي کي اندازو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ تحريڪ انصاف حڪومت کي سندس ضرورت نه رهندي ته پوءِ اها هاڻي الڳ ڇو نه ٿي ٿئي؟ ممڪن آهي ته بي اين پي اُميد جي سهاري اڃا معاملن کي جاچيندي هجي ته ڪٿي بلوچستان حڪومت ۾ کين حصو پتي ملڻ جا امڪان ته پيدا نه ٿي سگهندا.

هاڻي اڳيون سوال اهو ته ان امڪاني اُٿل پٿل جي نتيجي ۾ بي اين پي جو مستقبل جو لائحه عمل ڇا ٿو ٿي سگهي. جيئن مٿي عرض ڪري آياسين ته بي اين پي ۽ تحريڪ جو اتحاد غير فطري هو ان ڪري جو بي اين پي پنهنجي لاءِ اينٽي اسٽيبلشمينٽ تاثر رکي ٿي ۽ اهو تاثر ان پارٽي ڪافي محنت سان ٺاهيو آهي ۽ ان جي سياسي قيمت پڻ ادا ڪئي آهي. جڏهن ته تحريڪ انصاف ۽ عمران خان واضح طور تي اسٽيبلشمينٽ جو مُهرو هجڻ جو تاثر رکن ٿا ان ڪري بي اين پي ۽ تحريڪ انصاف جو اتحاد باهه ۽ پاڻي جو ميلاپ هو.

02

اختر جان مينگل جيڪڏهن ٿورو به سياسي تدبر جو مظاهرو ڪري ها ۽ وڌيڪ سياسي نقصان برداشت ڪرڻ جو اهل هجي ها ته کيس هاڻوڪي پاڪستاني سياسي منظرنامي ۾ نواز شريف ۽ سندس بيانيه سان گڏ بيهڻ گهرجي ها جنهن سان ماضي ۾ سندس گهڻي سياسي قربت رهي چڪي آهي ۽ اڄ به ٻئي ڌريون ان تعلق کي سٺن لفظن ۾ ياد ڪن ٿا.

هاڻي به امڪاني طور تي اختر مينگل ايندڙ ٽن کان ڇهن مهينن اندر وفاق ۾ به اپوزيشن طرف ويندي نظر اچي ٿو جيڪو سندن فطري اتحاد هوندو. صوبي ۾ ڪنهن وڏي پئماني تي سياسي اُٿل پٿل کان سواءِ سندس آخري منزل اپوزيشن ئي هوندي ۽ اهو ئي بي اين پي جي سياسي مستقبل لاءِ بهتر هوندو.

ظاهري طور تي اهو فيصلو عارضي طور شايد پارٽي کي بند گهٽي طرف وٺي وڃي پر اڳتي هلي اهو رستو انهيءَ گهٽي مان ٻاهر نڪرندو، ظاهري طرح طاقتور نظر ايندڙ اها ديوار ايتري ڪمزور آهي جو ان کي ڪيرائڻ لاءِ بس ٿوري سياسي ڏاهپ جي ضرورت آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو