Home / ڪتاب / جاڳ جا ڀاڳ آهيون پرين!
above article banner

جاڳ جا ڀاڳ آهيون پرين!

 عنايت الله نهڙيو

Inayat Nohrio

 سنڌي ادب ۾ سائنسي، ثقافتي، سماجي ۽ ٻين کوڙ سارين ادبي صنفن تي کوڙ سارو مواد پيو آهي، پر پوءِ به تحقيق ڪڏهن به آخري اکر ناهي هوندي، اڄ جي تحقيق کي سڀاڻي جو مورخ پنهنجي تحقيق سان رد به ڪري سگهي ٿو ۽ انهي کي پنهنجي تحقيقي راءِ سان صحيح به ڪري سگهي ٿو، ۽ اهڙين ئي تحقيقي ۽ تخليقي، تنقيدي ڪارگذارين سان سنڌي ادب ۾ “اياز شناسي” به هڪ اهڙو ئي موضوع آهي جنهن تي گهڻي ۾ گهڻو لکيو پيو وڃي، ٿر ڄائي دانشور نوراحمد جنجهي به ان موضوع تي ٽي ڪتاب “ڪارونجهڙ تي باهڙي، واريءَ تي وس ۽ جاڳ جا ڀاڳ آهيون پرين.” لکيا آهن، جيڪي اياز تي اٿارٽي جيان آهن. تازو ئي سندس آخر الذڪر ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيو آهي، جنهن ۾ ليکڪ سنڌي سماج جي روشن آئيندي جو مثال شيخ اياز جي شاعري جي زماني جي موجوده صورتحال سان سان ٺهڪندڙ تشريح ڪئي آهي، اياز سنڌ جو مهان ڪوي هو، جنهن جي شاعري جي ڪيترائي دور آهن، اياز جي شاعري انقلابي، رومانوي، روحاني ۽ الاهي سارين تحريڪن جي اثر هيٺ رهندي آئي آهي، اياز جو سنڌي بيت جديد ۽ قديم جو سنگ ميل ثابت ٿيو، سندس غزل ان وقت جي فارسي آميز شاعري خلاف بغاوت ڪئي، ۽ سنڌي شاعري جي جان گل و بلبل ۽ جام و مينا مان آجي ڪرائي سنڌي شاعري کي نئون روپ ڏنو، عظيم شاعر پنهنجي زماني جي رائج شين کي نواڻ ڏين جي ڪوشش ڪندي بيٺل پاڻي ۾ پٿر اڇلائيندا آهن، ۽ سندن اهڙي ڪوشش کين زماني ۾ ٻين کان مٿاهين هنڌ تي ويهاري ٿي.اياز پنهنجي شاعري ۾ ڪيترائي اثر قبولي ٿو، هن سلطان باهو جي مخصوص انداز واري “هو” کي به پنهنجي شاعري ۾  استعمال ڪري ٿو پر سندس شاعري جا موضوع وري به ديس جا ئي هجن ٿا جيئن ڪراچي شهرجي  امن جي حوالي سان هي شاعراڻو اظهار،

ڪيڏي مارا ماري آهي، ڪيڏو آهي ڪلور،

شهر ڪراچي ائن آهي، جئن ڦاٽو ڪو ناسور.

01

ڪتاب ۾ هڪ هنڌ ليکڪ لک ٿو ته، “شيخ اياز غربت جي مختلف صورتن جا پير ڪڙي ٿو، کيس اهي اگرا روپ انسانيت دشمن لڳن ٿا، پونجي واد جو سرشتو جتي ٻين شين کي بازار جي وٿ بنائي وڪڻي ٿو اتي انسان خود کي به ويڪائو وٿ بڻائي ٿو.” وڏا شاعر پنهنجي شاعري ۽ ان جو پيغام عام ماڻهو جي زندگي جي مختلف احساسن سان چٽي پنهنجي شاعري کي امر ڪري ڇڏيندا آهن ايئن ئي سنڌڙي جو اياز پنهنجي شاعري ۾ ماڻهو جي اندر جي اساٽ کي ظاهر ڪيو آهي، غربت بک جي ماءُ آهي ۽ اها ماءُ ڪڏهن ڪڏهن ڏائڻ بڻجي پنهنجا ئي ٻچا ڳهي ويندي آهي، اياز کان اها ڳالهه برداشت نه ٿي ٿئي ۽  شاعري ۾ هن ريت اظهار ٿو ڪري:

ڪڻا ڪني ۾ ڏسي، رني ڪونه ڪڇي،

لوليءَ منجهه لڇي، ممتا ساري ماءُ جي.

نوراحمد جنجهي پنهنجي اونهي ۽ وسيع مطالعي ۽ مشاهدي سوجهري تي اياز جي مٿي ذڪر ڪيل انهن سٽن کي پنهنجي من اندر

 جي اک سان پڙهي شاعري جي سمنڊ جهڙي اٿاهه گهرائي کي ماپي هي موتين جي مالها آڇي ٿو، “اهي حالتون منافعي خور سرشتي ڪيون آهن، جنهن انسان جي ذهن ۾ محض منافعي خاطر ڦرلٽ جو ڀس ڀريو آهي، هو اکيون پوري منافعي خوريءَ جي انڌي گهوڙي تي سوار ٿي ڌوڪيندو وڃي ٿو.” بيت جي صنف ۾ نواڻ ڀري شيخ اياز ڪيڏي نه خوبصورت ڳالهه ڪئي آهي، نه ته ان وقت بيت جي صنف کي نام نهاد شاعرن ڇا ڇا نه چيو هو.

ڇا ته دل کي وڻندڙ  احساس آهن، اياز جي شاعري جي هر هڪ سٽ سندس عظمت جو اهڃاڻ آهي، اياز پنهنجو ٻيو جنم ٿر ۾ وٺڻ جي خواهش ڏيکاري هئي، اياز پنهنجي آتم ڪٿا “ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر” جي پهريئن ڀاڱي ۾ ٿر جي سفر جي ڪٿا لکي آهي، ۽ سندس شاعريءَ جو هڪ وڏو حصو ٿر سان تعلق رکي ٿو، اڄ ٿر جهڙي علائقي جي خوشقسمتي آهي جو اياز تي ان ئي علائقي سان واسطو رکندڙ هڪ دانشور ان جي شاعري تي مسلسل لکي رهيو آهي ۽ اياز جي شاعري جي پيغام کي هڪ نئين انداز سان پوري دنيا ۾ واقف ڪرائي رهيو آهي، ڪتاب جي مهاڳ ۾ مير منصور مڱريي سائين جي هڪ مضمون تي روح ڀري راءِ ڏني آهي ته “ڪوڪي ٿي ڪويل مضمون ۾ ڀٽائي جي سر سامونڊي وانگي ڏک ۽ تڪليف کي بيان ڪندي ڪوئل جو درد سڻائي ٿو، جتي اهڙي آهه آهي جو سارو سنسار سڙي وڃي ٿو.” ڀٽائي جيان اياز جي شاعري به وحدت الوجود جي اثر هيٺ رهي آهي، تاريخ ۾ هن نظريي جو موجد ابن عربي کي چئجي ٿو، ننڍي کنڊ ۾ اورنگزيب جي پاليسين خلاف هڪ صوفي سرمد حق جي ڳالهه ڪئي ۽ جلاد جي هٿان ڪٺو ويو، اياز ان سڄي پسمنظر هيٺ هي اسم لکيو جنهن جون چند سٽون هي آهن،

ملان پنهنجي عمامي ۾،

سوچي، ڏاڙهي نوچي

سرمد ڇا ٿو سوچي ؟

دليءَ جون ديوارون سوچن،

چنڊ قطب مينار مٿان آ…

دارا جي تقدير نه سوچي

هونئن ته سڀ درٻارون سوچن…..

اياز سنڌي شاعريءَ ۾ هائيڪي جهڙي ڏکي جاپاني صنف کي به آندو، جنهن جي ٽن سٽن ۾ ڪنهن منظر جي ڳالهه ڪيل هوندي آهي، ليکڪ لکي ٿو ته “شيخ اياز پنهنجي هائيڪن ۾ خيال جا عڪس اڏڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ عشق محبت جا اولاڻا نظر اچن ٿا ته ڌرتيءَ جا دُک درد به جهلڪن ٿا، مسلسل جدوجهد ۽ جاکوڙ جي آکاڻي به ورجائجي ٿي.” ڪتاب ۾ شامل مضمون اياز شناسيءَ جهڙي موضوع تي هڪ وڏو ڇال آهن، جن کي پروڙڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي، خاص ڪري نوجوان طبقي لاءِ جيڪو اياز جي لاءِ صدين جي سوال جو جواب هو.  نوراحمد پنهنجي هن امر تخليقي پورهيي ۾ اياز جي گيتن، واين، بيتن، نثري نظمن ۽ سندس اها  شاعري جنهن ۾ هو رابندر ناٿ ٽئگور سان مخاطب ٿيو آهي، ان کي به پنهنجي ڪتاب ۾ پنهنجي فهم سان کولي پيش ڪيو آهي، سنڌي ادب کي اهڙو ناياب وکر ڏيڻ تي تخليقي ذهن داد ڏيڻ کان سواءِ نه ٿو رهي سگهي، منهنجي راءِ موجب اياز تي لکيل سندس پوين ٻن ڪتابن مان هي ڪتاب ڀاري آهي، دعا آهي ته هو ويران وير وڌ لکي اياز کي نوجوانن ۾ متعارف ڪرائي.

inayatullahnohri@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو