Home / ايڊيٽوريل / جيسيندا اسان وٽ نه ٿي ڄمي سگهي
above article banner

جيسيندا اسان وٽ نه ٿي ڄمي سگهي

ايڊيٽوريل

Title

نيوزي لينڊ کي اسان ڪرڪيٽ سبب سڃاڻيون نه ته ست سمنڊ پري هي ملڪ پنهنجي سمورين حسناڪين باوجود اسان لاءِ ايئن اوپرو هجي ها جيئن اسان وٽ ڪي تمام ٿورا ماڻهو فن لينڊ، وانٽاوو  يا اهڙي ئي ڪنهن ڌرتي تي جنت نما، پر ڏوراهين ملڪ بابت ڄاڻندا آهن. پئيسفڪ سمنڊ جي صفا ڏاکڻي ڪنڊ تي، آسٽريليا کان به اڃا اڳتي هي ملڪ پنهنجي سماجي بيهڪ جي حساب سان دنيا جي نهايت پرامن سماجن ۾ ڳڻيو ويندو آهي. جهڙو ملڪ خوبصورت آهي ان کان به خوبصورت اتي رهندڙ ماڻهن جون دليون آهن. نه ڪنهن جي هڪ ۾ نه ٻِن ۾. گوري ڪاري، عورت، مرد، سِک، عيسائي يا شيعي سني جي چڪر کان پري.

ڌرتيءَ جي گولي تي جيڪڏهن جنت ڏسڻي هجي ته نيوزيلينڊ، ناروي، فن لينڊ يا آئيس لينڊ وغيره جهڙا ملڪ گهمي ،رهي ڏسجن. مجال آ ڪو ٻار کي ڪتي آچار سمجهي يا ٻار کي مُڇ جو وارُ سڏي ٻار مٿان هٿ کڻي يا کيس ڇڙٻ ڏئي. عورت جو عقل کُڙيءَ ۾ سمجهي سندس شاهدي کي مرد جي اڌ برابر توري. ڪو لاچار بُکيو سمهي يا ڪو پيءَ پنهنجي جگر جي ٽڪري جو علاج اسپتال جي خرچ نه هجڻ سبب نه ڪرائي سگهي. هنن سماجن ۾ بريڪنگ نيوز اهڙيون هونديون آهن ته ڪو جانور، ڪو پکي ڪنهن بجلي جي تار يا گٽر جي مين هول ۾ ڦاسي ويو ۽ پوءِ سڄو ميونسپل عملو ان ساهدار جي جان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويندو آهي. اتي نه واٽ ويندو موبائيل فون کسڻ جي ڀئو ۾ ماڻهو وهم ۾ ورتل هجن، نه اڌ رات جو اڪيلي گهر موٽندڙ ڇوڪري اوپري ماڻهو کي ڏسي ڇرڪي، نه سياسي پارٽيون نفرت ۽ ڪروڌ جا پرچم کڻي ماڻهو ويڙهائن. نه ئي انصاف ڪنهن ملڪ رياض جي در تي ٻڌل ساهدار هجي.

مارچ جي 15 تاريخ جمعي جو ڀلارو ڏينهن هيو. ان ڏينهن ان جنت ۾ هڪ دجال گهڙي آيو. ڪرائيسٽ چرچ (حضرت عيسيٰ جو گرجا) نالي شهر جي مسجد النور ۽ هڪ ٻي مسجد ۾ نماز پڙهندڙن مٿان فائرنگ ڪري 50 عبادتگذار ماري ڇڏيا.آمريڪا، افغانستان، پاڪستان، عراق، مصر، شام ۽ ٻين ڪجهه ملڪن ۾ ان کان به وڌ هاڃا ٿي چڪا آهن ان ڪري 50 انسانن جو اجل جو شڪار ٿيڻ اسان لاءِ ڪا وڏي خبر ڪونه هئي پر جنهن ملڪ ۾ ڪنهن پکي جو پر به جيڪڏهن تارن ۾ وچڙي وڃي ته وڏي خبر ٿي وڃي اتي ايترن انسانن جو قتل ٿيڻ سندن واسطي قيامت کان گهٽ ڳالهه ڪونه هئي.

قتل عام جي خبر ايندي ئي نيوزي لينڊ جي وزير اعظم جيسينڊا آرڊن جو چهرو ٽي وي اسڪرينن تي نظر اچڻ لڳو.هُن ٻڌايو ته هڪ جنوني شخص مسجدن تي حملو ڪري ماڻهو ماريا آهن. اها ڳالهه ڪرڻ وقت ائين پئي لڳو ڄڻ سندس گهر ڀاتي مارجي ويا هجن. 24 ڪلاڪن جي اندر جيسينڊا قاتل کي دهشتگرد ڪوٺي ڏکويلن سان ڀاڪرن ۾ وڃي بيٺي. ڊونالڊ ٽرمپ جڏهن کيس فون ڪري رسمي طور پڇيو ته هو سندس ڪهڙي مدد ڪري سگهي ٿو ته کيس ڇڙٻ جهڙو جواب ڏيندي چيائين ته مسلمانن لاءِ ڪهل ۽ ڀرجهلائپ جو رويو اختيار ڪندين ته به تنهنجا وڏا وڙ. خودڪار هٿيارن تي پابندي جو بل پارليامينٽ مان منظور ڪرايائين. قاتل جو نالو زبان تي آڻڻ گوارا نه ڪيائين.جمع جي ڏهاڙي مٿي تي پوتي پائي وڃي نمازين سان گڏ دعا جا هٿ اڀا ڪري بيهي رهي. دنيا سندس واسطي نوبيل امن انعام جي تمنا ڪري رهي آهي.

نه رڳو جيسيندا پر سڄو نيوزيلينڊ مسلمانن سان گڏ ٿي بيهي رهيو. ٽي وي تي آذانون هليون. اينڪر پرسن عورتون مٿي تي پوتي پائي پروگرام ڪرڻ لڳيون.عام ماڻهو مسجدن ٻاهران پهرا ڏيڻ لڳا. اسان لاءِ اهو نئون لقاءُ هيو. اسان وٽ  ڪڏهن ڪڏهن عيسائين ۽ هندن ته پري شيعن لاءِ به ڌرتي ٽامو ٿي ويندي آهي، کين لڪڻ لاءِ جاءِ نه ملندي آهي. ڪنهن ماڻهو تي ڪوئي به مخالف توهين جو الزام هڻي کيس هجوم هٿان سنگسار ڪرائي سگهي ٿو. حاصل مطلب ته عقيدي جي درجي بندي ۾ اسان سڀ برابر ناهيون. ڪي عقيدا اقليتون آهن.  پر نيوزيلنڊ ۾ سڀ نه رڳو برابر سمجهيا وڃن ٿا پر ڪري ڏيکاريائون.

اهي ملڪ ۽ سماج قانون جي حڪمراني جي نتيجي ۾ ان پد تائين رسيا آهن. جمهوري آزاديون. پارليامينٽ جي بالادستي، پردي پٺيان ويهي چونڊيل ادارن جون ڏورون لوڏيندڙ ڪنهن به اسٽيبلشمينٽ جو تصور نه. نه بم گولا ٺاهڻ جي ڊوڙ. اها مٽيءَ ئي ٻي آهي جنهن مان اهي ماڻهو ڳوهيل آهن. ها! اتي به ڪروڌي ماڻهو موجود آهن پر ان سماج ۾ کين موٽ نه ٿي ملي. ڪوبه کين چڱو نه ٿو چوي. النور مسجد ۾ نمازين جو قتل عام ڪندڙ دهشتگرد جي ماءُ پنهنجي پٽ کي خاندان لاءِ  ٽِڪو سڏي سندس ڦاهي جي گهر ڪري ٿي. جيسيتائين اسامه بن لادن نائين اليون جو واقعو نه ڪرايو هيو تيسيتائين هر آئي ڏينهن يورپ ۽ آمريڪا جا لکين ماڻهو آفريقي ۽ ايشيائي غريبن لاءِ معاشي انصاف حاصل ڪرڻ واسطي رستن تي جلسا جلوس ڪندا هيا. نائين اليون بعد اتان جي حڪمرانن کين مذهبي انتهاپسندي جي جيجو بلاڙي کان ڊيڄاري معاشي ۽ سماجي انصاف جي نعري تا هٿ کڻائي گهر ۾ لڪي ويهڻ تي مجبور ڪيو. هڪ حساب سان مذهبي جنون دنيا ۾ معاشي اڻ برابري جي نطرئي جو ڀرجهلو آهي. ڪو عجب نه ٿيندو جو اڌ صدي بعد ڪنهن ڊي ڪلاسيفائيڊ سي آءِ اي جي دستاويزن ۾ پڌرو ٿئي ته اسامه بن لادن، ابوبڪر بغدادي يا ملا عمر وغيره آمريڪي مفادن حاصل ڪرڻ واسطي ايجنٽي جو ڪردار ادا ڪري رهيا هيا.

خير، جيسينڊا جهڙا اڳواڻ اسان وٽ به پيدا ٿيا. بينظير ڪا گهٽ ليڊر ڪونه هئي. پر اسان وٽ انساني سماج بجاءِ جهنگ آهي. جهنگ جا قانون به پنهنجا. ڪمزور لاءِ رحم، ٻاجهه اڻلڀ آهي. ڏاڍي جي لٺ کي سئو مٿا آهن. جيسينڊا جيڪي ڳالهيون ٿي ڪري سي اسان وٽ ڪري ها ته يا ته غدار ۽ ڪافر قرار ڏيئي ڪنهن مذهبي جنوني هٿان کيس ”جهنم رسيد“ ڪرائجي ها يا ويٺي ڪورٽن جا چڪر ڪٽي ها. جيسيندا جهڙا ڪنول  مٺي پاڻي ۾ ئي ڦٽندا آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو