Home / اسپيشل افيئر / جينئس نفسياتي ماهر سگمنڊ فرائيڊ آپگهات ڇو ڪيو؟
above article banner

جينئس نفسياتي ماهر سگمنڊ فرائيڊ آپگهات ڇو ڪيو؟

شبنم گُل

 Shabnam Gul

سگمنڊ فرائيڊ شعور، لاشعور ۽ تحت الشعور جي حوالي سان نوان نظريا پيش ڪيا. هُن لاشعور وسيلي انسان جي شخصيت جا منفي پاسا دريافت ڪيا. سگمنڊ فرائيڊ 6 مئي 1856ع تي هڪ عام يهودي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. فرائيڊ نظرياتي ۽ انقلابي ماڻهو هو، جنهن جا نوان نظريا ۽ سوچ جي منفرد انداز سڄي دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو، هُو هڪ اهڙو ذهني انقلاب کڻي آيو جنهن جا مثال گهٽ ملن ٿا.

فرائيڊ کي عالمي شهرت ملي پر هُو پنهنجي طبيعت ۾ شهرت کان پري رهڻ چاهيندو هو، سندس مطالعو وسيع هو. هُن جي شخصيت جو تجسس کيس هڪ نئين دنيا ڳولڻ تي اُتساهيندو رهيو، عام زندگي ۾ هُو پرسڪون شخص هو جيڪو اَٺ نوَ ڪلاڪ مستقل ڪم ڪندو هو. هُو مستقل مشاهدي ۽ تجربي جي ڪيفيت مان گذرندي جڏهن چاهيندو هو پنهنجي منتشر ذهني قوت کي گڏ ڪري وٺندو هو، ڪو به مقصد کڻي جڏهن انسان ڪامياب جي سفر تي نڪري ٿو ته سڀ کان اڳ ۾ هو پنهنجي ذات جي نفي ڪري ٿو. پنهنجي پسند ۽ اوليتن جي محدود دائري مان ٻاهر نڪري هُو هڪ نئين ڪائنات حاصل ڪري سگهي ٿو. هڪ محقق چواڻي: “فرائيڊ جي مصروفيتن جو اندازو سندس ڪم مان لڳائي سگهجي ٿو، هُو صبح جو 9 بجي کان 1 بجي تائين مريض تپاسيندو هو، منجهند جي ماني ڪٽنب جي ڀاتين سان گڏجي کائيندو هو پوءِ وري هڪ ڪلاڪ بازار ۾ گذاريندو هو، ڪتاب وڪرو ڪندڙن، سگار جي دڪان تان سگار وٺڻ کان پوءِ ڪٻاڙين جي دڪان تي آثارِ قديمه جون شيون پيو ڳوليندو هو. هُو هڪ ڪلاڪ ماڻهن کي صلاح مشورا ڏيندو هو پوءِ وري مريض ڏسندو هو. شام جو ماني کائڻ کان پوءِ اسٽوڊيو هليو ويندو هو، اربع جي شام هڪ ادبي محفل ۾ شرڪت ڪندو هو، ڇنڇر جي شام هُن جو ليڪچر معمول موجب طئي هوندو هو. واپس اچي تاش جي بازي ۽ شام کان پوءِ هُو رات جو دير تائين ڪم ڪندو رهندو هو.”

02

فرائيڊ جي يڪسوئي ڪم تي فوڪس هئي، ان ڪري کيس وقت جي ترتيب جو اندازو هو ته هُن کي پنهنجو وقت ڪيئن گذارڻو آهي. جيئن ته هُو وقت کي رٿا هيٺ گذاريندو هو ان ڪري وقت جي گهٽتائي سندس زندگي ۾ نه هئي. فرائيڊ جي زندگي جو مثبت حوالو اهو هو ته هو پنهنجي گهر ۽ خاندان کي گڏ کڻي هلندو هو، حالانڪه عام طور تي اهڙن ماڻهن جا گهر تمام گهڻو متاثر ٿيندا آهن ۽ ان کان به وڌيڪ سندن رشتا لاڳاپا، ليڪن سچائي اِها آهي ته جيڪڏهن گهر، خاندان ۽ رشتا لاڳاپا ڇڙوڇڙ هجن ته انسان کي ڪم ڪرڻ لاءِ توانائي ڪٿان ملندي! فرائيڊ جي زندگي جو اڀياس ڪرڻ کان پوءِ محسوس ٿيندو ته هُن سڀ کان اڳ ۾ پنهنجي ذات سان مضبوط ڳانڍاپو رکيو. ان ڪري ماحول سان مطابقت ذات جي شعور جو ڏنل وکر آهي. خود شناسي کان واقف ٿيڻ کان پوءِ زندگي سولي ٿي وڃي ٿي. انسان جڏهن پنهنجي ذات کي نٿو سمجهي سگهي پوءِ هُو ڪهڙي ريت ٻين کي سمجهي سگهندو. فرائيڊ جي زندگي جو خاصو سندس ذات ۾ موجود رابطي جو هُنر هو. انسان جيستائين ٻين سان مضبوط رابطو نه ٿو ڳنڍي، کين ذات جي نجپڻي سميت نٿو قبول ڪري، سندس پنهنجون ڏکيائيون نٿيون گهٽجن. فرائيڊ تي جامع تحقيق ڪندڙ محقق لکن ٿا: “فرائيڊ جي ذاتي ڪاميابي جو هڪ ثبوت سندس خوشگوار گهريلو زندگي آهي. سندس خاندان جا ماڻهو زال، ٻار ۽ سالي. فرائيڊ جي زال مارٿا فرمانبردار ۽ سمجهدار عورت هئي، گهر جا نوڪر چاڪر کانئس ڏاڍا خوش هئا.  هوءَ چاهيندي هئي ته سندس سڀ ڪم بهتر طريقي سان ٿين ته جيئن هوءَ فرائيڊ جا سڀ ڪم بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ڪري سگهي. حالانڪه فرائيڊ سمورو ڪاروبار نفسيات جي تجزئي جي ور چاڙهي ڇڏيو، سندس 6 ٻار هئا، نفسياتي پيچيدگين جا بند گرهڻ کوليندي هُو خوشحال زندگي کان گهڻو پري هليو ويو ليڪن فرائيڊ جي گهرواري ۽ ٻارن سندس وڏو ساٿ ڏنو.” اها حقيقت آهي ته هڪ پرسڪون گهر تخليقي ڪم لاءِ مددگار ثابت ٿيندو آهي. اهو سهڪار ۽ گهريلو زندگي جو سڪون فرائيڊ جي مثبت رويي جو ثمر آهي. هڪ پرسڪون ۽ سمجهدار شخص هڪ اهڙي ڪٽنب جي جوڙجڪ ڪندو آهي جيڪو هر طرح هڪٻئي سان ڳنڍيل هوندو آهي.

هڪ نفسياتي ماهر لاءِ ڪتاب، تاريخ، قديم فن ۽ حال سان ڳانڍاپو قائم ڪرڻ ڪيترو ضروري هوندو آهي ان ڳالهه جو اندازو فرائيڊ جي زندگي مان لڳائي سگهجي ٿو. ادبي دنيا ۾ هو شيڪسپيئر جو تمام وڏو مداح هو. شيڪسپيئر جي مشهور ڊرامي “هيملٽ” جي ڪردار ۾  ايڊپس ڪمپليڪس ملي ٿو، ان مونجهاري ۾ ٻار کي پنهنجي ماءُ سان جنسي لڳاءُ ٿي وڃي ٿو ۽ هُو پيءُ سان رقابت محسوس ڪري ٿو، جنهن مان ٻاراڻي جنسيت (Infantile Sexuality) جي نظريي جنم ورتو. حالانڪه تنقيد نگارن فرائيڊ کي سندس متعارف ڪرايل جنسي نظرين جي ڪري سخت تنقيد جو نشانو بڻايو. نقاد، ماءُ جي تقدس کي پائمال ڪرڻ تي مٿس ڪافي ڪاوڙيل رهيا، ان تحليل نفسي جي نظريي هيٺ ذهني مرضن کي سمجهڻ ۽ گهٽائڻ جا موقعا مهيا ڪيا. تحليل نفسي جي حوالي سان هو چوي ٿو: “تحليل نفسي منهنجي تخليق آهي، ورهين کان آءٌ اڪيلو اُن سان اُلجهي رهيو آهيان، انهيءَ نئين شعبي منهنجي همعصرن ۾ جنهن ڪاوڙ کي جنم ڏنو، آءٌ اڪيلو اعتراضن جي صورت ۾ ان کي برداشت ڪندو رهيس، هاڻي جڏهن ان ميدان ۾ ٻيا ماڻهو به اچي چڪا آهن ته آءٌ اهو باور ڪرائڻ ۾ حق بجانب آهيان ته تحليل نفسي کي مون کان بهتر سمجهڻ وارو ٻيو ڪو به نه آهي.”

01

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سگمنڊ فرائيڊ ۾ دانشمندي هئي، هُو تنقيد کان تخليق لاءِ تحرڪ حاصل ڪندو هو. هُن جا انقلابي نظريا رجعت پرستن رد ڪري ڇڏيا. هڪ هنڌ فرائيڊ لکي ٿو: “عورت سان فقط ٽن قسمن جا لاڳاپا ٿي سگهن ٿا، جنم ڏيڻ واري ماءُ، سندس هم بستر ۽ کيس تباهه ۽ برباد ڪرڻ واري يا وري اهو چئي سگهجي ٿو ته ماءُ ئي وڌندڙ عمر سان اِهي ٽئي روپ اختيار ڪري وٺي ٿي.ماءُ ته هوءَ پاڻ ئي آهي پوءِ هوءَ محبوبا، جنهن جي روپ ۾ مادرانا جهلڪ نظر اچي ٿي ۽ آخر ۾ ڌرتي ماتا، جيڪا اُن کي پنهنجي اندر پناهه ڏي ٿي.”

محققن جي نظر ۾ خود فرائيڊ پيچيده نفسياتي شخصيت رکندڙ هو، خود فرائيڊ ۾ ڪيترائي اهڙا اهڃاڻ نظر اچن ٿا جنهن جي علاج لاءِ هن تحليلِ نفسي جو طريقو اختيار ڪيو هو، فرائيڊ ادب ۾ نفسيات جا ڪيترائي لڪل پاسا تلاش ڪيا، جنهن سان نئين بحث جي شروعات ٿي، ڪيترائي نوان پاسا سامهون آيا جن انساني فطرت جي پيچيدگين کي سمجهڻ ۾ مدد مهيا ڪئي. فرائيڊ جي تحليل نفسي جي علاج جي طريقي اَنا ۽ فوق الانا جي ڇڪتاڻ لاذات جي نفسي توانائي ۽ جبلتي خواهشن جي دٻاءَ کي وڏي اهميت حاصل آهي، تحليلِ نفسي جي حوالي سان هُو فرد جي لاشعوري خواهشن کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. فرائيڊ موجب جڏهن فرد غير صحتمند جنسي، غير اخلاقي خواهشن، احساس جي ناڪامي، خوف، ندامت ۽ ڇڪتاڻ وغيره سندس شعور ۾ دٻجي وڃن ٿا ته هو ذهني ڇڪتاڻ، ڳڻتي ۽ ٻين ذهني بيمارين ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو، لاشعور جو تجزيو ۽ تحليل ڪرڻ کان پوءِ اِهي ڪيفيتون ختم ٿي وڃن ٿيون ۽ متاثر شخص بهتر انداز ۾ پنهنجون ذميواريون نڀائڻ جي اهل ٿي وڃن ٿا. اهو پوري ڪائنات جي ماڻهن تي فرائيڊ جو احسان آهي ته هُن لاشعور کي سمجهڻ تي زور ڏنو ڇو ته منجهيل لاشعور هڪ ٻرندڙ جبل وانگر ڪنهن به وقت ڦاٽي سگهي ٿو.  فرائيڊ جي صحت گهڻو سگار پيئڻ سبب برباد ٿيندي رهي پر هُن بيماري کي ترجيح ڏني سگار پيئڻ نه ڇڏيو. اِها غير صحتمند عادت تخليقي عمل لاءِ وڏو تحرڪ هئي. هُو 16 سالن تائين وات جي ڪينسر ۾ ورتل رهيو ۽ ان جا ڪيترائي ڀيرا آپريشن ٿيا، آخرڪار هُن پنهنجي معالج ڊاڪٽر ميڪس شور کي التجا ڪئي ته هُو سندس زندگي ختم ڪري ڇڏي. سندس معالج کيس آرام ڏيڻ خاطر مارفين جي انجيڪشن هڻي ڇڏيندو هو، هُن جي تڪليف کي ڏسندي ڊاڪٽر ميڪس مارفين جو ڊوز وڌائي سندس موت کي آسان بڻائي ڇڏيو. مرسي ڪلن يو يوٿنزيا لاعلاج مريضن جي نجات جو ذريعو سمجهن وڃن ٿا. نيڌرلينڊ ۾ مريضن کي اها سهولت دستياب آهي، سوئٽزرلينڊ ۾ “سي او سائيڊ ٽوئرازم” (آپگهات جي سياحت) جي صورت موت جي چونڊ ڪري سگهجي ٿي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو