Home / سنڌ افيئر / روپا ماڙي جي رڻ ۾ شهيد دودي سومري جو ميلو
above article banner

روپا ماڙي جي رڻ ۾ شهيد دودي سومري جو ميلو

الهه بچايو جمالي

Allah Bachayo Jamali

شهيد دودي سومري جو ٽن ڏينهن وارو ساليانو ميلو 8 کان 10 مارچ 2019ع تائين روپا ماڙي ۾ ملهايو ويو. مختلف سياسي، سماجي اڳواڻن پهرين ڏينهن وڏي قافلي جي صورت ۾ روپا ماڙي پهچي شهيد دودي جي مزار تي چادر چاڙهي ميلي جو افتتاح ڪيو، ٻئي ڏينهن 9 مارچ تي هڪ ادبي ڪانفرنس منعقد ٿي. محقق ۽ ليکڪ مشڪور ڦلڪارو ادبي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته شهيد دودو سومرو سنڌ جو سپهه سالار ۽ عظيم قومي جرنيل آهي جنهن هتي روپا ماڙي ۾ سنڌ تي ڪاهي ايندڙ هندستان جي بادشاهه علاءُوالدين خلجي جي لشڪر سان وڙهندي شهادت حاصل ڪئي.

هن چيو ته دودو سنڌ جي قومي غيرت جو اهڃاڻ آهي ۽ دودي جو وجود روپا ماڙي جي هن رڻ ۾ 706 سالن کان قائم ۽ دائم آهي جنهن جي لافاني وجود کي ڪو به بي عالم، ليکڪ، اديب ۽ روايتي قلمڪار هرگز ميساري نه ٿو سگهي، هن چيو ته شهيد دودو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي دنگن ۽ ننگن جو محافظ قومي سورمو آهي. هن چيو ته شهيد دودي سومري سميت سنڌ تي 500 سالن تائين حڪومت ڪندڙ مقامي قديم سنڌي نسل جي سومرا حڪمرانن جي تاريخ کي ڏيهي پرڏيهي تاريخدان ۽ محققن بنا ڪنهن تحقيق ڪرڻ جي ڌُڪا هڻي متضاد بڻائي ايترا ته مونجهارا پيدا ڪيا آهن جو ڪي اڻڄاڻ ماڻهو سنڌ جي تاريخ سان هٿ چراند ڪري انتهائي غلط، من گهڙت ڳالهيون ۽ افواهه پکيڙي ماڻهن کي گمراهه ڪري رهيا آهن.

شاعر ۽ اد01يب ڊاڪٽر عزيز ٽالپر پنهنجي تقرير ۾ چيو ته شهيد دودي جو هي روپا ماڙي وارو ميلو سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي ميلن کان ڪافي ڳالهين ۾ مختلف آهي، ٻين ميلن ۾ فحاشي ۽ جوا جا اڏا هلن ٿا پر هي رڻ وارو ميلو ڪيترن ئي براين کان پاڪ آهي، هن چيو ته شهيد دودو رڳو سومرن جو نه پر سنڌ جو قومي هيرو آهي. ڊاڪٽر عزيز وڌيڪ چيو ته چنيسر سومرو سنڌ جو غدار نه هو، هن آخر ۾ جنگ دوران خلجي لشڪر سان وڙهندي شهادت ماڻي هئي، هُن پنهنجي ڪيل ڏوهه جو ڪفارو خلجي لشڪر سان وڙهي ادا ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر عزيز ميلي وارن ڏينهن ۾ هزارين ماڻهن طرفان تاريخي ماڳ روپا ڙي جي ڀڙي (دڙي) تي ٿيندڙ انساني لتاڙ تي سخت افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ماڳ جي ميسارجي ويل آخري نشانن تي ماڻهن جي وڌيڪ لتاڙ کي هڪدم بند ڪري ان جي چوڌاري ڪنڊيدار تار لڳائي تاريخي ماڳ جي آخري نشانن جي حفاظت لاءِ هنگامي طور تي اپاءَ ورتا وڃن.

مقامي صحافي ۽ ليکڪ الهه بچايو جمالي ادبي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سومرا سنڌ جا قديم لوڪ هئا جيڪي عربن کانپوءِ سنڌ جا پهريان خودمختيار مقامي حڪمران ٿيا. شهيد دودي سميت سنڌ جي سومرا حڪمرانن جي مڪمل سچي تاريخ اڃا تائين گم آهي، اها تاريخ هتي هن علائقن ۾ دفن ٿيل آهي.

ادبي ڪانفرنس جي تقريب ۾ شاعرن، اديبن، دانشورن ۽ سگهڙن بدران اسٽيج تي سومرا اتحاد جي اڳواڻن کي وڏي اعزاز سان سڏي نشستن تي ويهاريو ويو جن مان ڪنهن به ڪانفرنس ۾ نه ڳالهايو. ادبي ڪانفرنس کان پوءِ راڳ رنگ جي محفل ۾ سنڌ جي قومي فنڪار ٻيجل سنڌي، لوڪ فنڪار غلام حسين عمراڻي قومي ۽ لوڪ گيت ٻڌائي محفل کي گرمائي ڇڏيو. ادبي ڪانفرنس سميت شهيد دودي جي سالياني ميلي جي تقريبن ۾ جتي بدين جي مقامي شاعرن، اديبن، سگهڙن ۽ ڏات ڌڻين ۽ صحافين کي يڪ طرفو نظرانداز ڪري دعوتون نه ڏنيون ويون اتي روايت مطابق ميلو لڳائيندڙ سومرا اتحاد جي انتظاميه هن اهم ميلي جي ڪا به پبلسٽي نه ڪئي، جيڪا ڳالهه سمجهه کان ٻاهر ۽ ڌيان طلب آهي.

ميلي جي ميڊيا تي ڪا به پرچار نه ٿيڻ جي باوجود ولادي ۽ مانڌر سميت بدين جي ڏاکڻي آفتن جي سٽيل علائقن جي شهيد دودي جي حبدار هزارين ماڻهن ميلي ۾ شريڪ ٿي شهيد دودي جي سلامي ڀري. هر سال جيان هن سال پڻ ميلي ۾ لڳندڙ بازار جو ٺيڪو اٽڪل 8 لک روپين ۾ هالا جي هڪ ساڳي ٺيڪيدار کي ڏنو ويو جنهن ٺيڪيدار مٺائي سميت پنهنجي ذاتي سامان کان سواءِ ٻئي ڪنهن به وپاري کي دڪان کولڻ ۽ ٻيو سامان وڪرو ڪرڻ نه ڏنو، جيڪا زيادتي آهي.

ميلي ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران هو، ميلي لاءِ هتان کان 40 ڪلوميٽر پري بدين شهر کان ٽئنڪرن تي پاڻي ڀري آندو ويو. ڀيانڪ غربت سبب ميلي ۾ ڪي به خاص رونقون ڏسڻ ۾ نه آيون. خريداري پڻ تمام گهٽ رهي، ٽن ڏينهن تائين ملهه جي راند جا دلچسپ ملاکڙا ٿيا جنهن ۾ اتر ۽ لاڙ جي ملهه پهلوانن پنهنجي پهلواني ۽ فن جا جوهر ڏيکاريا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو