Home / ويندي ويندي / زور جي ميندي
above article banner

زور جي ميندي

ويندي ويندي

01

هونئن ته ڏکڻ ايشيا ۾ ڌرم هٿان ٿيل ڪلورن بابت سعادت حسن منٽو جا افسانا تاريخ ۽ نفسيات سمجهي پڙهڻ گهرجن پر سنڌ ۾ امرجليل ۽ نسيم کرل به وسان ڪونه گهٽايو. سرد لاش جو سفر، ڪافر وغيره جهڙا شاهڪار افسانا سنڌي ٻوليءَ ۾ تخليق ٿيا. ”ڪافر“ افسانو نسيم کرل سٺ ڌاري لکيو. سنڌ جي هڪ ڳوٺ ۾اوڏ  سيتل داس ۽ سندس زال ٽليءَ پنهنجي ڌرم کان بيزار ٿي، پنهنجو ويڙهو ڇڏي مسيت اچي مولوي اميد هٿان سوين ماڻهن جي موجودگي ۾  مسلمان ٿين ٿا.سندن مسلمان ٿيڻ جي خبر اوڏن مٿان ڇپ ٿي ڪري ٿي. سيتل، جيڪو هاڻ عبدالله جي ديني نالي سان سڏيو ٿو وڃي سو هڪ ڏينهن ڀيڻ جي بيماري جو ٻڌي پنهنجي ڳوٺ وڃي ٿو. پٺيان مولوي هڪ ناريجي کي موڪلي ٿو ته جلد سڏي اچوس متان اوڏ کيس ورغلائن. اتي اوڏن جو مکي سيتل آڏو ناريجي کان پڇي ٿو ته جي سڀاڻ سيتل مري وڃي ته سندس جوءِ جو ڇا ٿيندو؟ جنهن تي ناريجو کيس چئي ٿو ته سيتل جي زال سان ڪو ٻيو ديني ڀاءُ نڪاح ڪندو. مُکي وري پڇي ٿو ته جي سيتل جي جوءِ مري وڃي ته پوءِ ڇا کيس سڱ ڏيندئو؟ تنهن تي ناريجي جي غيرت جاڳي ٿي ۽ مُکي کي زبان سنڀالي ڳالهائڻ جو دڙڪو ڏئي ٿو. مُکي تنهن تي کيس چوي ٿو ته ڇو؟ سڱ وٺندئو پر ڏيندئو نه؟ اها ڪهڙي مسلماني آهي تنهن تي ناريجو کيس چوي ٿو ته ذات برادري کان ٻاهر سڱ نه ڏيڻ اسان جي ابن ڏاڏن کان رسم آهي.

تنهن ڏينهن سيتل پنهنجو نالو هڪ ڀيرو ٻيهر مٽائي، ڏاڙهي ڪوڙائي ڪنن ۾ سونيون ڪيوٽيون پائي وڃي اوڏن جي ويڙهي ويٺو.

سنڌ ۾ گذريل ڪيئي سالن کان نوجوان هندو ڇوڪرين جي مسلمان ٿيڻ ۽ شادي ڪرڻ جو رواج هلي پيو آهي. اڪثر نابالغ عمر جون ڇوڪريون گهران غائب ٿين ٿيون. هڪ اڌ ڏينهن بعد ڪنهن مولوي يا پير جي ڀر ۾ ڪنهن پريس ڪانفرنس ۾ پنهنجي رضا خوشيءَ سان دين قبول ڪرڻ جو اقرار ۽ ڪنهن ڇوڪري سان نڪاح ڪري مدرسي يا ڪنهن ”محفوظ“ جاءِ منتقل ٿين ٿيون. رنڪل ڪماري يا روينا ۽ اهڙيون سوين ڪهاڻيون ان اسڪرپٽ جي آسپاس ڦرن ٿيون. ظاهر آ جيڪا ڇوڪري گهر مائٽ ڇڏي ٿي سا نئون جنم ڪنهن نئين نانءُ سان وٺي ٿي. جيڪي کين نڪاح ۾ آڻين ٿا سي ساڻن ڇا حشر ڪن ٿا سو ڪنهن کي پتو؟ ڏهرڪي جي روينا ۽ رينا جو ڪيس اڃا تازو آهي. ٻنهي جي پيءَ جون ٿاڻي تي ٻاڪارون عرش تي پهتيون.

سنڌ ۾ هاڻ ته اهي سوال اٿڻ لڳا آهن ته دين کان متاثر رڳو هندن جون نوجوان ڇوڪريون ڇو ٿيون ٿين؟ خير، ائين به ڪونهي. ساماري يا ماتلي پاسي ڪي مولوي صاحب آهن جن سوين هندو مرد به مسلمان ڪيا آهن.ٻيو نابالغ هندو ڇوڪريءَ جو مسلمان ٿي نڪاح وجهڻ هڪ ته قانوني طور غلط آهي. ٽيون هندو پاڻ کي سهي جي کل سمجهن سو اهڙو هڪ واقعو به کين اباڻا ڪک ڇڏڻ لاءِ سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. سنڌ ۾ عدم تحفظ جو احساس هندن کي ڌرتي ڌڪاڻا ٿيڻ تي مجبور ڪري ٿو تنهن ڪري هي معاملو وڌيڪ حساسيت وٺندو ٿو وڃي.

پر اڄڪلهه عمران خان جي حڪومت دٻاءُ جو شڪار آهي. ڀارتي پرڏيهي وزير سشميتا سوراج پاران هندو نياڻين جي معاملي کي پنهنجي مقصد لاءِ کڻڻ بعد تحريڪ انصاف سرڪار ڦڦڙيءَ ۾ آهي. گهٽ ڀارتي به ڪونهن، اتي به گئو رکشا وغيره جي معاملي تي مسلمانن ۽ دلتن سان ويل آهي. پر پاڻ وٽ ته مولوي توڙي پير وڏي طاقت ۾ آهن. کانئن ڪو پڇاڻو ڪونهي. هي پهريون ڀيرو آهي جو سنڌ مان ڀڄي پنجاب پهتل ڇوڪرين، روينا ۽ رينا کي پوليس هٿ ڪيو.نڪاح پڙهندڙ  مولوي گرفتار ڪيو ۽ ڪيس داخل ڪيو. پر اهو سڀ ڪافي ناهي. جڏهن 18 سال کان گهٽ عمر وارين ڇوڪرين جي شادي غير قانوني آهي ته پوءِ ڇو ديني معاملا وچ ۾ آڻي ڏوهارين کي رعايت ڏني يا ڏياري وڃي ٿي؟

سنڌي هندو سنڌ جي سونهن آهن، ڌرتي ڌڻي آهن. کين ايترو ئي هن وطن ۾ بي پرواه جيئڻ جو حق آهي جيترو ڪنهن ٻئي کي. يورپ، آمريڪا يا ڀارت وغيره ۾ جيڪڏهن ڪنهن ديني ڀاءُ سان ٿيندڙ متڀيد تي اسان جو اندر ڪڙهي ٿو ته پوءِ اسان جو اندر هندن يا ٻئي عقيدي جي ماڻهن سان ٿيندڙ زيادتي تي ڪڙهڻ کپي. انصاف ۾ رياڪاري ڪار ڪانهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو