Home / سنڌ افيئر / سنڌ جي تاريخ ۽ اڻموٽ عورتن جو ڪردار
above article banner

سنڌ جي تاريخ ۽ اڻموٽ عورتن جو ڪردار

قاسم مير جت

M Qasim Mir Jat

جيڪڏهن ڪو ٻار خوبصورت ۽ صحتمند وري مائٽن جو اڪيلو دادلو ٻار هجي ۽ هو جڏهن پنهنجي اڱڻ تي رانديون رونديون ۽ موج ۾ اچي مستيون ڪري ۽ ان مستي ۾ ڪو نقصان ڪري وجهي ته مائٽن کي اهو نقصان نه لڳندو آهي. اهڙي ريت سنڌ جو اڪيلو سنڌو درياهه جنهن تي ڪنهن زماني ۾ ڪا پابندي ڪا نه هوندي هئي، ان وقت هي دادلو درياهه موج مستي ڪندي مختلف هنڌان وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. اتي سامونڊي بندر علي بندر، لاهري بندر ۽ ٻيا بندر ٺهي پوندا هئا.

جتان ڏيساور سان واپار هلندو هو ۽ سنڌ ۾ جتان جتان رانديون ڪندي گذرندو هو ته ڪلراٺي زمين تي لٽ مٽيءَ جو تهه چاڙهي انکي نئون بنو ڪري فصل، گل ٻوٽا، گاهه ٻيلا، چوپايو مال کير مکڻ، ان ڪپاهه ان ۾ جام ٿيندا هئا جن جي ڪري عوام ڏاڍو خوشحال ۽ صحتمند هوندو هو. ان کس امن ۽ خوشحالي جو ڪهڙو ثبوت ڏجي. سنڌ کي پنهنجي وسيلن مان ايترو ڪجهه ملندو هو جو کين ٻئي پاسي نهارڻ ۽ پرائي مال جي لالچ ڪرڻ کان ڀئو ٿيندو هو. ٻئي طرف يورپ جي ڊچ انگريز مغل منگول نادشاهه وارن وٽ اهڙي بک هئي جو هنن جي لالچي نظر هر وقت سنڌ جي مال تي هوندي هئي. جڏهن اڄوڪي ڏينهن جي حوالي سان تاريخ ۾ جهاتي پاتم ته يورپ جي هڪ مالدار عورت هيٽي گرين جو نالو ملي ٿو جيڪا ايڏي ڪنجوس هئي جو پنهنجي مسڪين ماڻهن جي بدحالي تي به کيس ڪا ڪهل نه ايندي هئي. ان ڪري سندس نالو گينز بوڪ آف ورلڊ ۾ ڪنجوس ترين عورت طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.

02

 ان ساڳي دور ۾ اڄوڪي سنڌ جي سامونڊي پٽي بدين ۽ ٿر جتي ڏڪار آهي، ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارين ٿا، روزانو ٻار مرن ٿا، مرد مايون بک بيماري کان بيزار ٿي خودڪشيون ڪن ٿا. نه اناج ۽ علاج نه پاڻي فصل سڪي، مال بک ۽ اڃ ۾ مري رهيو آهي، ماڻهو لڏي وڃن ته ڪيڏانهن وڃن، چوطرف بک واڪا پئي ڪري. سنڌ جي وزير اسيمبلي فلور تي چتاءُ ڏنو ته “جيڪڏهن اها صورتحال رهي ته 2040ع تائين بدين ۽ ٺٽو سمنڊ ڳيهي ويندو ۽ 2060ع تائين ڪراچي جو نالو نشان نه هوندو.” جڏهن يورپ، عرب، ايران، افغان جا بکيا گهوڙن، ٻيڙن تي چڙهي سنڌ جو رخ ڪندا هئا، اڄ ان دور جي بدين ۽ ٿر جي سخي ڏاتار ۽ حاڪم عورتن جو ذڪر ڪندس جڏهن ته سموري سنڌ اهڙين عورتن جي شاندار ڪردارن سان ڀري پئي آهي.

سهند اڍيجو:

 جنهن کي پنهنجي جاگير هئي جيڪا پاڻ سنڀاليندي هئي، جيڪي زمين تي هارپو ڪندا هئا اهي فصل سان گڏ مال متاع کير مکڻ، ماکي ڏيساور موڪلي سکيا ستابا هئا، سهند اڍيجو اوڙي پاڙي جي مسافرن لاءِ ته سندس اوطاق کليل هوندي هئي پر سامونڊي بندر تي جيڪو مال ايندو هو يا ڏيساور ويندو هو، ڪڇ ڀڄ، ملتان، ڪوٽ لکپت ويندڙ قافلن جي رهائش کاڌ خوراڪ ۽ قافلي کي سلامتي سان روانو ڪرڻ، اهو سڀ ڪجهه بنا ڪنهن معاوضي جي ڪندي هئي. ماڻهن جا فيصلا بي ريا ٿي ڪندي هئي. سندس سخا ۽ انصاف جي هاڪ هوندي هئي، هن سخي عورت 1840ع ۾ وفات ڪئي.

آمي ابڙو:

 ٽالپرن جي آخري دور۽ انگريزن جي اوائلي دور ۾ بدين جي دڙي واري علائقي ۾ پنهنجي زرعي زمين چوپايو مال، علي بندر ويجهو هئڻ ڪري وڻج واپار، مسافر چاهي غريب هجي يا واپاري ان جي خدمت پنهنجو فرض سمجهندي هئي.

حاجران ڦلڻ:

 سنڌ ۾ عورتن جي نالي سان گهٽ ڳوٺ ٻڌايل آهن، حاجران ڦلڻ پنهنجي ٽن ديهن جي جاگير ۾ پنهنجي نالي سان ڳوٺ ٻڌايو. پنهنجي زمين سنڀاليندي هئي، سندس سخا سان گڏ دليري چورن چڪارن سان مقابلا ۽ آفيسن جا ڪم ڪار پاڻ ڪندي هئي، هن سخي عورت 1970ع ۾ وفات ڪئي.

01

تارا ٻائي:

 جنهن کي ڪن تاريخ نويسن زينب سومرو جي نالي سان ياد ڪيو آهي، تارا ٻائي جو پيءُ سنڌ جو حاڪم هو. وفات وقت سندس پٽ ۽ تارا ٻائي جو ڀاءُ سنگهار سومرو ننڍي عمر جو هو، تارا ٻائي تخت تي ويٺي ۽ ڪاميابي سان 7 سال حڪومت ڪئي، پوءِ جڏهن سنگهار حڪومت سنڀالڻ لائق ٿيو ته حڪومت ان حوالي ڪري پاڻ ڀاءُ جي مددگار ٿي رهي. سنڌ جي عورت جي حڪومت هلائڻ تي جيڪڏهن ڪنهن کي تعجب آهي ته بينظير ڀٽو پنهنجي پيءَ جي شهادت ماءُ جي بيماري، ڀائرن جي جلاوطني باوجود هر مشڪل کي منهن ڏنو ۽ ٻه ڀيرا وزيراعظم بڻي.

مريم اڍيجو-سنڌ راڻي؛

اسانوٽ ته قدم قدم تي پيار محبت جا داستان پکڙيا پيا آهن. شاهه لطيف جون سڀ سورميون عورتون آهن، يورپ جي عشق جا وڏا ٻه داستان جن تي ڪيتريون فلمون به ٺهي چڪيون آهن، روم جي شهزادن جوليس سيزر ۽ مارڪ انٿوني جو مصر جي قلو پطره جي زلفن جو اسير ٿيڻ جنهن تي روم جي عوام مٿن الزام لڳايو ته اوهان قلوپطره تي روم کي قربان ڪري ڇڏيو. ٻيو داستان انگلستان جي بادشاهه جارج اٺين جو آهي، جنهن پنهنجي دل جي دنيا محبوبه کي ماڻڻ خاطر بادشاهي تان هٿ کڻي ڇڏيو، لڳ ڀڳ ساڳي دور ۾ بدين علائقي جي مريم اڍيجو جنهن جي حسن جي پري پري تائين هاڪ هئي. سنڌ جي ڪلهوڙا حاڪم غلام نبي خداآباد مان ڪهي اچي ساڻس مڱڻو ڪيو ۽ کيس سنڌ راڻي جو لقب ڏنو. مريم اڍيجو جڏهن خدا آباد وئي ۽ غلام نبي جي حڪومت وڃڻ کان پوءِ ميان سرفراز ڪلهوڙو سنڌراڻي سان پرڻجڻ جو اعلان ڪيو ليڪن ميرن ۽ ڪلهوڙن جي وچ ۾ جنگ لڳي، غلام نبي مارجي ويو ته حڪومت ميرن کي ملي، مير باگو خان سنڌ راڻي سان شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو مگر ميرن فيصلو ڪيو ته هي نڀاڳي عورت آهي هن سان جيڪو به شادي ڪندو سو حڪومت ڇڏيندو. مير باگو خان ٽالپر حڪومتي عزتون، لذتون، دولت قربان ڪري سنڌ راڻي سان لائون لڌيون. هن داستان جي تحقيق سنڌ جي محقق ۽ ڪيترن ڪتابن جي ليکڪ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پڻ ڪئي.

راڻي ٺڪر:

اصل ٻاڙمير هندستان جي هئي، مائٽن وٽ گهمڻ آئي ٻاڙمير ۾ غربت سبب جهڏو گدام (شهر جو نالو جهڏو آهي، گدام ان ڪري سڏيو وڃي ٿو جو انگريزن جي دور کان اڳ جيڪو مال بحري جهازن ذريعي ڏيساور موڪليو ويندو هو يا ٻاهران مال ايندو هو ان کي پهرين جهڏي ۾ گدام ۾ رکيو ويندو هو) راڻي ٺڪر مرداڻو ويس پهري خيرات پنندي هئي، ان مان به ايترا پئسا ملندا هئا جيڪي هو پنهنجي غريب مائٽن ڏانهن ٻارمير موڪليندي هئي. رات جو پير جعفر شاهه جي حويلي ۾ رهندي هئي، ان دوران حُر تحريڪ شروع ٿي وئي. حُر تحريڪ نه صرف انگريز سرڪار خلاف هئي پر ان سان گڏ پنجاب جي راجا رنجيت سنگهه جون به اکيون سنڌ ۽ سمنڊ تائين پهچڻ لاءِ آتيون هيون، ان خلاف به مزاحمت هئي. سورهيه بادشاهه جهڏي پير جعفر شاهه وٽ مريدن کي جنگ لاءِ تيار ڪري رهيو هو ته راڻي ٺڪر به پير صاحب کي هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته سائين هن فقيرياڻي جو به سر حاضر آهي. منهنجي لائق ڪو ڪم، پير صاحب مرڪندي چيو ته مون وٽ وطن تان قربان ٿيڻ وارا فقير تهالاهي آهن ڪا فقيرياڻي ڪونهي،تون جي اها کوٽ پوري ڪرين ته مهرباني. راڻي ٺڪر پينو فقيرياڻي ٿي ۽ کدڙن سان گهر گهر وڃي ڳائي وڄائي هٿيار ۽ ڳجهي معلومات پهچائڻ لڳي. سندس اهڙي جاسوسي جي ڄاڻ انگريز سرڪار کي پئي، کيس گرفتار ڪري اذيتون ڏنيون ويون، 1952ع تائين ميرپورخاص حُرن جي لوڙهي ۾ رهي، جڏهن ٻاهر نڪتي ته جسماني ۽ ذهني طرح ختم ٿي چڪي هئي، مائٽ هندستان ۾ رهجي ويا.

سنڌ جو پهريون شاعر قاضي قادن هو ته عورت شاعر مائي مرکان شيخڻ بدين جي هئي. پهريون مزاحمتي شاعر خليفو نبي بخش قاسم بدين جو هو ته انکان اڳ ڪلهوڙا دور ۾ پهرين مزاحمتي شاعره سمي پنهور هئي. ڪلهوڪو شاهوڪار بدين ۽ ٿر ۽ اڄوڪا ايٿوپيا بڻيل بدين ۽ ٿر مان خبر پوي ٿي ته جيڪڏهن ملڪ ۾ خوشحالي آهي ته تندرستي آهي، علم ۽ سخا به آهي، بهادر ۽ خودمختيار نه صرف مرد پر عورتون به سگهاريون آهن. اڄ به شهر وڌيڪ خوشحال آهن ته اتي جي عورت وڌيڪ پيڙهيل سگهاري ۽ آزاد آهي. نسبت ٻهراڙي جي عورت جي ٻهراڙي ۾ رهندڙ مفلس، مظلوم، مجبور، غلام ۽ بي واهه عورت جي واهر ڪرڻ اسان شهر ۾ رهندڙ مرد توڙي عورت جي بنيادي ذميواري هجڻ گهرجي، ان لاءِ ڪي قابل عمل رٿابندي ٿيڻ گهرجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو