Home / ڪرنٽ افيئر / سنڌ لٽريچر فيسٽيول ۽ جي ايم سيد جو فڪر
above article banner

سنڌ لٽريچر فيسٽيول ۽ جي ايم سيد جو فڪر

 آزاد قاضي

 Azad Qazi

سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچيءَ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ“سنڌ ڪتابي ميلو” ٿي گذريو، جنهن ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ جي سرواڻ سائين جي ايم سيد بابت هڪ مذاڪراتي ويهڪ رکي وئي هئي. پروگرام جو ماڊريٽر سيد جي جدوجهد ۽ فڪر بابت مڪمل ڄاڻ رکندڙ پئي معلوم ٿيو. پروگرام ۾ شريڪ ٿيندڙ مهمان ڊاڪٽر جعفر احمد، ميڊم مهتاب اڪبر راشدي ۽ سيد غلام شاهه به سيد جي جدوجهد تي گهري نظر رکندڙ ڄاڻو شخصيتون هيون. سيد جعفر احمد پاڪستان اسٽڊي سينٽر جو پروفيسر هئڻ جي ناتي هڪ خاص انداز سان سيد جي فڪر بابت پنهنجي مخصوص خيالن جو اظهار ڪندو پئي رهيو آهي.

ميڊم مهتاب راشدي جي قابليت جو انٽرنيشنل رليشن جي پروفيسر هئڻ واري حيثيت ۾ ته معترف هئس پر مون کي اها خبر ڪانه هئي ته سنڌ جي قومپرست فڪر بابت ميڊم ايتري گهري ڄاڻ رکي ٿي. اها مون کي هاڻ خبر پئي، سچ پچ ته ان ڳالهه تي فخر محسوس ٿو ٿئي ته سيد جو فڪر ايئن هر دل ۾ ديرو ڪندو پيو وڃي. اهو ئي سيد جي جدوجهد جو بنيادي مقصد هو.

01

ٽنهي مهمانن مجموعي طور سيد جي ذاتي ۽ سياسي زندگي بابت شاندار معلومات پيش ڪئي پر ميڊم مهتاب راشدي سيد بابت بحيثيت دانشور ۽ مفڪر جي جنهن طرح ڳالهايو ۽ سيد جي ڪتابن جا حوالا ڏنا، اها ڳالهه ساراهه جوڳي آهي. ڊاڪٽر جعفر احمد سيد ۽ خان بادشاهه پاران 1948ع ۾ قائم ڪيل پاڪستان پيپلز آرگنائيزيشن جي پروگرام جو حوالو ڏئي ۽ ان جي هاڻوڪن حالتن ۾ جيڪا ضرورت ۽ اهميت بيان ڪئي سا ڳالهه پڻ اهميت واري ضرور آهي ان ڪري ڊاڪٽر جعفر جهڙا ڪي ٻيا به سيد جي اهڙن خيالن تي سندس فڪر جو تجزيو ڪندي نظر اچن ٿا پر سيد جو حقيقي فڪر آهي ڇا؟ ان ڳالهه کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. ان ئي مقصد جي مدنظر پروگرام جي هوسٽ پروگرام هلندي ان ڳالهه طرف اشارو ڪيو پئي ته: “ڪنهن به عظيم سياسي شخص جا خيال اُهي قبول ڪبا آهن، جيڪي سندس زندگيءَ جي آخري گهڙي تائين برقرار رهيا هجن، سيد بابت ان حوالي سان ڳالهايو” ان سوال بابت ڪنهن حد تائين ميڊم مهتاب ته اشاري ۾ ئي صحيح پر ڳالهه ڪري وئي آهي باقي ٻين مهربانن ته ان طرف وڃڻ شايد مناسب ئي نه سمجهيو، جمهوريت ۽ حقيقت جي تقاضا آهي ته اسين پاڻ ڀلي ڪهڙي به خيال جا هجون پر جڏهن به ڪنهن ٻئي جي فڪر جو ذڪر ڪيون ته ان جو بيان حقيقت پسنداڻو هئڻ گهرجي، ان لاءِ پنهنجا من پسند مفروضا نه جوڙڻ گهرجن.

جيستائين سائين جي ايم سيد جي فڪر جو سوال آهي ته سيد سماجي، مذهبي توڙي سياسي سلسلي ۾ ڪيئي تجربا ڪيا ۽ هر تجربي پويان سندن پنهنجو ايمانداراڻو عمل شامل هو. اهو ئي سبب هو جو پاڻ ڪوششون ڪري عملي طرح حصو وٺي پنهنجي ئي اڳ ڪيل ڪمن کي رد ڪندو رهيو. اهڙي ريت نه رڳو ورهاڱي کان اڳ پر ورهاڱي کان پوءِ به ڪيئي تجربا ڪيائين جيڪي سڀئي وفاقي سياست جي حوالي سان هئا.  جنهن جي ابتدا ڊاڪٽر جعفر طرفان بيان ڪيل پيپلز آرگنائيزيشن واري پروگرام کان ٿئي پئي، اهڙي ريت سيد سيڪيولرازم، جمهوريت، برابريءَ جي بيان تي وفاقي حقِ حاڪميت واري حوالي سان ڪيئي تجربا ڪيا جيڪي نه رڳو سنڌ پر هن رياست ۾ شامل سڀني قومن جي مفاد کي نظر ۾ رکندي هن رياست ۽ هن پوري خطي جي مفادن ۾ هئا ۽ ان حوالي سان عالم انسانيت جي مفادن ۾ به هئا. پر اهي سڀ ڪوششون ۽ ڪيل تجربا ناڪام ٿيڻ کان پوءِ سيد جنهن نتيجي تي پهتو اهو ماضيءَ وارن تجربن کان مايوس ٿيڻ ڪري مختلف ضرور هو پر دنيا جي مڃيل عالمي اصولن جي معيار تي ڪنهن قوم جي سڃاڻپ وارن بيانن سان مڪمل طور ٺهڪندڙ هو ۽ پوءِ ان ميدان ۾ ذڪر ڪيل محنت ۽ مٿاڪٽ وارن تجربن کان پوءِ عقلي بنيادن ۽ عالمي معيارن تي ثابت ڪيائين ته “سنڌي جدا قوم آهي، سنڌ آزاد ملڪ واريون صلاحيتون رکي ٿو، آزادي ان جو بنيادي حق آهي، آزادي ممڪن آهي.”

لطيفي جهڙي ڳالهه آهي ته هڪڙي نوجوان تبليغي ٽولي کي پنهنجي پيءُ سان ملايو، تبليغن جي تبليغ جو جڏهن ان جي پيءَ تي ڪو اثر نه ٿيو، تڏهن ان جوان ساٿين کي واپس ٿيڻ جو اشارو ڪندي چيو “ڀائي چلو چلو نيڪي ان ڪي نصيب ۾ نهين هي”

سيد سان پڻ ساڳي صورتحال آهي، سيد ذڪر ڪيل محنت ۽ متاڪٽ وارن تجربن کان پوءِ اهي خيال پيش ڪيا ته هاڻ هنن جو سڌرڻ ناممڪن آهي، نيڪي سندن نصيب ۾ ڪانهي.

(ليکڪ جي سائين جي ايم سيد جي علمي خدمتن تي PhD ڪيل آهي)

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو