Home / اسپيشل افيئر / شاهه عنايت جي انقلابي جدوجهد، جاگيردار طبقو ۽ غاصب حڪمران  
above article banner

شاهه عنايت جي انقلابي جدوجهد، جاگيردار طبقو ۽ غاصب حڪمران  

 عزيز ڪيجنهرائي

Aziz Kenjhrai

شاهه عنايت جي جدوجهد ارڙهين صديءَ جو اهو انقلاب هو جنهن جاگيردارن، گادي نشينن سان گڏ مُلن ۽ مولوين جون به ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون. جتي ميرانپور جي انقلاب سماج ۾ ٿرٿلو پيدا ڪيو هو اوترائي رد انقلاب، سماج تي منفي اثر ڇڏيا. حاڪم طبقي ۽ اُن جي ديني ۽ روحانڳ لاٺڙين جي ڪوڙي ۽ منافقانه پروپيگنڊا ميرانپور جي وطن دوست عوامي انقلاب جي حقيقت ۽ مقصد کي گم ڪري عام ماڻهن جي ذهنن ۾ انقلاب جي سڃاڻپ، رنگ ۽ ڍنگ اهڙو ڀري ڇڏيو جو شاهه عنايت جي جدوجهد مخصوص مفاد ۽ نظريه ضرورت جي ڌٻڻ کان ٻاهر نڪري نه سگهي. ميرانپور جي جدوجهد تي جن به ماڻهن قلم کنيو انهن مان گهڻائي جو اڳ ۾ ئي يڪطرفو ذهن ٺهيل هو. تنهن ڪري هو مذهب جي ڪنهن نه ڪنهن شڪل جي دائري ۾ ڦرندا رهيا.

شاهه عنايت جي سوچ ۽ جدوجهد کي سمجهڻ لاءِ ان وقت جي علائقائي، ملڪي ۽ قومي حالتن سان گڏ سماجي اوسر ۽ تبديلين کي سمجهڻ تمام ضروري آهي. ننڍو کنڊ هندستان جنهن تي صدين کان غزنوي، غوري، خلجي، تغلق، لوڌي ۽ مغل حمله آور مسلمان حاڪمن جي حڪمراني رهي جن پنهنجي نوآبادياتي حڪمرانيءَ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اسلام کي تمام گهڻو استعمال ڪيو جنهن ڪري وڏي اڪثريت واري هندو عوام هندو مذهب جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿيڻ لڳي. ان صورتحال مذهبي ٽڪراءُ ۽ فرقه بنديءَ کي جنم ڏنو. نئون پيدا ٿيل مسلمان جاگيردار ۽ نوآبادياتي سرڪار کي هٿيارن جي زور تي بچائڻ وارن مسلمان فوجي سالارن ويڇن کي وڌائي وڻ ڪري ڇڏيو. سترهين صديءَ جي شروع ۾ هندستان ۾ آيل فرينچ، ولنديزي، اسپيني، انگزيز ۽ ٻيون يورپي قومون هندستان ۾ واپاري مفادن لاءِ پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا پوءِ انگريز سڀني کي ڀڄائي هڪ هٽي قائم ڪري ايسٽ انڊيا ڪمپني قائم ڪئي، جيڪا واپار ۽ ٻي ڦرلٽ سان گڏ هندستان سرڪار جي معاملن ۾ سڌيءَ طرح مداخلت ڪرڻ لڳي. هندستان تي مغل راڄ جو آخري سگهارو حڪمران اورنگزيب جي 1707ع ۾ وفات کان پوءِ مغل شهزادا خانه جنگيءَ ۾ ڦاسي هڪٻئي کي قتل ڪرڻ لڳا. مغلن جي حڪمراني نالي ماتر وڃي رهي، اصل سگهه انگريز ٿي ويا جنهن ڪري هندستان ۾ ڌار ڌار هنڌن تي بغاوتون ٿيڻ لڳيون. سترهين صدي ۾ سکن جي پيشوا گرو گوند سنگهه جي قيادت ۾ سکن جي خالصه تحريڪ سڄي پنجاب کي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو. شيواجي، جي سربراهي ۾ مرهٽن جي جدوجهد جنهن مهاراشٽر ۾ خودمختيار رياست جو اعلان ڪري ڇڏيو. سڄو هندستان ڌارين جي نوآبادياتي راڄ خلاف اُٿي پيو هو. ان سياسي بحران مان انگريز سامراج ڀرپور فائدو ورتو.

01

مسلم جاگيرداراڻي نوآباديات جي جڳهه انگريز سرمائيداراڻي نوآبادياتي قوت ورتي. هندستان جي ان صورتحال جا سنڌ تي به اثر پيا، سنڌ جيڪا سورهين صديءَ جي وچ ڌاري ارغون غاصب حڪمرانن جي غلاميءَ ۾ هلي ويئي هئي ان خلاف سنڌ جا سڀئي وطن دوست قبيلا ۽ راڄ ويڙهه جي ميدان تي آيا هئا. ڏيڍ صدي گذرڻ کانپوءِ به سنڌ جي آزادي ۽ قومي خودمختياريءَ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ جدوجهد جاري هئي. مغل حڪمرانن جي ڌارينءَ راڄ جي ڪمزور ٿيڻ سان آزادي جي تڙپ جا واچوڙا وراڪا ڪرڻ لڳا هئا.

شاهه عنايت ٺٽو، بکر، سيوهڻ ۽ سنڌ جي سڀني علمي مرڪزن کي ڏسڻ، پروڙڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ لاءِ عراق ۽ ايران جو سفر ڪيو، جتي وڏن عالمن ۽ اڪابرن کان علم حاصل ڪري ڦوهه جوانيءَ ۾ هندستان هليو ويو. جتي علم سان گڏ هندستان جي خانه جنگيءَ وارين حالتن جو ويجهڙ کان اڀياس ڪيائين. هي ان نتيجي تي پهتو ته قومي غلاميءَ جي ظاهري سگهه برابر مغل قابض ڌاريو راڄ هو پر اُن جو اصل ڪارڻ جاگيردار طبقو هو جيڪو ڌارئي حاڪم سان ٻانهن ٻيلي ٿي 95 سيڪڙو هارين ۽ ٻئي پورهيت عوام جي نڙيءَ تي لت رکي انهن کي دٻائي هيسايو ويٺو هو، هن آزاديءَ جي هر جدوجهد خلاف غاصب ڌارين سان ڳٺ جوڙ ڪري جدوجهد کي اُڀرڻ سان ئي چيڀاٽي ٿي ڇڏيو. قومي جدوجهد جي اصل سگهه هاري عوام ۽ اصل دشمن گهر جو چور، جاگيردار طبقو هو اُن ڪري عوام کي شعوري طرح پاڻ ڀرو ٿي منظم ڊگهي ويڙهه ڪرڻي پوندي. علائقائي ملڪي ۽ قومي حالتون سمجهي شاهه عنايت ارڙهين صديءَ جي شروعات وارن سالن ۾ هندستان مان سنڌ واپس ٿيو.

 هن بلاولي تحريڪ ۽ ڪلهوڙن جي تحريڪ کان هٽي ڪري نئين حالتن سان ٺهڪندڙ صوفي (سيڪيولر) تحريڪ شروع ڪئي جنهن جو مرڪز هن ميرانپور (جهوڪ) ۾ قائم ڪيو. ميرانپور جي مرڪز ۾ هارين کي پوک لاب، سماجي، ثقافتي ۽ سياسي تربيت سان گڏ هٿيار استعمال جي به سکيا ڏني ويندي هئي. هتي گڏيل پورهيه ۽ منصفاڻي پئداوار جي ورهاست سبب نئون ۽ سگهارو ڪلچر وجود ۾ آيو، ڪنهن به فرد يا گروهه ڪنهن جي پئداوار نه ٿي هڙپ ڪئي. پوک، لاب، مال چارڻ، ڪاٺيون ڪرڻ، ٻنين ۾ ڪم سان گڏ جماعت جا لاڳاپيل ڪم ڪندي ڪنهن به ڪيٻايو نٿي، شاهه عنايت جا مائٽ هاري ۽ ٻيا پورهيت گڏجي زمين آباد ڪندا هئا. پئداوار پنهنجي ضرورتن جي پورائي کان پوءِ جيڪا بچندي هئي اُها جماعت جي گڏيل ڀانڊاري ۾ جمع ڪرائيندا هئا. زمين، هلٿ، ڏاند ۽ ٻيو مال ڪنهن به ماڻهو جي ذاتي ملڪيت نه پر جماعت جي گڏيل ملڪيت هيون. هن پورهيت ڀائيچاريءَ ۾ سماجي وهنوار، پنچائت هلائيندي هئي. مذهب ۽ ذات پات جو ڪو به فرق ۽ اوچ نيچ نه هئي. ايئن کڻي چئجي ته انقلابي ڪٽنب هئا، ڏک، سک ۾ سڀ هڪٻئي جا ڀرجهلا هئا.

02

ميرانپور عوامي سگهه جو اهڙو مرڪز ٺهي پيو جنهن تَرَ جي جاگيردارن، پيشيور مُرشدن ۽ ڌنڌوڙي مُلن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون، هنن شاهه عنايت جي جدوجهد ۽ ميرانپور جي مرڪز خلاف فتوائون جاري ڪرڻ کان پوءِ ڪوڙي پروپيگنڊا جو ڌمچر شروع ڪري ڏنو. ٺٽي ۾ مقرر مغل گورنر تائين اپيلون پهچڻ کان پوءِ دهليءَ جي مغل حاڪم فرخ سير تائين وفد وڃڻ لڳا. تر جي جاگيردار، گادي نشينن ۽ مُلن جي سازش هڻي هنڌ ڪيو، مغل نواب اعظم خان، اُتر سنڌ جي حاڪم يار محمد ڪلهوڙي ۽ پري پري جي جاگيردارن جا مددي لشڪر آڪٽوبر 1917ع ۾ ميرانپور جي مرڪز تي ڪاهه ڪري آيا، 3 مهينا ويڙهه دوبدو هلندي رهي، ان کان پوءِ دوکيبازيءَ وسيلي شاهه عنايت کي شهيد ڪيو ويو. شاهه عنايت جي شهادت سان دشمن پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ويا پوءِ سڀني عوام دشمنن شاهه عنايت جي جدوجهد خلاف مذهب کي هٿيار بڻائي ان جو انقلابي آدرش گم ڪري صوفي (روحاني) تحريڪ جي رنگ ۽ ڍنگ ۾ رد انقلاب، سماج تي مڙهي ڇڏيو. شاهه عنايت جي جدوجهد جي سڃاڻپ ۽ رُخ ئي تبديل ڪيو ويو.

ماضيءَ ۾ جيئن ٿيندو آيو وڏا وڏا سورهيه سالار، قومي مدبر قبن ۾ دفن ٿيڻ کان پوءِ گادي نشينن، مريدن جي جماعتن ۽ درگاهي ڪلچر جي رڃ ۾ وڃائجي ويا. انهن جو مقصد مخصوص مفاد جي ور چڙهي ويو. پوءِ خدا جي خلق کي ٽوپين، پڳڙين جي ٽريڊ مارڪ هيٺ ورهائي عظيم آدرشن تان کلاساڻيون ڪيون ويون. صوفي تحريڪ اڄ به آهي پر گيڙو رٽي جهان ۾. سماجي سائنس جي صداقت سڄو ڀرم کولي ڇڏيو آهي. ڪائنات جي سڀني مظهرن ۽ لقائن ۾ ابتڙن جو ايڪو ۽ ٽڪر آهي. سماجي سائنس جي سچائي هيٺ صوفيت به ابتڙن جو ايڪو ۽ ٽڪر آهي، صوفيت ۾ گهڻ طبقاتي جوڙ آهي جنهن ۾ مفادن جو ٽڪر آهي، سياري جي سوڙ سڀ ڪو پاڻ ڏانهن ٿو ڇڪي. جاگيريءَ جي ڊهڻ کان پوءِ صوفي تحريڪ وچولي طبقي جي مفاد ۽ ڪلچر ۾ ڦاسي عوام جي گڏيل سگهه سنڀالي نه سگهي. ايشيا جي هڪڙي ڏاهي چواڻي جيسين ڪو سادو هوندو تيسين گهنڊ پيو وڄائيندو، صوفي تحريڪ سان به ڪجهه ايئن ئي ٿيو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو