Home / سنڌ افيئر / شاگرد يونين جي بحالي جو سوال
above article banner

شاگرد يونين جي بحالي جو سوال

 امتياز عباسي

 Imtiaz Abbasi

دنيا جي ڪا بـه تحريڪ هجي انهن ۾ شاگردن جو اهم ڪردار رهيو آهي هر ملڪ جي رياست شاگردن کي پنهنجو معمار سمجهندي آهي. هر رياست ۾ نوجوان شاگردن جي حقن کي اوليت ڏني ويندي آهي. جيڪڏهن دنيا جي لحاظ کان ڏٺو وڃي تـه يورپ جي 38 ملڪن جي 15 ملين شاگردن 44 نيشنل يونين جي ذريعي پنهنجي حق جي آواز اُٿارين ٿا. اُسرندڙ ملڪن ۾ شاگرد يونين  موجود آهي پر پاڪستان ۾ ائين نـه آهي.

ايشيا ۾ شاگرد يونين جي تاريخ تي هڪه نظر وجهنداسين تـه شاگرد يونين برٽش انڊيا کان شروع ٿي هئي. تاج برطانيـه پاران بيٺڪيتن ۾ يونيورسٽي جي بنياد رکڻ سان گڏ محدود آزادي ڏئي شاگرد يونين ٺاهڻ جي اجازت ڏني وئي. سر سيد احمد خان جي قائم ڪيل علي ڳڙھ مسلم يونيورسٽي ۾ بـه شاگرد يونين موجود هئي. گڏيل هندستان ۾ ڪانگريس ۽ ڪميونيسٽ پارٽي بـه شاگرد يونين کي هٿي ڏني. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪراچي ۽ ڍاڪا ۾ شاگرد يونين جا وڏا مرڪز ٿي سامهون آيا، جنوري 1953ع ۾ ڊيموڪريٽ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ۽ ٻين انهن جي حامي شاگرد يونين ڪاليجن يونيورسٽين ۾ فيسن ۽ بسن جي ڪراين ۾ رعايت لاءِ تحريڪ هلائي، ٻي مهم انٽر جي ڪاليجز وارن يونين جي شاگردن 1963ع ۾ هلائي تحريڪ هلائڻ جو مقصد 3 سال ڊگري هلائڻ جو خاتمو هو ۽ سڀ کان وڏي تحريڪ اين ايس ايف ۽ ٻين شاگرد يونين ايوب جي آمريت خلاف 1968ع ۾ شروع ڪئي ۽ عظيم قربانيون ڏئي 10 سالا  آمريت جو خاتمو ڪري پوءِ سُک جو ساھه کنيو.

شاگرد يونين جو ٻيو دور شهيد ذولفقار علي ڀٽو شروع ڪيو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي  جي پهرين حڪومت 1972ع ۾ عوام لاءِ بنيادي تعليم لاءِ پيڪيج ڏنو ۽ نئون يونيورسٽي آرڊيننس پاس ڪيو ۽ ان تحت شاگردن جي يونين ۾ صدر، جنرل سيڪريٽري  ۽ ڪاليجن ۾ عهديدار رکڻ جو اختيار مليو. انهن سڀني ڳالهين ڪرڻ جو مقصد هو تـه هي سلسلو ڪيترو عرصو اڳ جو شروع ڪيل آهي ۽ ڪيترو اهم آهي.

پاڪستان ۾ شاگرد يونين تي پابندي جنرل ضياء جي دور ۾ لاڳو ڪئي وئي.شاگرد يونين تي پابندي هنن معاملن جي ڪري لڳي تـه 78_1977ع جي مارشلا هوندي بـه شاگرد يونين جون اليڪشنون ٿينديون رهيون هر ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ اڳواڻ چونڊيا ويندا هئا انهن جي ووٽر لسٽن کان وٺي نامزدگي فارم ڪنويسنگ اهليت هر طرف سان ان کي مانيٽر ڪيو ويندو هو. ٻي وجھه جيڪا اهم ھئي اها هي تـه هر سال شاگردن جي سياست هيٺي طبقي ۾ رت وانگي شامل ٿي رهي هئي.

01

شاگرد يونين  بابت بابر اعواڻ جو چوڻ آهي تـه جنهن وقت شاگرد يونين تي پابندي لاڳو ڪئي وئي ۽ گرفتارين جو سلسلو ڪراچي کان خيبر تائين ۽ ڪوئٽـه کان لاهور تائين عام ٿي ويو. ان وقت جي سياست ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو سرگرم هئا. هڪڙا اُهي جيڪي سياست ۾ اُڀري آيا هئا ٻيا جيڪي ڪرپٽ واپاري،لينڊ مافيا،مني لانڊرنگ، ۽ قرضي ۽ انهن جي اولاد هئا. شاگرد يونين مان جيڪي شاگرد سياست ۾ آيا انهن ۾ رضا رباني،افراسياب خٽڪ، مولانا فضل الرحمن، شيخ رشيد، پرويز رشيد ،جاويد هاشمي، لياقت بلوچ، فرخ سهيل، جهانگير بدر، سعد رفيق، ۽ مون  سميت لوئر ۽ مڊل ڪلاس جا ڪيترائي شاگرد سياست مان ئي قومي منظر تي اچي ويا انهن کان علاه جيڪي سنڌ مان شاگرد يونين مان اُڀري آيا انهن ۾ بشير خان قريشي، آصف بالادي، جامي چانڊيو ،گل محمد جکراڻي ،قادر مگسي، امداد چانڊيو ۽ شمس صديقي  پڻ شامل هئا.

 شاگرن يونين تي پيل پابندي کي ڪيترائي سال گذريا آهن اڳوڻي سينيٽ جي چيئرمين رضا رباني رولنگ ڏيندي چيو هو تـه شاگرد يونين تي لڳل پابندي غيرآئيني آهي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون سپريم ڪورٽ جي هڪ فيصلي پٺيان لڪي رهيون آهن. هن وڌيڪه چيو هو تـه شاگرد يونين تي پابندي ختم ڪرائڻ جا ٻـه طريقا آهن يا تـه اسان قانونسازي ڪيون يا سپريم ڪورٽ کي 1993ع يونين خلاف ڪيل فيصلي تي نظرثاني جي درخواست ڏجي. هن اجلاس جي آخر ۾ سينيٽ جي چيئرمين سينيٽ جي سيڪريٽريٽ کي قرارداد تيار ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي پر ڪم رات گئي بات گئي وارو ٿيو.

پاڪستان جي لڳ ڀڳ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ 30 لک کان مٿي شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن هن ڳالھه کان توهان بـه واقف هوندا هن ملڪ جي 65 سيڪڙو آبادي نوجوانن جي آهي پر انهن نوجوانن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو رورل ايريا ۾ تعليم تائين پري پري تائين تعلق ناهي جيڪڏهن آهي تـه صرف ميٽرڪ ۽ انٽر تائين باقي چند نوجوان آهن جن جا انگ اکر مٿي ڏنل آهن اُهي علم حاصل ڪن ٿا پر انهن جي حقن تي پابندي آهي انهن جي حقن تي اڃا ڪيستائين ڌاڙو هنيو ويندو؟ ٻيو سنڌين سان وري ٻيو ڪلور هي ڪيو ويو آهي انهن کي يوٿ پاليسي ناهي ڏني وئي جنهن جي پڻ سخت ضرورت آهي.

شاگرد يونين تي پابندي هجڻ ڪري شاگردن مان سياسي شعور نڪري ويو آهي هٿيار ۽ قلم جي وچ ۾ هنن کي ڪو فرق نظر نـه پيو اچي. .سياسي،سماجي،ادبي،۽ ترقي پسند لاڙن جو رجحان گهٽجي ويو جنهن سبب شاگرد صرف نصابي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ تائين محدود آهن غير رسمي سرگرمين جو نـه هجڻ شاگردن لاءِ انتهائي هاڃيڪار آهي. شاگرد پنهنجي حقن کان محروم آهن مثال انهن جي لاءِ اسڪالرشپ اچن پيو پر انهن جي ڪنهن کي خبر ئي ناهي ان کان علاه ڪيئرير ڪائونسلنگ نـه پئي ٿي ۽ ٻيا ڪيترائي مسئلا آهن انهن جي حقن تـه وٺڻ جو هن مهل ڪو پليٽ فارم نـه آهي جنهن تان اهي پنهنجي حقن جي ڳالھه ڪري سگهن ۽ حق وٺي سگهن ۽ انهن وکريل آوازن کي هڪه آواز ڪري انهن کي طاقت ۾ تبديل ڪيو وڃي. پر هن جديد دور ۾ بـه شاگرد يونين تي پاڪستان ۾ پابندي مڙهيل آهي هتي صرف وقت جا حڪمرانن پنهنجي ذاتي مفادن جي ڪري لکن شاگردن جي حقن تي ڌاڙو هڻي ويٺا آهن.

سڀ شاگرد سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، سينيٽ جي چيئرمين ،قومي اسيميبلي ، صوبائي اسيمبلي  جي ميمبرن سميت سڀني وس وارن کي اپيل ٿا ڪيون تـه شاگرد يونين تي لڳل پابندي تي نظرثاني ڪري ان جي جلد بحالي لاءِ ڪي جوڳا قدم کنيا وڃن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو