Home / اسپيشل افيئر / لانگ مارچ: تاريخ ۾ مزاحمت جو اُهڃاڻ!
above article banner

لانگ مارچ: تاريخ ۾ مزاحمت جو اُهڃاڻ!

ڊاڪٽر مبارڪ علي

 Dr Mubarak

عوامي مزاحمت جي مختلف طريقن مان هڪ طريقو مارچ جو پڻ آهي، ان ذريعي سياسي، مذهبي ۽ سماجي تنظيمون پنهنجي حامين کي گڏ ڪري شهر جي روڊ رستن تي مارچ ڪنديون آهن ته جيئن ماڻهن کي سندن حقن بابت آگاهي ملي. ان مقصد لاءِ مارچ ۾ شريڪ ٿيندڙ مختلف بينر کنيل هوندا آهن جن تي مطالبا لکيل هوندا آهن. لڳاتار نعرا هنيا ويندا آهن ته جيئن شريڪ ٿيندڙن ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ٿيندو رهي. گڏوگڏ انهن ۾ اتحاد ۽ يڪسانيت جو احساس به رهي. عوامي مارچ جي ڪري هڪ پاسي ماڻهن جي حمايت حاصل ڪئي ويندي آهي ته ٻئي پاسي حڪومت تي دٻاءُ به هوندو آهي. اهو مارچ ڪڏهن پرامن هوندو آهي ۽ پنهنجي مقرر رستن تان گذري جلسي گاهه پهچندو آهي، ڪڏهن اهو پرتشدد پڻ ٿي ويندو آهي ۽ رستي ۾ ڀڃ ڊاهه ڪندو عمارتن کي نقصان پهچائيندو اڳتي وڌندو آهي. تاريخ ۾ ڪجهه عوامي مارچن تمام گهڻي اهميت حاصل ڪئي.

01

هڪ اهم مارچ روس ۾ 1905ع ۾ ٿيو، ان وقت روس سياسي ۽ معاشي طور تي ڏيوالپڻي جو شڪار هو. انهي سال جاپان کيس بدترين شڪست ڏني هئي، اها ڪنهن مشرقي قوم جي يورپي ملڪ تي پهرين فتح هئي ۽ اها به جاپان جهڙي ننڍڙي ملڪ جي، روس جي عظيم سلطنت کي سامونڊي جنگ ۾ هارايو ويو هو. اهڙين حالتن ۾ جڏهن روس سياسي طور تي ڏکيائين جو شڪار ۽ عوام مهانگائي سبب پريشان هو، سندن اڳواڻن هڪ اپيل تيار ڪئي جنهن ۾ روس جي زار کي درخواست ڪئي وئي هئي ته سندن مطالبا تسليم ڪري مشڪلاتون دور ڪيون وڃن. ان مقصد لاءِ عوام جو هڪ جلوس جنهن ۾ هزارين ماڻهو، عورتون ۽ ٻار شامل هئا، زار جي محل ڏانهن روانا ٿيا. جلوس کي محل تائين نه وڃڻ ڏنو ويو، بلڪه فوج فائرنگ ڪري وڏي تعداد ۾ ماڻهن کي ماري وڌو ۽ زخمي پڻ ڪيو. روس جي تاريخ ۾ اُن واقعي کي “خوني آچر” طور ياد ڪيو ويندو آهي.

ٻيو اهم واقعو روس ۾ پهرين مهاڀاري جنگ دوران پيش آيو، جڏهن ماڻهن جنگ خلاف تمام وڏو مظاهرو ڪيو. ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، ماڻهن جي ان مارچ کي روڪڻ لاءِ زار جي حڪم تي فوج گوليون هلايون جنهن ۾ پڻ ڪيترائي ماڻهو موت جو کاڄ ٿي ويا. ٻئي ڏينهن ماڻهن وري احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو. هن ڀيري فوجين گوليون نه هلايون بلڪه عوام سان گڏ احتجاج ۾ شامل ٿي ويا. هن واقعي روس جي تاريخ کي تبديل ڪري ڇڏيو. روس جي حڪمران زار تخت تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو جڏهن ته ان سان ئي 1917ع جي روسي انقلاب جي راهه هموار ٿي.

مارچ جو هڪ ٻيو اهم تاريخي واقعو مائوزي تنگ جو لانگ مارچ آهي جيڪو 35-1934ع تائين جاري رهيو، اهو ڊگهو رستو جيڪو سرخ فوج ان مارچ هيٺ طئي ڪيو، 9 هزار ڪلوميٽر هو، رستي ۾ انتهائي ڏکيا هنڌ پڻ آيا جنهن جي ڪري مارچ ۾ شريڪ ٿيندڙن کي رستو طئي ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش آيون. موسم جي سختي ۽ کاڌ خوراڪ جي شين جي کوٽ سبب به ڪيترائي ماڻهو موت جو کاڄ ٿي ويا. ان ۾ تقريبن 70 هزار ماڻهن جون جانيون ضايع ٿيون ۽ منزل تي پهچڻ وقت سندن تعداد 10 هزار کان گهٽ رهجي ويو. ان مارچ جيتوڻيڪ سرخ فوج کي سخت نقصان پهچايو پر ان مارچ مائو جي شخصيت کي هڪ اڳواڻ طور سگهارو ڪيو ۽ سرخ فوج اڳتي هلي چين ۾ انقلاب کي ڪامياب بڻايو. هاڻي لانگ مارچ جو لفظ دنيا جون سموريون سياسي پارٽيون استعمال ڪن ٿيون ۽ هڪ شهر کان ٻئي شهر وڃڻ کي به لانگ مارچ چون ٿيون ليڪن تاريخ هن قسم جو لانگ مارچ ڪڏهن به نه ڏٺو.

02

1970ع جي ڏهاڪي ۾ آمريڪا، يورپ ۽ سڄي دنيا جي ملڪن ۾ ويٽنام جي جنگ خلاف مظاهرا ٿيا، خاص طور تي واشنگٽن ۾ ويٽنام جي جنگ ۾ وڙهندڙ فوجين رستن تي مارچ ڪيو ۽ جنگ خلاف نعرا هنيا. اهو انهن مظاهرن جو اثر هو جو آمريڪي حڪومت ويٽنام جنگ ختم ڪئي ۽ صلح نامي تي صحيحون ڪيون. عوامي مارچ جي ان ڪاميابي کي ڏسندي آمريڪا ۾ ڪارن مظاهرن وسيلي پنهنجا مطالبا پيش ڪيا. مارٽن لوٿر ڪنگ ۽ مال ڪم ايڪس، انهن مظاهرن کي جوشيلا خطاب ڪيا، ڪارن جي هڪ ٻئي اڳواڻ فرح خان 10 لک ماڻهن جي مارچ جي واشنگٽن ۾ اڳواڻي ڪئي.

آمريڪا ۽ عراق وچ ۾ ٿيندڙ جنگ کي روڪڻ لاءِ اينٽي وار يا جنگ خلاف آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ لکين ماڻهن مارچ ۾ شرڪت ڪئي. جنگ خلاف تقريرون ڪيون، نعرا هنيا پر آمريڪا ۽ برطانيا جي حڪومتن عوام جي جذبن جي پرواهه نه ڪئي ۽ هڪ برطانوي سياستدان چيو ته سياسي فيصلا پارليامينٽ ۾ ٿيندا آهن رستن تي نه.  پاڪستان ۾ به پورهيتن، شاگردن ۽ سياسي پارٽين جي ڪارڪنن جا مختلف موقعن تي مارچ ٿيندا رهندا آهن ليڪن اسان وٽ اڪثر مظاهرا پرتشدد ٿي ويندا آهن جنهن جي ڪري مارچ ڪندڙن ۽ پوليس وچ ۾ ڇڪتاڻ ٿي ويندي آهي ۽ ماڻهن جون جانيون پڻ ضايع ٿي وينديون آهن. سياسي ۽ مذهبي پارٽيون پنهنجي طاقت جي اظهار لاءِ لانگ مارچ جا نعرا هڻنديون آهن ۽ ڪڏهن ملين مارچ جو پڻ اعلان ٿيندو آهي ۽ ڪڏهن اسان جو سياسي ۽ مذهبي پارٽيون ٽرين مارچ جو اعلان ڪنديون آهن ته رستي ۾ ايندڙ هر اسٽيشن تي رڪجي ميڙاڪن کي خطاب ڪري سگهجي. انهن عوامي مظاهرن جي نتيجي ۾ ڪڏهن سياسي تبديليون اچي وينديون آهن ۽ جيڪڏهن اڳواڻ عوام ۾ مقبول هجي ته اهو عوام جي مدد سان فوج کي اقتدار ۾ نه اچڻ ڏيندو آهي. جيئن وينزويلا ۾ هيوگو شاويز عوامي حمايت سان فوجي طاقت کي اقتدار کان پري رکيو ليڪن ڪجهه پٺتي پيل ملڪن ۾ سياسي مظاهرن جي ڪري جيڪي جمهوري حڪومتن جي خلاف ٿيندا آهن، فوج اقتدار ۾ اچي ويندي آهي ۽ پوءِ ماڻهو ان کي ڀليڪار چوندا آهن. حالانڪه عوامي مظاهرن ۽ مارچ جو انحصار ان تي هوندو آهي ته سندن اڳواڻي ڪير ڪري رهيو آهي، ڇا اُهي ماڻهن جي بنيادي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن يا پنهنجي ذاتي مفاد ۽ مقصد لاءِ ماڻهن جا جذبا ڀڙڪائي انهن کي تشدد تي راضي ڪري فائدو کڻڻ چاهيندا آهن.

ان قسم جي مظاهرن سبب ملڪ ۾ انتشار ڦهلجندو آهي، قانون جي بالادستي ختم ٿي ويندي آهي، رياست ۽ عوام ۾ وڇوٽي اچي ويندي آهي. مارچ دوران اڪثر ڪري ڦرلٽ به ڪئي ويندي آهي، پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب ماڻهو زخمي پڻ ٿيندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو موت جو کاڄ به ٿي ويندا آهن. جيڪڏهن مظاهرو ڪندڙ پرامن طريقي سان پنهنجا مطالبا پيش نه ڪندا ۽ عوام ۾ مقبوليت حاصل نه ڪندا ته ان صورت ۾ ملڪ سياسي ۽ معاشي بحران جو شڪار ٿي ويندو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو