Home / ڪور افيئر / نواز شريف کان پوءِ آصف زرداريءَ جو وارو!
above article banner

نواز شريف کان پوءِ آصف زرداريءَ جو وارو!

رزاق کٽي

Razaq Khatti

پاڪستان هن وقت ٽه رخي بحران جي ور چڙهيل آهي، جنهن ۾ پارلياماني سطح تي مذهبي  شدت پسندي جو جِن، معاشي بحران ۽ نظام انصاف جو ذاتي ۽ سياسي استعمال  شامل آهن. انهن سمورن چيلينجن جو حل گهمي ڦري پارليامينٽ ئي آهي. پر حڪومت انهي فورم کي استعمال ڪرڻ جي موڊ ۾ نظر نٿي اچي. اها سمجهي ٿي ته انهي فورم ۾ موجود هڪ وڏي ڌر ،جنهن کي مخالف ڌر چيو وڃي ٿو، اها اخلاقي اعتبار کان ڪابه ساک نٿي رکي. عمران خان پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ خلاف انهي ئي نقطي تي تحريڪ هلائي هئي ته اهي جماعتون مها بدعنوان آهن، جن ملڪ کي معاشي طور برباد ڪري ڇڏيو آهي . هن وقت وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي وچ ۾ ڊيڊ لاڪ ان حد تائين آهي جو اليڪشن ڪميشن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي ميمبرن جا عهدا خالي پيل آهن، جيڪي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي مشاورت سان طئي ٿيڻا آهن، پر آئين تحت صلاح مشوري جو وقت گذري چڪو آهي. وزيراعظم عمران خان مخالف ڌر جي اڳواڻ سان رابطو نه ڪيو، جنهن جي ڪري اسپيڪر قومي اسيمبلي هڪ پارلياماني ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آهي، جنهن تي مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف اعتراض واري ڇڏيو آهي. هن معاملي تي حڪومت جي سرد مهري سبب اليڪشن ڪميشن ۾ اهم ڪم رلي ويا ويا آهن. مخالف ڌر جي احتجاج سبب حڪومت گذريل مهيني زوري ٻيون ترميمي فنانس بل پاس ڪرايو آهي، ڇهه مهينا گذرڻ باجود رڳو ٻن فنانس ترميمي بلن کانسواءِ ڪوبه به بل ايوان مان پاس نه ٿي سگهيو آهي. عمران خان جو رويو ٻڌائي ٿو ته في الحال هو قانون سازي ۽ آئين سازي واري معاملي تي مخالف ڌر کي گڏ کڻي هلڻ لاءِ تيار ناهي. انهي روئي مان واضح آهي ته هو نه رڳو فوجي انداز واري حڪمراني جو قائل آهي، پر جمهوريت به ايتري چاهي ٿو جيڪا کيس ڀانءِ پوي. اهوئي سبب آهي ته مشرف کانپوءِ پهريون ڀيرو عمران خان واري حڪومت بنا ڪنهن کٽڪي جي هلي رهي آهي.

پاڪستان ۾ عسڪري نگراني هيٺ هڪ ڪنٽرولڊ جهموريت ڪا اڄوڪي يا نئين ڳالهه ناهي، حساب صفا سادو آهي، آمرن جا چار دور سڌي حڪمراني جا دور آهن، باقي جيڪي به دور آهن ، انهن ۾ عسڪري قوت اڻ سڌي طرح اقتدار مٿان حاوي رهي آهي. پاڪستان ۾ جيڪي به سياسي ڌريون نظر اچن ٿيون اهي سڀ اتان جون ئي پيداوار آهن. بنا اختيارن وارو اقتدار ڏئي انهن کي ان لائق بڻايو ويندو آهي، ته هو عوام جون پاليسيون نه جوڙي سگهن، بي اعتبار اقتدار جي ڪري سياسي ڌريون پنهنجي حڪومت جي مدي پوري ٿيڻ جي پڪ نه  هئڻ ڪري ڇتڪتائي جو شڪار ٿينديون آهن، ٻنهي هٿن سان مال ميڙڻ جي نتيجي ۾ انهن  کي گهيرڻ ۾ آساني ٿيندي آهي، ۽ پوءِ مرضي جا ڪم وٺڻ آسان ٿي پوندا آهن.

01

پاڪستان جي طاقتور اسٽيبلشمينٽ رڳو سياستدانن سان ئي نه پر هر ان ڌر سان ڏاڍي ڪئي آهي، جنهن کي اُن پاڻ پاليو، پاڪستان جي سياسي منظرنامي ۾ ڪجهه سالن دوران اسان کي واضح نظر اچي ٿو ته جن جن ڌرين مٿان هٿ رکي کين پالي طاقتور بڻايو ويو اهي ئي هاڻي عتاب ۾ آهن. انهن ۾ سياسي ،مذهبي ڌريون ۽ مافيائون شامل آهن، ڪِن کي ڪاٺ ۾ وڌو ويو، ڪن کي پاسيرو ڪيو ويو.

نواز شريف ۽ شهباز شريف واري معاملي کي ڏسجي ته اسان کي پتو پوي ٿو ته نواز شريف اميد هجڻ جي باوجود اڃا تائين طبي بنياد تي آزاد نه ٿي سگهيو آهي. جڏهن ته شهباز شريف ، جيڪو نيب جي حراست ۾ هجڻ جي ڪري بيمار ئي رهندو هو ، ان ضمانت ٿيڻ بعد هاڻي پارليامينٽ ئي اچڻ گهٽائي ڇڏيو آهي. ضمانت کان اڳ ۾ پروڊڪشن آرڊر تي هن جو سڄو وقت قومي اسيمبلي جي اجلاس يا پي اي سي جي اجلاسن ۾ گذرندو هو، ضمانت ٿيڻ کانپوءِ هاڻي اسلام آباد نٿو اچي. ميان نواز شريف ، جيڪو پنهنجي نااهلي کانپوءِ هڪ طاقتور نعري سان جي ٽي روڊ تي تحريڪ هلائڻ لاءِ نڪتو هو، ان جي تحريڪ هاڻي رڳو دعائون ڪرڻ جي اپيل تائين محدود ٿي وئي آهي. مريم نواز جا سياسي بيان مڪمل طور تي بند ٿي چڪا آهن، ائين ناهي ته هنن پنهنجي نيريٽو تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي، پر  ان جو اظهار به بند ڪري ڇڏيو آهي. شهباز شريف جي خاموشي سندس ڀاءُ سان دغا ڪرڻ جي ڪري آهي، ۽ نواز شريف جي خاموشي ان ڪري آهي ته ڪجهه رليف ملي سگهي. شهباز شريف فوج سان گڏ بيٺو آهي، ان ڪري هن جي پي اي سي چيئرمين شپ وارو معاملو به ٿڌو ٿي ويو آهي. ن ليگ وارو چيپٽر ذري گهٽ حمتي صورت اختيار ڪري ويو آهي ، هاڻي پيپلزپارٽي جي قيادت جو وارو آهي.

02

بلاول ڀٽو زرداري جو رويو به جارحاڻو ٿيندو پيو وڃي .بلاول ڀٽو ۽ سندس والد آصف زرداري 20 مارچ تي اسلام آباد جي نيب آڏو پيش ٿيڻ آيا ته هنن مٿان پٺاڻ جيالن اڳڙي وڌي، طاقت جو مظاهرو ٿيو، لٺ بازي به ٿي ، ڪارڪن گرفتار ٿيا، ٻن ڪلاڪن بعد بلاول ڀٽو زرداري  جارحاڻي پريس ڪانفرنس ڪري حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پابندي پيل وزيرن جي ڪالعدم تنظيمن سان رابطن جي ڪري  کين هٽايو وڃي، هن اهو به چيو ته ڪالعدم تنظيمن جي اڳواڻن کي ان ڪري تحفظ ۾ ورتو ويو آهي ته جيئن هندستان جو جهاز انهن مٿان حملو نه ڪري.

ميان نواز شريف جيئن جارحاڻي پاليسي اختيار ڪئي هئي، پيپلزپارٽي جي قيادت ان کان ڳتي وڃڻ چاهي ٿي، آصف زرداري کي گذريل سال کان گرفتار ڪرڻ جون تياريون هلن پيون، پر اڃا تائين هن جي گرفتاري ممڪن نه ٿي سگهي آهي. چيو وڃي ٿو ته هن جي گرفتاري لاءِ اڃا ڪجهه وقت لڳندو، شايد ان جو هڪ سبب اهو آهي ته عوام کي اها ڳالهه پهرين هضم ڪرائجي جيئن گرفتاري جو  ردعمل گهڻو اثرائتو نه رهي. جڏهن ته ٻئي طرف آصف زرداري به ذهني طور تي گرفتاري لاءِ تيار ٿي چڪو آهي. اهو ئي سبب آهي ته سنڌ ۾ جيلن جي قانون ۾ تبديلي لاءِ تياريون ٿي رهيون آهي. هو سمجهي ٿو ته سنڌ ۾ گذريل ڏهن سالن جي ڪارگذاري جا گناھ جيل وڃڻ جي ڪري ڌوپجي وڃن.  سنڌ جي وڏي وزير  کي به سوڙهو ڪرڻ جون ڪوششون شروع ٿي چڪيون آهن.

مذهبي شدت پسندي پاڪستان ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهي. اها شدت پسندي سياسي فائدي لاءِ استعمال ٿيندي رهي آهي. 70 جي ڏهاڪي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو گوڏا کوڙيا پر پوءِ به بچي نه سگهيو، ضيا جو دور شدت پسندي کي رياستي سطح تي عروج ڏيارڻ جو دور آهي، ن ليگ ان جو ڀرپور فائدو ورتو، پيپلزپارٽي خلاف اهو ئي هٿيار ن ليگ استعمال ڪيو. ان بعد تحريڪ انصاف ن ليگ کي ان جو شڪار بڻايو، هاڻي معاملو ان حد تائين وڌي ويو آهي جو پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو قومي اسيمبلي جي ايوان اندر  مذهبي اپوزيشن وفاقي وزير  فيصل واوڊا جي ريمارڪس تي احتجاجن سانجهي جي نماز ادا ڪئي، فيصل واوڊا جي ٽي وي پروگرام ۾ عمران خان لاءِ بيان ڪيل لفظن، جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن ان ٽي وي  پروگرام ۾ معافي به گهري هئي، وڏو وممڻ مچائي ڇڏيوهو . پيپلزپارٽي قومي اسيمبلي ۾ ان معاملي تي سياست رڳو ان حد تائين ڪرڻ ٿي چاهي ته فيصل واوڊا کي ايترو خوار ڪجي جيئن سندس ڪنڌ ۾ پيل تڪبر وارو سريو نڪري ۽ هو معافي وٺي جان ڇڏائي، پر جڏهن معاملو قومي اسيمبلي ۾ مذهبي قوتن جي ور چڙهيو ته نه رڳو  جي يو آءِ جي ٻن مفتي ميمبرن فتوا جاري ڪئي ، پر سندس ئي پارٽي جا ميمبر به خلاف ٿي ويا، هن ئي ايوان اندر ڪجهه مهينا اڳ ۾ ن ليگ ڪفر جي فتوائن کي منهن ڏئي رهي هئي، ۽ تحريڪ انصاف ان باھ مٿان ڦوڪون هڻي ان کي وڌيڪ ڀڙڪائڻ جو ڪردار ادا ڪري رهي هئي. هن دفعي جڏهن تحريڪ انصاف جو هڪ اهم وزير ڦاٿو هو ته رڳو مولوي ئي هن جا مخالف نه هئا، پر سندس پارٽي جي ڪجهه ميمبر به مولوين  کي صلاح ڏئي رهيا هئا ته فيصل واوڊا ايوان اندر داخل ٿئي ته نه ڇڏجوس، نتيجي ۾ حڪومت بلڪل مجبور ٿي چڪي هئي، مفتي عصمت الله ايوان اندر فتوا پڙهي ٻڌائي ته وفاقي وزير فيصل واوڊا جو نڪاح ٽٽي چڪو آهي، هو اسلام مان خارج ٿي چڪو آهي، جنهن ڪري نه رڳو توبه تائب ٿي نئين سر مسلمان ٿئي پر نڪاح  به ٻيهر ڪري.03

انهي صورتحال ۾ پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي سينيئر ميمبرن ڪوشش ڪئي ته مذهبي معاملي کي هوا ڏيڻ مسئلي کي وڌيڪ خراب ڪرڻ آهي، پر مولوي مڃڻ لاءِ تيار نه هئا، ڇاڪاڻ ته مس مس مولانا فضل الرحمان جي جماعت کي اهو موقعو مليو هو جڏهن حڪومت جو اهم وزير اٻهرائي ۾ اهڙي ڳالهه ڪري ويو جيڪا سندس ڪنڌ ۾ پئجي وئي، مولوي حضرات نه اسپيڪر جي مڃڻ لاءِ تيار هئا ۽ نه پنهنجي اتحادي جماعتن کي عزت ڏيڻ لاءِ تيار هئا. ان دوران ايوان اندر اقليتي ميمبر پنجاب جي وزيراطلاعات فياض الحسن چوهاڻ جي ريمارڪس تي احتجاج ڪري رهيا هئا، مارچ جي پهريئن هفتي ۾ ته صورتحال ان حد تائين پهتي جو ٽي ڪلاڪ دير سان اجلاس شروع ٿيو ۽ تلاوت کانپوءِ ختم ڪيو ويو. حڪومت پنهنجي وزير کي ايوان ۾ نه آندو ۽ نه معافي گهري، ٻئي ڏينهن حڪومت ٻيون فنانس ترميمي بل پاس ڪرايو، پر ان ڏينهن مولوي حضرات ٿڌا هئا، چون ٿا ته ڪٿان فون جو کُڙڪو ٿيو، ان بعد معاملو ٺري ويو.

موجوده حڪومت جي پاليسين جي غير واضح نتيجن جي باوجود ان جي حمايت ۾ اڃا ڪمي نظر نٿي اچي، ان جو هڪ سبب مخالف ڌر جو ورهايل هجڻ ۽ سِر بچائڻ سنت هجڻ وارو عمل به آهي. پاڪستان جي فوج ڪنهن به صورت ۾ عمران خان کي ناڪام ڏسڻ نٿي چاهي، عمران خان مان به ويجهي مستقبل تائين ڪنهن اهڙي عمل جي اميد ناهي ته هو ڪو اهڙو ڪم ڪري جنهن سان فوج ناراض ٿئي. مودي جي اڳرائي واري معاملي به عمران خان کي گهڻو فائدو ڏنو آهي، پاڪستان ٿورڙي وقت ۾ ڪوشش ڪئي ته ڪجهه ملڪن سان لاڳاپا بهتر ڪري وٺجن. سعودي عرب واري ولي عهد جي دوري ۾ ڪيل واعدن جا اثر اڃا تائين سامهون نه آيا آهن، تازو ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد جي دوري مان جيڪا توقع ڪئي پئي وئي اهي نتيجا نه ملي سگهيا آهن. پاڪستان معاشي بحران جو شڪار آهي، حڪومت آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي باري ۾ فيصلو ته ڪري چڪي آهي، پر ان جي شرطن تي عمل ڪرڻ سان عوامي حمايت گهٽجي ويندي، ان ڪري هو ڪوشش ڪري رهي آهي ته اپريل تائين عالمي مالياتي اداري ڏانهن وڃجي، ايندڙ جون کان اڳ تائين 7 ارب ڊالر وياج جي صورت ۾ ادا ڪرڻا آهن، پاڪستان لاءِ ڏکي صورتحال آهي، ٽيڪس وصول ڪرڻ وارن ادارن جي پاليسين جي ڪري عوام جو اعتبار کڄي ويو آهي، مارڪيٽ ، جيڪا ڪاري ناڻي تي بيٺل هئي، ان مان ناڻو خوف سبب نڪري ويو آهي، جنهن ڪري بيروزگاري وڌي رهي آهي ۽ عدم تحفظ سبب سيڙپ ڪار مارڪيٽ ۾ ناڻو آڻڻ لاءِ تيار ناهي. عمران خان کي اندازو آهي ته جيڪڏهن اها صورتحال مستقل رهي ته هن جي حڪومت جي عمر گهٽجي ويندي، هن وقت تائين پاڪستان لاءِ جيڪي به خوشخبريون آيون آهن اهي عملي بدران رڳو بيانن تي ٻڌل آهن،

بحريا ٽائون جي ڪراچي واري زمين جي باري ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ملڪ جي اعلي عدالت تنقيد جي زد ۾ آهي، 460 ارب رپيا وٺي بحريا ٽائون کي ڄڻ ريگيولرائز ڪيو ويو آهي، سنڌ حڪومت ، جيڪا ان سڄي غير قانوني ڪم ۾ ملوث هئي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي سڄي عمل کي قانوني ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان ۾ اها راءِ عام ٿي آهي ته عمران خان جو گهر هجي يا ان جي ڀيڻ جي دولت جو معاملو هجي يا ملڪ رياض جو ڪيس هجي سڀ ريگيولرائز ٿي رهيا آهن. بحريا ٽائون وارو ڪيس اصل ۾ آصف زرداري لاءِ اميد جو ڪرڻو ثابت ٿيو آهي ، هي ڪيس ايندڙ ڏينهن ۾ هڪ مثال بڻجي انهن سمورين ڌرين کي فائدو ڏيندو، جن لُٽ جي مال تي محل کڙا ڪيا ۽ ان مان ٿورڙو حصو ڏئي پنهنجي مال کي جائز به قرار ڏياري ڇڏيو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو