Home / اسپيشل افيئر / هاليجي ڍنڍ تباهيءَ ڪناري!
above article banner

هاليجي ڍنڍ تباهيءَ ڪناري!

زاهد اسحاق سومرو

Zahid Ishaq

هاليجي ڍنڍ جو شمار نه رڳو فطري ڍنڍ، فطري ماحول، خوبصورت نظارن واري ڍنڍ ۾ ٿئي ٿو پر هن ڍنڍ کي 1971ع ۾ ايران جي شهر رامسر ۾ ماحولياتي تباهي ۽ ٻين نقصانن کان بچائڻ دنيا جي ملڪن وچ ۾ ٿيل عالمي ٺاهه موجب رامسر سائيٽ قرار ڏنو ويو. پر هن ڍنڍ کي ساڳئي سال جي ويجهي عرصي ۾ ڀٽو حڪومت ۾ اهميت جوڳو قرار ڏئي ان کي وڌيڪ خوبصورت بڻائڻ جو حڪم جاري ٿيو هو پراهو وري سستي جي ور چڙهي ويو. هي ڍنڍ جيتري خوبصورتي جي ڪري مشهور آهي اوترو هي ڍنڍ واڳوئن سبب الڳ سڃاڻپ به رکي ٿي. واڳون جو حوالو 1972ع ۾ تڏهوڪي وڏي وزير ممتاز ڀٽي جي هڪ دوري دوران سندس پاران واڳون جي هڪ جوڙي تحفي طور هن ڍنڍ ۾ ڇڏي هئي جيڪي هاڻ وڌي وڏي انگ ۾ ٿي ويا آهن. جهنگلي جيوت کاتو اهڙن واڳن جو تعداد 4 سئو کان وڌيڪ ٻڌائي ٿو پر مقامي ملاح ۽ آسپاس رهندڙ ماڻهو اهو انگ 25 سئو کان وڌيڪ ٻڌائين ٿا.

واڳون بابت ڄاڻ رکندڙ ٻڌائين ٿا ته مادي واڳون سال ۾ 20 کان 25 بيضا ڏيندي آهي ۽ انهن بيضن مان 90 ڏينهن اندر ٻچا پيدا ٿين ٿا. شروع ۾ واڳن ،آبي جيوت جي کاڌ خوراڪ جا انتظام رهيا پر پوءِ تڪڙا اهي برقرار نه رهيا. هاڻي هاليجي ڍنڍ ۾ آبي جيوت تمام گهڻي حد تائين موجود ناهي، جنهن ڪري اهي واڳون هاڻي ڍنڍ ڀرسان پاڻي سان ڀريل کڏن، کامن ۽ واهن ۾ ڪاهي پون ٿا، جن کڏن کامن ۽ واهن مان ڍنڍ ڀرسان رهندڙ ڳوٺاڻا پاڻي ڀرين ٿا ته اهي بکايل واڳون ڳوٺاڻن يا واٽهڙو ماڻهن تي حملا ڪن ٿا. ويجهڙائي ۾ گهڻا زخمي ۽ هڪ اڌ انسان سندن بک جو کاڄ ٿيو آهي. واڳن جي اهڙن حملن ۾ ڪجهه سال اڳ 12 سالا معصوم نينگري بينظير جوکيو مارجي وئي هئي، ان جي رڙين کي علائقي واسي اڄ به سارين ٿا. جڏهن اها معصوم پاڻي ڀرڻ لاءِ هڪ کڏ جي ويجهي آئي ته ڍنڍ مان اچي پاڻي جي کڏي ۾ لڪي ويٺل بي رحم واڳون هن نياڻي کي حملو ڪري ماري ڇڏيو هو ۽ مقامي رهواسين جو واڳن جي حملن ۾ زخمي ٿيڻ هاڻي معمول بڻيل آهي. ڪيڏي ستم ظريفي آهي ته واڳن کان به وڏا واڳون اهي به آهن جيڪي واڳن جي کاڌ خوراڪ ۽ سار سنڀال جي رقم به کائي وڃن ٿا.

01

واڳن جي ڪهاڻي کان سواءِ هن ڍنڍ جي موجن ۽ مستين جي دور ۾ سياسي ۽ حڪومتي اڳواڻن، وڏن وزيرن، مشيرن جي عياشي ۽ لطف اندوزي لاءِ پسنديده هنڌ به رهي چڪي آهي پر سمورين دلچسپين ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي پکين لاءِ هي ڍنڍ نهايت بهترين آماجگاهه رهي آهي، جڏهن خوبصورت پکين جا ولر هتي لهندا هئا ته اها ماحوليات جو تمام وڻندڙ منظر هوندو هو، پکين جي رنگن جي هڪ خوبصورت چادر سان هاليجي ڍڪجي ويندي هئي. ان جو اهم ڪارڻ اهو هو ته بندوقن جا ٺڪاءَ وارا شڪاري يا پکين جا دشمن نه هئا ته مقامي پکي تتر جون ٻئي جنسون ڪارو تتر ۽ اڇڙي تتر سميت سائبيريا، روس ۽ ٿڌن ملڪن کان ايندڙ نيرڳي، ٿرانڊو، پيڻ، ڊگوش، چيڪلو، ڳيڻاٺي، ڪونگ، آڙي، هنج، ڦارو سميت جر تي جرڪندڙ 200 کان وڌيڪ مختلف جنسن جا اهي پکي ايترا خوش هوندا هئا جو محفوظ ماحول ۾ سندن چلولايون به دلين ۾ بهار آڻي ڇڏينديون هيون ۽ جهنگلي جيوت کاتي جي رڪارڊ موجب 1990ع تائين هن ڍنڍ ۾ پرڏيهي پکين جو تعداد هڪ لک تائين رهيو آهي.

جابلو پٽي جي پٿريلي علائقي ۾ هي 18 ڪلوميٽر هم چورس ايراضي تي پکيڙيل هاليجي ڍنڍ جي اونهائي جيتوڻيڪ 17 فوٽ آهي، اوئل ۾هن فطري ڍنڍ ۾ برساتن جو پاڻي گڏ ٿيندو هو پر انگريز سرڪار 1930ع ۾ کاري کي مٺي پاڻي ۾ تبديل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ۽ ملڪ جي ٺهڻ کان هڪ سال اڳ 1946ع ۾ هن ڍنڍ ذريعي ڪراچي جي انساني آبادي کي پاڻي مهيا ڪرڻ جي رٿا جوڙي عمل به شروع ڪيو ۽ ڍنڍ کي باقاعده ترقياتي منصوبن هيٺ آندو. انگريز سرڪار اهڙو فيصلو ٻي عالمي جنگ جي 14 آگسٽ 1945ع ۾ ختم ٿيڻ بعد ڪراچي کي فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪرڻ سان گڏ ماڻهن جي کاڌ خوراڪ وارين شين ۽ پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿيڻ واري صورتحال جي پيش نظر ڪيو.

02

 پاڻي کوٽ ختم ڪرڻ ۽ هن ڍنڍ مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ انگريز حڪومت هن قدرتي ڍنڍ جي چوڌاري بند ٻڌا ۽ پاڻي جي وڌيڪ گنجائش رکڻ واري صلاحيت پيدا ڪرڻ لاءِ هن جي کوٽائي پڻ ڪئي ۽ هن ڍنڍ ۾ بيٺل کاري پاڻي کي مٺي پاڻي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه مان ڪوٽڙي بئراج مان فيڊر ڪئنال ڪڍي ان ذريعي هن کي سنڌو جو پاڻي مهيا ڪيو ويو جيڪو وري ڪراچي جي آبادي کي 1946ع ۾ مهيا ٿيڻ لڳو. پوءِ ڍنڍ عروج طرف وڌڻ لڳي.

هن ڍنڍ کي 1992ع کان سنڌو مان ملندڙ تازو پاڻي جي فراهمي بند ٿي وئي، فيڊر ڪئنال جا رخ هاليجي بدران ڪينجهر ڍنڍ طرف ڪري ان مان ڪراچي لاءِ پاڻي جا واهه ڪڍيا ويا. هي مٺي پاڻي وارن واهن رخ موڙيا ويا ته هاليجي جي حسن،پرڪشش ماحول، ميلن و هجومن به پنهنجا رخ موڙي ڇڏيا ۽ ويراني جا ديرا هتي ڄمي ويا، جن پنهنجون پاڙون کوڙي هتي جي سمورين خوبصورتين کي ڳڙڪائي ڇڏيو. بهارون رسي ويون، خزان باقي مندن جو عرصو به پنهنجي حصي ۾ رکي ڇڏيو آهي.

وڏي بدقسمتي اها به هن ڍنڍ جي چئبي ته رائيٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين (آر بي او ڊي) جيڪو واپڊا جو ماحوليات ۽ فطري سونهن لاءِ خوفناڪ منصوبو اوڀر طرف کان جوڙائي هن کي وڌيڪ تباهي طرف ڌڪي ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن آر بي او ڊي جي سيمي جي اثر سميت سمورا خراب اثر هن تي پوندا. هاليجي جي هاڪ هاڻي نٿي ٻڌي، ڇاڪاڻ ته هاليجي جي پاڻي تي پلجندڙ سوين ملاح بک ۽ بدحالي ۾ وقت گذارين ٿا. ڍنڍ جي 28 سالن کان بيٺل پاڻي مٺي بدران کاري پاڻي جو ذائقو پيدا ڪري چڪو آهي، جتي ڍنڍ جي بندن تي وڻ گهاٽي ڇانو ڪري بيٺل هئا، تن کي بک جي بلا وڍي کائي چٽ ڪري ڇڏيو  ۽ ماڻهن جا ميلا به نه رهيا آهن. جيڪڏهن هن جا ڏينهن پورا ٿي ويا آهن ته اهو نهايت حيرتناڪ ضرور هوندو ته جتي ملڪ ۾ پاڻي جي ورهاست جا معاملا تمام مٿئين سطح تي پهتل آهن تن ۾ ڪاش هن ڍنڍ جي زندگي لاءِ پاڻي جو حصو به رکيو وڃي ۽ هاليجي ڍنڍ جي حياتي بچي پوي!

life0681@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو