Home / اسپيشل افيئر / هزارين سال آڳاٽي آمري تهذيب
above article banner

هزارين سال آڳاٽي آمري تهذيب

 آصف رضا موريو

Asif Raza Morio

 آمري شهر جا تباهه ٿيل آثار ڪراچي کان 282 ڪلوميٽر پري، ڪوٽري کان 108 ڪلوميٽر اتر ۾، دادو شهر کان ڏکڻ ۾ 72ڪلوميٽر، سيوهڻ شهر کان 18 ميل هيٺ ۽ مهراڻ ندي جي ساڄي طرف موجود نئون ڳوٺ جي ويجھو، سنڌ جي زراعتي پٽي تي تقريباً 20 ايڪڙ ايراضي ۾ پکڙيل مٽي جي ننڍن وڏن ٽڪرين جي صورت ۾ موجود آهن. انهن ۾ سڀ کان بلند يا مٿاهين واري دڙي جي ڊيگهه 1970ع ڌاري تقريباً چاليهه فوٽ ماپي ويئي هئي جيڪا هاڻي يقيناً ڪجهه فٽ گھٽ ٿي ويئي هوندي.

آمري شهر پنهنجو پاڻ ۾ هڪ پکڙيل ۽ عظيم تهذيب رهي آهي جنهن سان تعلق رکندڙ ڳوٺ اڄ ويران ڀٽن جي صورت ۾ پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ موجود آهن. انهن مان ڪجھه ڪوهستان ۽ ڪاڇي وارن حصن ۾ پڻ  آهن. جيڪب آباد شهر کان 18 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي موجود “جڏهير” جي ٽڪري پڻ انهيءَ ثقافتي دور سان لاڳاپيل ٻڌائي وڃي ٿي. ڪوههِ سليمان جي پهاڙي سلسلي تي پکڙيل، جتي خاص طور تي تلائن جي موجودگي آهي اتي تاريخ جي اوائلي دؤر جون تهذيبون اڀريون ۽ انهن جا آثار کنڊرن جي صورت ۾ اڄ به موجود آهن جن منجهان اڪثر جو تعلق آمري ۽ ڪوٽ ڏيجي تهذيبن سان رهيو آهي. باران ندي جي ماٿري ۾ “ڪوهتراش جي ڀٺي” جي چوطرف هڪ ٻئي جي پويان ٻن قلعي گاهن جي ڀتين جا آثار موجود آهن. اها جڳهه ٽڪري تي تمام ڊگھي آهي ۽ ٽڪري به لڳندو آهي ته ڄڻ بلڪل آسمان ڏانهن سڌي وڃي ٿي جنهن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڏکڻ طرف کان رڳو هڪ رستو موجود آهي. ڪوههِ تراش ڀٽ طرف ايندڙ جابلو رستن کي گهڙيل پٿرن سان بند ڪيو ويو آهي، جنهن جا ٻه سبب ٿي سگھن ٿا جن مان هڪ دفاعي ضرورتن جو پورائو ۽ ٻيو پاڻي جو ذخيرو جمع ڪرڻ.  قديم آثارن جي ماهر مجمدار جي لکت مان معلوم ٿئي ٿو ته “ان ڀٽ جو تعلق پڻ آمري تهذيب سان آهي”.

01

بلوچستان اندراهڙي تهذيب سان لاڳاپيل شهرن ڪُلي گل محمد ۽ ميهي وغيره کان سواءِ ڪوئيٽه ويجهو دمب سادات جي ڀرپاسي پڻ کوڙ سارا آثار موجود آهن. انهن کان سواءِ زوب ۾ موجود دلبر ڪوٽ جي مٿاهين ماٿري پڻ هن تهذيب سان ڳنڍيل آهي جڏهن ته پنجاب ۾ هن تهذيب جون اڪثر آباديون سري ڪوهلا جي ويجهو ملن ٿيون.

تاريخ جي مطالعي بعد اهڙي قسم جون ڳالهيون سامهون اچن ٿيون ته  “سنڌو ماٿري جي تهذيبي دورن جي پکيڙ جو ڪوبه ڪنارو نه آهي، ان لاءِ بنا هٻڪ اهو چئي سگهجي ٿو ته انساني سماج جي ارتقا جي پهرين ڏاڪڻ طئي ڪندڙن ۾ سنڌ واسين به پنهنجو بهترين ڪردار ادا ڪيو هوندو”.   هي تهذيب ترتيب وار بنيادن تحت مختلف شاخن ۾ ورهايل ملي ٿي جنهن جا اهم شهر هڙاپا ۽ مهين جو دڙو هئا جن کي ان تهذيبي سلطنت جي گادي واري هنڌ جي حيثيت حاصل هئي.  اهڙي ترتيب جي واڌو جاچ ۾ ٽي وڌيڪ تهذيبي شاخون نڪري نروار ٿين ٿيون جن ۾ آمري، جهوڪر ۽ جهانگرجي دڙن کي به وڏي حيثيت حاصل آهي.

02

تهذيبي ۽ تاريخي مطالعي تحت آمري جي آثارن واري شهرجي قدامت 7000 سال قبل مسيح ٻڌائي وڃي ٿي، ڪوٽڏيجي واري تهذيب، هڙاپا ۽ مهين جو دڙو وارين تهذيبن جو لاڳاپوبه ان ئي دُور سان  آهي. اهڙن تهذيبي ماڳن  ملڻ سان اهو ثابت ٿئي ٿو مهين جو دڙو جي وقت ۾ هڪ پاسي اهي ابتدائي يا شروعاتي مرحلي ۾ هيون ته ٻئي پاسي کان انهن جي تباهي کان پوءِ به سنڌ جي قديم تهذيب هلندي وقت سان گڏ جديد جڳ تائين مختلف هنڌن تي موجود رهندي ۽ ترقي ڪندي رهي آهي.  اهڙين تهذيبن جي پراڻن آثارن مان جتي هزارين سالن جون ملندڙ شيون پنهنجي پنهنجي دورن ۽ سماجي معاملن بابت معلومات ڏئي رهيون آهن اتي ئي اهي جديد تاريخ  سان گڏ انساني زندگي تي به ڀرپور طور تي اثر انداز ٿيندي نظر اچن ٿيون.

پراڻي وقت ۾ جتي جتي تهذيبون اڀريون هيون اتي خوشحال طبقو انهن گروهن يا انسانن کي سمجهيو ويندو هيوجنهن وٽ گهڻي کان گهڻي زمين يا ڍور هوندا هيا.  پراڻي سنڌ واسين جي اصل دولت به انهن جا ڍور هوندا هئا. اهڙي دور ۾ اُنهن جا رهائشي ڳوٺ عام طور تي ٻن قسمن جي هوندا هئا، هڪ موسمي ۽ ٻيا دائمي. موسمي ڳوٺن جو تعلق عام طور تي لاڏائو خاندانن سان هوندو هيو . اهي لڏ پلاڻ ڪندڙ خاندان انساني ترقي جي شروعاتي دورن کان وٺي اڄ پڻ سموري دنيا ۾ موجود رهندا آياآهن جن جا سفر ۽ ڪرتون نين پراڻين تهذيبن جي پکيڙ جو اهم سبب بڻبيون رهيون آهن.

اهڙي قسم جا ماڻهو بنيادي طور تي جانور ڌاريندڙ هوندا آهن جن جو گذر سفر پالتو جانورن جي مختلف شين جهڙوڪ گوشت، اُن، پشم، چمڙي، کير ۽ مکڻ وغيره جهڙن وسيلن تي هوندو هيو تنهنڪري ئي اهي وس ۽ وت آهر سوين ۽ هزارن جي تعداد ۾ جانور پاليندا هئا، جنهن لاءِ کين گاهه به ضروري گهربل هوندو هيو. ان لاءِ اُهي ماڻهو مخصوص موسم ۽ حالتن ۾ اهڙن علائقن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪندا رهندا هئا جتي سندن چوپائي مال لاءِ چراگاهه ۽ پاڻي وغيره سولائي سان دستياب ٿي سگهي. ان سان گڏ وڻن جي ڇانوَ پڻ موجود هجي ته جيئن اُهي پنهنجون ڪچيون پڪيون جهوپڙيون ٺاهي ڪجهه عرصي لاءِ آباد ٿين.

هتان هٿ آيل شين مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته هي دڙا جيڪي اڄ مٽي ۽ ٺڪرين جا ڍير آهن، صديون اڳ انهن مٿانهين ماٿرين ۾ زندهه انساني آباديون ساهه کڻنديون هونديون. هڪ روايت آهي ته آمر يا عامر سنڌ جي راجا دلوراءِ جي والد جو نالو هوندو هيو جنهن جي نسبت سان هن شهر تي آمري نالو پيوهيو. اهو به ٿي سگھي ٿو ته ان شهر جو بڻياد به آمر پاڻ رکيو هجي يا وري پراڻي شهر جو نالو نئين حڪمرانن مٽائي پنهنجو نالو رکيو هجي.

آمري جي دڙي مان نڪرندڙ آثارن ۽ شين جي تفصيلي تحقيق مان معلوم ٿئي ٿو ته انهن ماڻهن جي ثقافت ڳوٺاڻي هئي. انهن جهڙا ڳوٺ سموري دنيا سميت اتر پاڪستان جي هاڻوڪن عام ڳوٺن وانگر ننڍا وڏا هوندا هئا . رهائشي گھر يا جهوپڙا ڪٿي ٻه چار،  ڪٿي پنج اٺ ته ڪٿي وري ڏهه ٻارنهن گھرن جي آبادي پڻ هوندي هئي جيڪا وقت سان گڏ وڌندا رهندا هيا.  آمري واسي چيڪي مٽي جي سرن يا مخصوص طريقي سان ڪپيل پٿرن کي گاري سان ملائي پنهنجا گھر اڏيندا هئا ۽ گھرن جون ڇتيون ٺاهڻ جي لاءِ جنگلي وڻن ۽ ڪاٺين جهڙين شين جو استعمال ڪندا هئا. ڳوٺن تائين پهچڻ لاءِ سڌا ۽ اڻ سڌا رستا هوندا هئا، جڏهن ته سواري لاءِ ڏاند گاڏي انهن جي پسنديده سواري هوندي هئي.

03

آمري جي آثارن تي آثار قديمه وارن جي نظر سڀ کان پهرين 1929ع ۾ پئي جنهن کان پوءِ ڪيترن ئي سالن تائين اتي ماهرن جو اچڻ وڃڻ ۽ ننڍين وڏين کوٽائين جو سلسلو جاري رهيو. سال 1926-1925ع ۾ جي. ايم ڪيشل پاران باضابطه طور تي وڏي پيماني تي کوٽائي ڪرائي وئي . جيئن ته هتان گھڻو ساز سامان ڪو نه مليو آهي پر جيڪو ڪجھه به مليو آ ان مان ماهرن آمري شهر جي رهاڪن ۽ انهن جي سماجي زندگي سان لاڳاپيل تمام گھڻي معلومات حاصل ڪئي آهي. اهڙي پکڙيل شهر کان مليل شين جي گھٽتائي جو سبب شايد ان علائقي جي مٽي ۾ موجود سم ۽ ڪلر جو وڏي تعداد ۾ موجودگي آهي جنهن سبب شيون ڳري تباهه ٿي ويون هونديون.

هتان ملندڙ ڪيترين شين جھڙوڪ خوبصورت گول مٽ، بازو بند وغيره نه رڳو انهن جي هنر ۽ ڪاريگري جو بهترين ثبوت آهن پر انهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهي ماڻهو نه رڳو جواهرسازي ۽ قيمتي پٿرن جي ڌنڌي ڌاڙي سان لاڳاپيل رهيا هوندا پر پٿرن کي ڪٽڻ، انهن ۾ سوراخ ڪرڻ ۽ دلڪش بڻائڻ واري فن ۾به اعليٰ ڪاريگري رکندڙ هئا.  آمري جا جوهري عقيق، سنگِ يشم ۽ سنگ سليماني مڙهڻ، گهڙڻ ۽ انهن جي صفائي ڪرڻ جا پڻ ماهر ڀائنجن ٿا.

آمري جي آثارن جي کوٽائي دوران چقمقي پٿرن جا ڪارخانا به مليا آهن جنهن مان ثابت ٿو ٿئي ته اهي ماڻهو انهن پٿرن مان پنهنجي مقصد جا هٿيار مثال طور: چاڪو، ڪهاڙي، رنبي وغيره ٺاهيندا هوندا ڇو ته هتان انهن ئي پٿرن مان ٺهيل گھڻا اوزار مليا آهن. هتان اَن پيهڻ جي لاءِ استعمال ٿيندڙ پٿر مان ٺهيل مخصوص ٿانو جھڙوڪ اکري به هٿ آئي آهي.

آمري جي آثارن کان سواءِ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ جيڪي لاتعداد چقمقي اوزارن جون ترقي يافته شڪليون مليون آهن. ٿي سگهي ٿو ته هي اوزار اهڙي گروهن جي استعمال ۾ رهيا هجن جيڪي سڀ کان پهريان روهڙي يا ڪوٽ ڏيجي ۾ آباد ٿيا ۽ جن ٻين تهذيبي ڳوٺن تي به سماجي اثر وڌا ڇوته اهڙي قسم جا ڊگھا سنها سنگي ڦر وارا اوزار ڪوٽ ڏيجي، هڙاپا، مهين جو دڙو، ڪلي گل محمد (بلوچستان) ۽ هڙپا جي ٻين ڳوٺن مان به هٿ آيا آهن. ان کان علاوه ٽامي ۽ پتل جا ڪانٽا، مڻيا، بٽڻ، منڊين سميت ٻيون ڪيتريون ئي شيون مليون آهن، جيڪي پنهنجي ٺاهيندڙن  جي شاهڪار ڪاريگري جي شاهدي ڏ ين ٿيون ته اهي مختلف ڌاتن جي استعمال کان چڱي طرح  واقف هئا ۽ ضرورت پوڻ تي ڌاتن کي پگهيري انهن مان پنهنجي ضرورت واريون شيون ٺاهيندا هئا.

چيڪي مٽي وسيلي ٿانون ٺاهڻ جو فن پڻ انسانن جو قديم ترين ڌنڌو آهي جنهن ۾ آمريءَ واسي ۾ سرس ۽ سرها ڏسجن ٿا.  هتان ملڻ وارن ٿانون کي ڏسي محسوس ٿئي ٿو ته اهي (ٿانون ٺاهڻ واري چرخي) بجاءِ هٿن سان ٺاهيا ويندا هئا، ڇاڪاڻ ته انهن جي تياري، خوبصورتي، ترتيب ۽ ترڪيب سان هنرمندي ته واضع ٿئي ٿي ته پر اها صفائي، سٿرائي  ۽ خوبصورتي نظر نه ٿي اچي جيڪا چرخي يا چڪ تي تيار ٿيندڙ ٿانون ۾ هوندي آهي. ان کان علاوه هتان جا ٿانو هڪ رنگا آهن، ڪجهه ٻن رنگن وارا به مليا آهن پر گهٽ تعداد ۾.  ڪيترن ئي ٿانون تي ڦڪو، گلابي، ملائي، ناسي، ڳاڙهو ۽ خاڪي رنگ ملي ٿو جيڪو شايد ٿانون کي باهه ۾ پچائڻ بعد لڳايو ويندو هوندو.

اهي ٿانو کيرٿر جي جابلو سلسلي ۾ موجود بيشمار شهرن جي کنڊرن مان هٿ آيل ٿانون سان ملندڙ جلندڙ آهن جهڙوڪ  “تونگ بٺي” جي کوٽائي مان لمبرڪ کي جهانگارا ۽ آمريءَ وارن شهرن مان مليل ٿانون جهڙا ٿانو هٿ آيا هئا.  جهانگارا کان تقريبن ساڍا ڇهه ڪلوميٽر اوڀر پاسي موجود ڍالاڻي ڪوٽ باران ندي جي ڪناري موجود آهي جتان ملندڙ ٿانون جي هڪجهڙائي به آمريءَ جي شروعاتي دور وارن ٿانون سان ملندڙ آهي. روهيلڪاڪنڌ جي آثارن واري جاءِ گاج ندي طرف ساڍا اٺ ڪلوميٽرن تي موجود آهي جتان پڻ آمري تهذيب سان ملندڙ جلندڙ ٿانو مليا آهن. بلوچستان ۽ ايران کان مليل انهيءَ دور وارن ٿانون جي ڀيٽا جيڪڏهن آمري يا ان دور جي ٻين قديم هنڌن مان هٿ آيل ٿانون سان ڪئي وڃي ته شايد سنڌ جي تاريخ کي ڪو اهڙو موڙ ملي سگهي ٿو جيڪو اسان سڀني لاءِ نئون ۽ لاڀائتوهوندو. هتان هٿ ايندڙ بيشمار ٿانون تي جانورن، مڇين، وڻن ۽ ٻوٽن جون شڪليون ٺهيل آهن.  ڪيترن ٿانون تي اقليدسي يا هندسي (جاميٽريڪل) نمونا جهڙوڪ مستطيل، چورس، مختلف ڪنڊن وغيره جا چٽ پڻ اڪريل آهن. اهڙي قسم جي علامتن سبب گمان ٿئي ٿو ته آمري وارا ماڻهو شايد علم اقليدس يا علم رياضي جا به ججها ڄاڻونگر رهيا هوندا.

04

ان تهذيب جي ڊگهي پراسراريت جو اهم سبب خود اسان پاڻ به آهيون جودنيا ڀر ۾ تحقيق ۽ کوجنا وارو تيز ترين عمل جديد سائنسي سهولتن باوجود اسان وٽ ڄڻ ته رڪجي ويو آهي پر اهڙي عظيم حقيقت ڀري ڪهاڻي ايترو سولائي سان ختم نه ٿي ڪري سگهجي توڙي جو اسان تاريخ جي مثبت ڇنڊ ڇاڻ ۾ بهرو وٺون يا نه وٺون..  ڪائنات جي شروعات کان وٺي اڄ تائين زمين جي سطح مسلسل تعميري ۽ تخريبي بنيادن تحت پنهنجي اصلوڪي ساخت تبديل ڪري رهي آهي. اهڙين تبديلين جي سمورن سببن ۾ پاڻي جي بي لغام ذخيرن جو استحصال پڻ شامل آهي جيڪو انساني آبادين کي آباد ڪرڻ سان گڏو گڏ انهن کي ميسارڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. سنڌو ماٿري ۾ سنڌ جي ڪيترن قديم شهرن جي برباد آثارن جي پرک ٻڌائي ٿي ته  ٻوڏ واريون حالتون انهن آثارن جي تباهيءَ جو سبب ٿي سگهن ٿيون.  اهڙن شهرن جي تباهي جي ذميداري سنڌو ندي جي تبديل ٿيندڙ رستن ۽ سيلابي رخن جي ڪري به ٿي سگهي ٿي. پرٿوي تي پاڻي جي موجودگيءَ سبب زندگي جي بقا ۽ فنا کان ڪوبه انڪار نه ٿو ڪري سگهي.

سنڌوماٿري جي تهذيب سان لاڳاپيل سمورين انساني آبادي وارن علائقن تي هڪ اصول ڀري، سچي ۽ کري تحقيق جي سخت ضرورت آهي ته جيئن هن وقت تائين سامهون ايندڙ سمورين سڀيتائن جي ملندڙ جلندڙ ڪڙين کي هڪ ٻئي سان ڀيٽي ۽ ملائي انهن جي گم ٿيل ڪهاڻين جي ڪڙين مان بقا ۽ فنا جو اڻپورو داستان مڪمل ڪري سگهجي، پر اهڙين ڪوششن جي اميد تڏهن ڪري سگهجي ٿي جڏهن رياستي، انتظامي ۽ قومي معاملن ۾ اجتماعي طور تي اسان جي نيت بهتر ۽ هڪجهڙائي تي ٻڌل هجي. مان اميد ڪريان ٿو ته ايندڙ نسل کي اسان کان سٺي سياسي قيادت، تعليم ۽ معياري زندگي ملي ته جيئن هو پنهنجي محنت ۽ سچائي سان ان سلسلي ۾ ڪو ڳڻپ جوڳو بهتر ڪم ڪري سگهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو